Meva Ram Parmar

Tuesday, June 26, 2018

سنڌ جو شعور

سنڌ جو شعور

تحرير: ميوارام پرمار

جتي خانگي اسڪولن ۽ مدرسن باوجود سٺ لک کان به وڌيڪ ٻار گهٽين ۾ رُلن.
جتي صحتمند اسپتالن ۾ بيمار ٿئي ۽ مايون روڊن تي ٻار ڄڻين.
جتي سرڪاري استاد ۽ ڊاڪٽر سرڪاري پگهار هوندي به پرائيويٽ دڪان هلائن,
جتي ٻارن, جانورن ۽ پکين جو موت هجي, پوڙھن, هارين نارين لاء پريس ڪلبن تي موت هجي,
روز مهنگائي جو جن ٻاهر نڪري, روز بيروزگاري نوجوان ڳهي وڃي,
جتي عوام غريب کان غريب تر ۽ ڀوتار امير کان امير تر ٿئي,
جتي سرڪاري بلڊنگ, روڊ رستا ۽ ازيت جو سامان مهيا ڪن,
جتي مريضن ايمبولينسنه ملي سرڪاري گاڏيون ڀوتارن کي ملن,
جتي فائر فائٽر بنگلن تي ڇٽڪار ڪري, پوليس موبائلون چمچن جو باراتون کڻن,
جتي غريب هاري ڪڻڪ پوکيندي به گاھ کائن۽ ڀوتار جا گڏھ, گهوڙاپشتا بادام کائن,
جتي هاري ڪپھ پوکيندي به اگهاڙو ڦري ۽ ڀوتار ڏينهن ۾ جوڙا مٽائي,
جتي غريب جي گهر نه بجلي اچي ۽ ڀوتار وٽ جنريٽر, سمشيون ۽ يو پي ايس تي چمچا چوڪيداري ڪن,
جتي پوليس غريبن جي حفاظت بجاء ڀوتار جي ونگار وهي,
جتي وڻ وڍي زمين کي تندور بڻائي وڃي ۽ ڀوتار ايسين ۾ عيش ڪن,
جتي هاري, مزدور مٽي ۾ مٿو هڻين ۽ سرمائيدار عيش عياشيون تن جي ڪمائي تي ڪن,
جتي حق گهُرڻ تي مسئلي جي حل بجاء  لٺن, آنسو گئس ۽ گٽر جي پاڻي سان آجيان ۽ آڌرڀاء ٿئي,
جتي چوري, قتل ۽ هر ظلم جو نه ازالو ٿئي انصاف ملي,
جتي عزت لُٽجڻ, مال ملڪيت ڦُرجڻ, قبضا قتل ام هجن اخبارون ڀريل تن سان جام هجن,
جتي ترقي, تعليم, مراعتون ۽ بنيادي سهولتون صرف ڀوتار ۽ سندن دلن لاء هجن,
جتي سچو, ايماندار ۽ محنتي ڀونڊا, موچڙا مار ۽ جيل ڀوڳي ۽ چمچو دلو ۽ لوسي مال کائي,
جتي بيشرمي, بيضميري, چاپلوسي, خوش آمدي ۽ دلالپائي جي بازار گرماگرم هجي,
اتي پوء جيئڻ ساڳيئن ئي روايت تي زور ڏجي ته سئو فيصد سمجهي وڃ اسان ساڳيان هون,
اتي وڏڙن جي لوٽاڀرڻ, سائين سائين جي روايت برقرار جي موروثيت کنيون اچن ته اسان ساڳيان هون,
جتي پاڻ لوٽا ڀرڻ, ٻوهارڻ ڪڍڻ ۽ بوٽ چٽڻ کان اڳتي نه سوچين ته اسان ساڳيان هون,
اتي ساڳين ڀوتارن جي ڀرمار هوندي, جهموريت رنڊي جيان ڀوتارن جي يار هوندي ۽ هر سچي کري لاء روز مار هوندي,
اتي روز پنڻ جي لڳندي نئين بازار هوندي ۽ ڀر ڀوتار جي روز نئين ڪار هوندي,
جي اسان جي ضمير ۽ شعور جي اها معيار هوندي ته سمجهي وڃ سنڌ به اسان مان بيزار هوندي,

جي اسان جي ضمير ۽ شعور جي اها معيار هوندي ته سمجهي وڃ سنڌ به اسان مان بيزار هوندي,

سوشل ميڊيا جا رنگ

سوشل ميڊيا جا رنگ
تحرير : ميوارام پرمار
دنيا ۾  ٽي قسمن جون ميڊيا ڪم ڪن ٿيون. تنهن ۾ هڪڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ٻي پرنٽ ميڊيا ۽ ٽين آهي سوشل ميڊيا، سوشل ميڊيا جو شايد ئي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ايترو فضول استعمال ٿيندو هجي جيتري قدر پاڪستان ۾ ٿيندو پئي رهيو آهي. پاڪستان سوشل ميڊيا جي استعمال مطابق قانون ۽ قائدا ڪاغذن ۽ فائلن جي صورت ۾ انيڪ آهن پر شايد ڪٿي ۽ ڪنهن جڳهه تي عمل ٿيو هجي، هتي مان سوشل ميڊيا جي استعمال بابت پنهنجا تجربا ۽ تجويزون بيان ڪندو هلان.
سوشل ميڊيا جنهن۾  عام طور تي فيس بُڪ، ٽوئيٽر، واٽز ائپ، وغيره وغيره تي هڪ فرد جون انيڪ آئيڊيز آهن سو به مختلف نالن سان جنهن ذريعي هو پنهنجي اندر جي احساسن ۽ جذباتن جي انيڪ رُخن جو الڳ الڳ آئيڊي تي  اظهار ڪندو آهي ڪٿي وڊيوز، فوٽوز، فائلز، ڪوٽز جيڪو پنهنجي اصل زندگي سان منسلخ به هوندا آهن يا وري  انهن غلط آئيڊيز(اهي اڪائونٽ ڪٿي ڇوڪرين جي نالن سان به ٺهيل هوندا آهن ته ڪٿي ڇوڪرن جي نالن سان) جي صورت ۾ ڪڏهن گھٽ عمر وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان غير اخلاقي ڳالهه به ڪئي ويندي آهي تنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڪچهريون، اخلاق جا لوڙها ۽ حدون به ڪوڙي پيار جي پردي هيٺيان رهجي ويندا آهن تنهن بعد ٿيل پيار جي پرچار جي ڳالهه ٻولهه دوران وڊيو ڪچهري ۽ گندن تصويرن جو تبادلو به ٿيندو آهي سو هوندو ته حقيقت ۾ هڪ ڊرامو ئي آهي جنهن بعد انهي ڊرامي ۾ هڪ عجيب و غريب موڙ اچي ويندو آهي اهو موڙ آهي پيار جي ڄار ۾ ڦاٿل ليلان ۽ مجنون کي ساڳيوئي وڊيوز ۽ تصويرن بابت بليڪ ميل ڪرڻ جو، انهي بليڪ ميلنگ جي پيرڊ دوران اڪثر ڦاٿل فرد جسماني وحشيت جو نشانو به بڻجندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهي ڪچهري دوران ذهني فحاشي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرب جون ڪچهريون ڪيون ويندو آهن پيار ۽ پاٻوهه جا ٻول ٻوليا ويندا آهن اهو ڊرامو فقط سامهون واري کي متاثر ۽ متاثر ڪرڻ جي لاءِ، هڪڙو متاثر ڳالهين ۾ ڦاسائڻ وارو ۽ ٻيو بليڪ ميلنگ واري ڄار ۾ ڦاسائڻ وارو، جڏهن مرغو پوري طرح چنبي ۾ اچي ويندو آهي پوءِ ته سامهون واري جي بلي بلي، ڪڏهن ايزي لوڊ، ته ڪڏهن تحفن جي برسات جي صورت ۾، اهو فعل انفرادي به هوندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهي ڪم پويان وڏا منظم گروهه به ملوث هوندا آهن اهڙا هزارين واقعا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي ظاهر ٿي به چڪا آهن اهڙي ڪٺن صورتحال کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ  ڦاٿل فرد  ۽ والدين ڪڏهن وري ٻي ڪنهن اهڙي ئي بليڪ ميلنگ گروهه اڳيان شڪايت رکندا آهن ڪٿي اهو پوليس سان به رابطو ڪندا آهن ته ڪڏهن عزت جي ڳالهه سمجهي ان کي اتي ئي دفن ڪرڻ کي ترجيع ڏيندا آهن. اهي نتيجا آهن انهن ئي والدينن جي پنهنجي اولادن تي ادب توجهه جا. هي سوشل ميڊيا جي دنيا آهي هتي دنيا جي هر هڪ ملڪ، صوبي شهر، ڳوٺ، گهٽي، ڪُنڊ ڪڙڇ جي خبر هجي، سياسي سماجي، قومي مذهبي يا ٻي ڪنهن به نوعيت جي مسئلي، تهوار، يا ڏِڻ بابت خبر، وڊيو يا فوٽو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڪافي ڪلاڪ اڳ ۾  ظاهر ٿي پوندا آهن ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي آيل خبرون الڪيٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي شايع ۽ نشر به نا هن ٿينديون، هي سوشل ميڊيا جو پردو آهي اتي هر هڪ جي تذليل به تعريف منٽن جو ڪمال آهي جا ڳالهه ماڻهون ڪنهن جي سامهون چئي ناهي سگهندو يا اها ڳالهه زبان کان چوڻ جوڳي به ناهي هوندي تنهن جو به اظهار سوشل ميڊيا جي پردي تي تمام گهڻُوآهي. ان ۾ گهڻن وڏن سياستدانن ، سماجي اڳواڻن ، مشهور شخصتين توڙي عام ماڻهن جي تذليل و تعريف لاءِ غير اخلاقي وڊيوز، فوٽوز ۽ لکڻيون ٺاهيون وينديو آهن سو هڪ غير مهذب ۽ غير شائسته سوچ جي عڪاسي ته ضرور آهي پر ڇا ڪجي  ماڻهن جي رايا آهن سوچون آهن ۽ تاثرات آهن ڪنهن جي به سوچڻ تي پنهنجي مرضي مڙهي ته نٿي سگهجي ۽ سوچڻ تي  پابندي ۽ بندش به نٿي لڳائي سگهجي پر اندر جي اظهار کي اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري به بيان ڪري سگهجي ٿو .اسان وٽ جيڪا ٻولي بازار ۾ ڳالهائي وڃي ٿي سا سوشل ميڊيا تي به ساڳي ڳالهائي وڃي ٿي. جيڪو هڪ غير مهذب معاشري جي سڌي سئين علامت آهي
تمام والدين کي مان اتي اهو ضرور صلاح ڏيندس ته پنهنجي ٻارن جي سوشل ميڊيا  جي سرگرمين تي گهري نظر رکن ۽ حڪومت کي اهو چوڻ چاهيندس ته 18 سالن کان گهٽ جي عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا ته پهچ ممنون ڪرائجي، ڪنهن به سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي شرط شناختي ڪارڊ نمبر ۽ فنگر پرنٽ رکجي ته جيئن هڪڙو فرد هڪڙي ويب سائيٽ تي فقط هڪ ئي آئ ڊي ٺاهي سگهي ته جيئن ان آڊي تي رکيل ڪنهن به قسم جي مواد جي ذميوار کي با آساني سڃاڻي سگهجي ۽ هن تائين پهچ آسان ٿئي.
سوشل ميڊيا جنهن  ماڻهن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو مضبوط ۽ تيز ڪيو آهي  تنهن جي مدد سان ماڻهون هڪ علائقي جي ڪنهن به نوعيت جي ڳالهه ٻي علائقي جي ماڻهن تائين با آساني پهچائي سگهي ٿو ته دنيا جي هر هڪ مسئلي بابت خبرون ۽ ان تي دنيا جي ماڻهن جا تاثرات ۾ ٻڌي ، پڙهي ۽ ڏسي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا جنهن ڳوٺ گهٽي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ننڍي توڙِي وڏي سٺي توڙي خراب اديب، شاعر، استاد، پيئنٽر، آرٽسٽ ۽ مختلف فن رکندڙ ماڻهن کي هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪيو جنهن ذريعي آسپاس توڙي پر پري تائين رهندڙن جي اندر ۾ لڪيل فن کي ماڻهن آڏو عيان ٿيا آهن سا هڪ مثبت شئ آهي پر منفي شين تي قابو به هڪ مثبت سگنل آهي جنهن ذريعي سوشل ميڊيا کي بهترين جگهه ٺاهي سگهجي ٿي.

Massege to students

Massege to students

written by Meva Ram Parmar
every parents wish to send their sons or daughters to schools for the better education that
would help them to spending the life in the better way and easily so they try their best to
fulfill their wishes and dreams, you are most lucky that you are in school and getting the
better education  that would help you, your parents, village as well as Umerkot and your
country to get prosperity, improvement and development,
now it depends on you how much you spend your precious time on the real path of education
that could decorate your future and you could be the role modal for others, so think little
bit how your parents earn money and think are you using that money in better way? are you
fully trying your efforts on expectations of your parents? is your time going according to
vatue of time? if not than make it straight and wide where you can run rapidly with clock
and make your time costy. do concentrate on your studies and literature that is also very
impotant along with your books, books of class would help you to reach on your goal and
books of literature would help you to think, write and speak non stop and widely.

Balanced Study

Balanced Study

Writter: Meva Ram Parmar

Complex has all over been spreaded in the mind of students regarding study. It has been increasing day by day as study goes fast, compitation, innovation in study, modernization in study & only syllabus base study create restlessness, confussion, complex & stress, in this way students are loosing their stability to maintain continuity of stemina. Lengthy lessions, heavy subjects, boring lectures & compitative enviroment further prolong their sadness & worry, insufficiant time, too much study & unlimited responsibilities make students longer depressed & psycho patients. How can such high pressure a single simple minded student maintain or manage? many students leave their study in such circumtances, become lazzy or change their interest.
Here I would share informative & productive points of students life.
1- Study, 2-Parents, 3-Friends, 4-Social Life, 5-Prayers & 6-Sports or interest of outing.
Now do make time table or schedule of these all points & invest equal time according their importance, do remember when you are playing any game don't bring any kind of distrubance by outer thing in mind, just play and enjoy these moments, just sport do fix enough time to very sector of life & give 100% concentration to all points equally to get expected result.
Do remember enjoy single thing in its own fixed time.

A man lives in you.

A man lives in you


Either you are born poor or rich it doesn't matter for you or doesn't make a modal for world, instead of worrying about poverty or chantting of having a lot of wealth isn't the main aim of life that how you suffered or enjoyed the life but according to me the life is that what you made it by your own experiences or by your efforts.
What kind of your family is leave it on its on path & life your life & make your own identification by recoganizing to the man who lives inner side of you & how much he has power & aptitude to do or ablity to do or potential about anything to perform in better way, know him, help & encourage him & let him work & walk freely & see what results are to come you will be amazed by watching them, make a thus your path of life by depending on your own abalities & capabalities, leave a scare on the horizon of history by you separate & individual not heritade struggle that would how you lived either enjoyed or suffered it but it can have an symbol & examplry point & proud for you, your dearest & nearest who could learn from you.
I believe in own spirit & want to make my own introduction by help of a hidden actore in me, I will be helping it grow & go ahead towards the positivities & progressive points those will shine like stars in sky while night which charms everyone, I want to shine so instead of being lazy & living depended & dying like a dog. Everyone is created separate one an other so make many stars howmuch you can shine your efficiancies or performances.

Life The Gift Restore it.

Life "The Gift restore it"

The colours of blessings  are bestowed to you that is called your destiny or luck, either you born poor or rich, healthy or disable that doesn't matter or make any resistance before any kind of circumtances, ups and downs are parts life, being poor or deprived from basic things that may be speak breakers but they can't stop you if you're really powerful or stable whatever you want to do or where ever you want to go, your initatives and stance must be bold & brave, your struggle having continuity of powerful strength that will derail extra stones on your path, there is saying; "Don't throw the stone to every barking dog when your to go very ahead". Such conditions will make you further confident when you'll be pointed out, criticized or face difficulties and you'd not stop, just go ahead and never let anybody to involve or insert any point in your openion.

The identitification yours is either you may say God gifted or imposed, name, caste, birth time, birth place or peroid in which you were born they were not selected by you, nilly-willy now you may have proud on them, but real thing is this that how much potential you have to change the meaning, situation or words you're imposed off, you atitude, performance and the way you live the life that should be modal or example or others, a simple or unique character you have that may attract or inspire others, such manners & deeds may brighten your future!
The life gifted to everyone is great chance to leave a mark on horizon of history and to shine in dark night, it depends on you that what sort of lable you want to attach with your life, your life is loan just pay it back by pleasing the God by great acts, such acts may adorn your life.
Life in which you've continously been learning from little things, these teachings and experiences must be included whenever any step is to be taken.
Don't say hope for the best just say it straight try to best. And leave the best name of fame when you go back that will be called you really lived life.

Monday, June 25, 2018

الوداعي الفاظ

زبدگي رو دستور رهيو اھ ته ماڻھون ڪجھ وقت ڪٿ ته ڪجھ وقت گذاري تو, زندگي آپ هيڪ سفر رو نالو اھ جڪي سارون ماڻھون نه مختلف وقتان تي مختلف ماڻهوان سان گڏ مختلف مقصدان سارون وقت ڀيرئڙا ٻيسي گذارڻو پئي تو, منا انتهائي وڏي خوشي ٿي تي ڪي هون آپري شروع واڙي تعليم ايئي آپري ڳان واڙي اسڪول اندر, آپري والدين جهڙان استادان وٽان پرائي چڪو آھان, همين وقت منا گهڻي دير اٿ ڀيچڻ, ٽڪڻ ۽ روڪڻ موڪل ڪوٿو نين ڏي ايئي ري ڪري همين اڀان سجان روحاني مائتران, پياران شاگرد ساٿيان سين جسماني طور تي ڌار ٿيان تو, پر روحاني طرح سين آپڻو ناتو, واسطو ۽ تعلق اهڙو تان جُڙي چڪو اهي جڪو هميشه لاء قائم و دائم رهاڻو اهي, اوئي لاء اي وقتي وڇوڙا, جدائي ۽ الوداعي را ٽاڻو ڪجھ به نٿا ڪري سگهين, منا ڏاڍي خوشي, مسرت ۽ سرور ملي اهي جڪو مين ايئي عظيم اداري ۾ ڏاهان, دانا, محنتي ۽ جاکوڙي استادان وٽان تعليم پرائي, زندگي را سجا گُر, فن ۽ هنر و سليقه سکيا, مين زمان پڙھڻ, سمجهڻ ۽ سلڻ سکيو, اڄ هون جڪو ڪجھ اهان ايئان عظيم استادان ري ڪري اي اهان, تو منا اٿ وقت گذارتي اين لڳو جڻ آپري ماءُ ٻاپ ڀيڙو ٻيٺو اهان, تو ڀايا همين سڻاڻو جڪو ماء ٻاپ کان جسماني طور تي ٿوري وقت لاء به سهي جيڪر جدا ٿيسي تو ڏُک تان ظاهر اي ٿيسي ٿوري وقت ايئي سارون پيو ڪهان ڪي ته اي مهانجو آپرو گهر اهي اي استاد مهانجا مائيتر اهين تو ايئان محسنانان ڪو وساري سگهان, ايئي گهر نا سدائين ياد رکيس گڏوگڏ آتو به رهيس, تو پيارا ڀايا همين وقت را ڪانٽا ڪهين پيا همين اسانجي جئاڻ رو ويلو آيو رو اهي, همين اسانجي جڳھ تي ٻيڄا اسان را ننڊيا ڀايا آڻي پڙھسين ۽ اسان نان آپري پڙھائي اڳتي جاري رکڻي اهي, ايئان استادان را احسان اسان نان سدائين ياد رهاسين, ايئان ري محنت ري ڪري اسان نان اڳتي پڙھائي ۽ زندگي ۾ ڪو ڏکيو وقت ڪو ڏيکڻو پئي, اسين سدائين استادان ري ڏسيل واٽ, صلاح ۽ هڌايتان تي عمل ڪري اڳتي زندگي رو سفر جاري رکسان, دوستو ڏک ڪرڻ رو وقت ڪو اھ خوشي به اهي ته اٿ اسان رو طح ٿيل چڱي ريت پورو ڪريو اهي, سدائين ڀيڙا,
ڪڏھن ڪڏھن سارجو
ٻه چار لڙڪ هارجو

الوداعي الفاظ

زبدگي رو دستور رهيو اھ ته ماڻھون ڪجھ وقت ڪٿ ته ڪجھ وقت گذاري تو, زندگي آپ هيڪ سفر رو نالو اھ جڪي سارون ماڻھون نه مختلف وقتان تي مختلف ماڻهوان سان گڏ مختلف مقصدان سارون وقت ڀيرئڙا ٻيسي گذارڻو پئي تو, منا انتهائي وڏي خوشي ٿي تي ڪي هون آپري شروع واڙي تعليم ايئي آپري ڳان واڙي اسڪول اندر, آپري والدين جهڙان استادان وٽان پرائي چڪو آھان, همين وقت منا گهڻي دير اٿ ڀيچڻ, ٽڪڻ ۽ روڪڻ موڪل ڪوٿو نين ڏي ايئي ري ڪري همين اڀان سجان روحاني مائتران, پياران شاگرد ساٿيان سين جسماني طور تي ڌار ٿيان تو, پر روحاني طرح سين آپڻو ناتو, واسطو ۽ تعلق اهڙو تان جُڙي چڪو اهي جڪو هميشه لاء قائم و دائم رهاڻو اهي, اوئي لاء اي وقتي وڇوڙا, جدائي ۽ الوداعي را ٽاڻو ڪجھ به نٿا ڪري سگهين, منا ڏاڍي خوشي, مسرت ۽ سرور ملي اهي جڪو مين ايئي عظيم اداري ۾ ڏاهان, دانا, محنتي ۽ جاکوڙي استادان وٽان تعليم پرائي, زندگي را سجا گُر, فن ۽ هنر و سليقه سکيا, مين زمان پڙھڻ, سمجهڻ ۽ سلڻ سکيو, اڄ هون جڪو ڪجھ اهان ايئان عظيم استادان ري ڪري اي اهان, تو منا اٿ وقت گذارتي اين لڳو جڻ آپري ماءُ ٻاپ ڀيڙو ٻيٺو اهان, تو ڀايا همين سڻاڻو جڪو ماء ٻاپ کان جسماني طور تي ٿوري وقت لاء به سهي جيڪر جدا ٿيسي تو ڏُک تان ظاهر اي ٿيسي ٿوري وقت ايئي سارون پيو ڪهان ڪي ته اي مهانجو آپرو گهر اهي اي استاد مهانجا مائيتر اهين تو ايئان محسنانان ڪو وساري سگهان, ايئي گهر نا سدائين ياد رکيس گڏوگڏ آتو به رهيس, تو پيارا ڀايا همين وقت را ڪانٽا ڪهين پيا همين اسانجي جئاڻ رو ويلو آيو رو اهي, همين اسانجي جڳھ تي ٻيڄا اسان را ننڊيا ڀايا آڻي پڙھسين ۽ اسان نان آپري پڙھائي اڳتي جاري رکڻي اهي, ايئان استادان را احسان اسان نان سدائين ياد رهاسين, ايئان ري محنت ري ڪري اسان نان اڳتي پڙھائي ۽ زندگي ۾ ڪو ڏکيو وقت ڪو ڏيکڻو پئي, اسين سدائين استادان ري ڏسيل واٽ, صلاح ۽ هڌايتان تي عمل ڪري اڳتي زندگي رو سفر جاري رکسان, دوستو ڏک ڪرڻ رو وقت ڪو اھ خوشي به اهي ته اٿ اسان رو طح ٿيل چڱي ريت پورو ڪريو اهي, سدائين ڀيڙا,
ڪڏھن ڪڏھن سارجو
ٻه چار لڙڪ هارجو

ڊاڪٽر گورڌن کتري جو قدم

ڊاڪٽر گورڌن کتري پنهنجي ڌي کي پنهنجي مرحوم مسلمان دوست جي پٽ سان پراڻي ڇڏي
ٽائون هٿونگو تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ جي رهواسي ميرپورخاص واري گهر پنهنجي پراڻي مرحوم دوست بلال قائمخاني سان مذھب مٽائي پرڻائي ڇڏي، اها ڳاله سماج کي هضم ڪانه ٿي، مذھب مٽرائي والدين جي رضا سان مسلمان سان هندو ڇوڪري شادي ڪري اها بلڪل به خاص ڳاله ۽ اچرج جي ڳالھ انهي ڪري آھي جو اهڙا واقعه اسان نه هئڻ جي برابر ٿيندا آھن
اهڙا واقعه پريشان ڪن انهي ڪري ناهن ڇو جو پاڪستان جر وجود کان پوء بنا مذھب مٽائڻ جي هندو مسلمان جي وچ ۾ شاديون به ٿينديون ھيون تقريبن پنجاه سال ٿيا هوندا انهي سلسلي کي ختم ٿي هوندي، چوڻ جو مطلب ته اسان جا تعلقات سماجي هوندا هئا مذھبي نه پوء مذھبن جي پيروڪاري يا تعليمي شعور يا ٻي ڪا اهڙي بلا آئي جو اسانجي علائقن جا پاڻ ۾ واستا فقط مذھبن جي ديوارن پويان قيد ٿي ويا کتري ڇوڪري جي مسلمان ڇوڪري سان شادي پراڻي روايت يا لاڏ پيار يا ڇوڪري جو ضد يا والدين جي رضا يا پيُ  جي دوست سان وفا يا والد جي حد کا مٿي يا پوري يا جديد يورپ طرز جي پڙھائي يا وقت کان اڳ يورپين پاليسي يا ڪلچر جو بنياد رکڻ يا ڊاڪٽر ذھني طور تشدد ڪيو ويو پئسو ڏنو ويو ڌمڪايو ويو ڌمڪي ڏيڻ وارا دوست جا وارث يا ڇوڪري نتيجو ڇوڪري جي شادي اسڪرين تي رضامندي ظاهر سوين سوال اٿاري ٿي،
ڊاڪٽر موجب مذھبن کان وڌيڪ پيار ۽ انسانيت کي ترجيح ڏني ڊاڪٽر کي نيات مان ڪڍيو ويو تنهنجي به ڊاڪٽر کي پرواه ناهي ائين ڪرڻ سان هڪ اعلي مثال ته پيدا ٿي ويو پر ڇا ڪو مسلمان ڊاڪٽر گورڌن وانگر پنهنجي ڌي جي شادي ڪنهن هندوسان ڪرائيندو؟
چوڻ جي حد تائين ته هرڪو چوندو ته ڊاڪٽر انتهائي بهترين قدم کنيو آھي پر ڇا ڪو ٻيو مڙس آھي جو ٻين يتيمن جون زندگيون سڌاري سو به پنهنجون نياڻيون انهن کي سو به ٻي مذھب واري کي؟
ڊاڪٽر ڪيو ذاتي زندگي پر واه ڪرڻ وارا ٿورو سوالن تي ڌيان ڏين غور ويچار ڪن۔ ڇا شاديون مذھبن، ملڪي حدن، ٻولين تهذيبن يا لساني ليڪن تائين محدود يا اهڙن عقيدن جون محتاج آھن۔

راتو رات شھرت

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

ڪاٽن ڪپڙا روز ٿو پائي
موٽر سائيڪل جي چاٻي ڦيرائي
هٿ ۾ رومال وات ۾ گٽڪو پائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

جٿي ڏسي ٿو روج راڙو
رش هجي يا ميلو جهيڙو
ڪڍيو فوٽو پوسٽون ٺاهي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

متان نه ڪو ماڻھون ملي شل
فوٽو ٺاهي ڪڍيو ڇڏي کل
لائڪن ڪمينٽن لاء منٿون ڪرائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

ڪم ٽڪي جو اصل ڪري نه
ڳالھ ڪم جي تي ڌيان ڌري نه
ڦونڪن جا وسڪارا ڪرائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

فيسبوڪ جو منشي هجي ڄڻ
شھر جي ڪا گهٽي ڇڏي من
چڪرن مٿان چڪر لڳائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي


نياڻي نائلا جي نانءُ

نائلا جي وڃي جان ڇٽي آ
علي حيدر جي هاڻ فٽي آ


اڳئي هئي هوي ريشما جي رڙ
پوء ساڙيو هو ويجنتي سلميٰ  جا جڳر
جليو ته چمن به هيو
ماريو ته ويچارو اندر به ويو
لاش ته لڌا اشوڪ هيرو جا
پوء آيو هو وارو نائلا رند جو
نائلا ويچاري هيئن مري هئي
هو ويچاري هون مري هئي
ڦاهي لٽڪيل لاش مليو هو
تڪليفن منجھ جي جهليو هو
هيئن ڪيئن نياڻي پاڻ مري سگهي
شاگردياڻي ڪيئن ٿي جهري سگهي
سنڌ جي نياڻي بهادر بيباڪ
ضرور ڪنهن ماريو هوندئي شيطان
چوطرف ٿي ويو هو روج راڙو
قتل قتل خون خون ۽ چيخون دانهون
رستا لنگھ ٿي ويا سڀ آهون آھون
اخبارون به رنگجي ويون
ديوارون به رنگجي ويون
هر وات ۾ هو انصاف کپي
هاڻ نه اهڙو پاپ کپي
ڇا به کپي کڻي ڇا به کپي
نائلا رند کي انصاف کپي
واھ سنڌيو ڇا ڳالھ ڪجي
اتحاداهڙي جا مثال ڪٿي
رڳو رڙ ڪري ٿا مٿي اٿو
ڪري گوڙ ڇڏيو ٿا هرپاسي
ڀرپاسي ڪا ڀاء ٻري ٿي
ڇا لاهي توهانجي هان ڏري ٿي
ڏيرايو انصاف آهن ناري کي
اڳي جيان هر اڇي ڪاري کي
مس وڃي هن ساهي پٽي آ
هاڻ علي حيدر جي وڃي ڦٽي آ
هڪڙو مؤت ته مليو مفت ۾
وري خواري ڪريو مفت ۾
انصاف ڪرڻ اوهين انڌا هو
ضمير وڪڻڻ وارا چپ ٿيو
پنهنجي ڪٿي ٿا توهان فڪر ڪريو
روز جيئو ٿا ۽ روز مريو
نائلا ڪيتري نه بهادر هئي
خواري کان اڳ جنهن کاڌي ڦاهي
ايتري تذليل ۾ توهين جيئو
پنهنجو پاڻ پهرين انصاف ڪريو
پوء نارين ڪارين ۽ ڌارين تي ڌيان ڌريو

نائلا جي وڃي جان ڇٽي آ
علي حيدر جي هاڻ فٽي آ



جمود ۾ تحرڪ جي ضرورت

جمود ۾تحرڪ جي ضرورت

تحرير: ميوارام پرمار

دنيا گهمي ڏسو، پنا اٿلايو، تاريخ پڙھو، ماضي جي ياد تازا ڪيو جڏھن ڪڏھن ڪا نواڻ يا تبديلي آئي آھي اتي نوجوانن جو وڏو ڪردار رهيو آھي، اسان وٽ ڪافي ڏھاڪن کان سماج مڪمل طور تي منجمند ٿي چڪو آھي، جمود جو شڪار آھي جيڪا شي جتي آھي اتي ئي ضعيفاڻي شڪل ۾ چرپر ڪندي ٿي نظر اچي ڪڏھن ڪڏھن اهي ڦيرا معز ڦيرا ئي ثابت ٿيندا آھن تن جو بد قسمتي سان معور ئي ساڳيون رهيو آھي جنهن جي ڪارڻ نظام بند پيل آھي، اسانجي معاشري ۾ يا دنيا جي ٻئي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ جيڪر ڪا نواڻ اچي پئي يا آئي آھي انجو وڏو ڪريڊٽ نوجوانن ڏانهن وڃي ٿو، اڄ جو دور هٿيار، گهوٻاٽي جو ناهي رهيو بلڪه ڪتاب ۽ پين جو وقت آھي جنهن سان هر تبديلي ممڪن آھي، دنيا ۾ جتي نوجوانن لاء وڏا وڏا فنڊز مختص پيا ڪيا وڃن، اين جي اوز، سرڪاري، نيم سرڪاري توڙي پنهنجو مدد پاڻ سوين ادارا ٽولا سرگرم آھن اتي اهڙي ماحول ۾ سنڌ جتي ڪافي سالن کان معاشرو مڪمل طور تي يرغمال ۽ بيٺل نظر ٿو هڪ آڱرين ڳڻيو تعداد آھي سو صرف متحرڪ آھي ڪڏھن ڪڏھن اهو اڌو اڌ ٽولو ئي وڪامجي ٿو وڃي يرغمال ٿيو ٿو وڃي۔
سنڌ ۾ ڪافي مدت کان مايوسي جو ماحول ڇانيل پئي رهيو آھي جتي تبديلي جا اوزار تعليم جهڙا ادارا فقط وقت جو ذيان جو مرڪز پئي نظر آيا آھن جتي تعليم سون برابر وڪامندي هجي ۽ استاد تعليم وڪڻي جيب ڀريندي نظر ايندا ۽ تعليم جي تباهي جا باعث بنجندي ۽ پشت پناهي ڏيندڙ جي سلامي ڀريندي نظر پئي آيا آھن اتي اهڙا ئي واقعات رونما ٿيڻا آھن اهڙو ئي سناٽو پائڻو آھي اهڙي تباهي ٿيڻي آھي،
نوجوانن کي جتي بي يارو مددگار پنهنجي آسري تي ننڌڻڪا ڪري ڇڏي ڏنو ويو، بيروزگاري، مهنگائي، مفلسي ۽ جهالت جي ڄار ۾ ڦاسائي اتي نوجوانن پيٽ پالڻ جو جتن ڪرڻ لاء ڪنهن به قسم جو ڪرت ڪرڻ ئي نه ملڻ جو ماحول آھي اتي انفراديت، موقعه پرستي، منافقت ئي جنم وٺندي ان عالم کي هروڀرو هٿ ٺوڪي خراب ڪيو ويو چند نام نهاد جهموري جمودن پارن ڪهاوت مطابق چور کي چوڪيدار ڪري ڪهڙا سکيا سمهندا۔

منهنجو نوجوانن لاء اهو عرض آھي جيڪو جتي جنهن به شعبي ۾ ڪم ڇا به ڪندو پيو هجي سو پنهنجي ڪم ۾ ديانتداري  ڏيکاري، خاص التجا انهن نوجوان استادن کان آھي ته سنڌ ستر سال پوئتي آھي دنيا کان هي پاڻ ۽ پنهنجي چونڊيل نمائيندن جي چونڊيل باوقار ۽ انتهائي عزتدار استادن جي ڪري اڄ هن جڳھ تي سنڌ تاريڪ جو منظر پئي پيش ڪري، خدارا نوجوان استاد صاحبان پنهنجي پاڻ جي بل تي جيترو وڌيڪ ٿي شاگردن کي جديد ڄاڻ  پڙھڻ تي، حاضري تي زور ڏيو، جديد ڄاڻ سان گڏ ادب تي به خاص ڌيان ڏياريو،  ۽ شاگردن کي چوندس تي صرف ۽ صرف پنهنجي پڙھائي تي پڙھائي کان علاوه سنڌ جا حالات ڪنهن به قسم جي فالتو ۽ ناڪاره ڪم جي اجازت نٿيون ڏين جيڪر اڄ هي حال آھن ته ايندڙ پنج، ڏھن ۽ پندرانهن ويهن سالن بعد منهنگائي مفلسي، بيروزگاري ۽ سنڌ جون حالتون ڪٿي هونديون اڄ کان پوئتي ؟ ته ايندڙ وقت کي پنهنجي لاء قوم لاء ملڪ لاء بهترين بنايو ته محنت ڪري  پڙھو
نوجوان جيڪي جتي ڪٿي ڪجھ به ڪم ڪندا پيا اچن تن کي چوندس ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ  پرايو، دنيا جي نوجوانن جا ڪارنامه ڏسو انهن کان اڳتي نه ته برابر هلڻ جيتري محنت ڪريو، ٻارڙن کي اسڪول موڪليو، پنهنجي ٻارڙن جي هر قسم جي واڌ ويج تي ڌيان ڏيو، تن جي تعليم تي خصوصي ڌيان ڏيو۔
نوجوان جيڪي چوويه ڪلاڪ راند راند ڪن ٿا پيا تن کي گذارش آ خدارا وقت جو قدر ڪريو رانديون بيشڪ ڪريو صرف وندر جي حد تائين دنيا جون حالتون ڏسو ۽ اسانجي نوجوانن مطلب پنهنجو حال ڏسو پاڻ ڪٿي آھيون ڪجھ به خبر ناهي ڪجھ به نٿا ڪري سگهون ڪجھ به ڪرڻ جي لائق ناهيون ورلو ڪو ڪو ٿورڙو ڪجھ ڪرڻ جي لاء ٻاهر نڪري ٿو ته ٽنگون ڇڪڻ وارا بنجي ويا آھيون صرف سست ڪاهل ناڪاره بنجي حاسد ۡ۽ ساڙيلا ٿي ويا آھيون خدارا پنهنجي حالات تي رحم کاهي ڪجھ ڪرڻ جو سوچيو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪافي ٽريننگ پروگرام ڪرايا پيا وڃن سکي اڳتي وڌو هن واندا ڪم هر وقت راند واندي سنگت ڪلفت ڪچھريو ناڪاره ناڪام ڪرڻ ۾ ڪوڪسر نه ڇڏينديون سو براء مهرباني جيترو ٿي سگهي تعليم، تربيت هنر جي ڪم ۾ جٽيا رهو، پنهنجو، والدين جو اولاد جو آڙي پاڙي سماج قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪريو پئسو ڪمايو خدمت ڪريو وقت جو قدر ڪريو ته توهان مان هرڪو سبق پرائي
وقت جي قدر ڪندڙ ئي ۽ وقت جي ضرورت تي وڪائتيون ۽۽ ڪارائتيون شيون ڪرڻ وارا ئي ڪامياب ٿيندا آھن سو دنيا جا مثال ڇڏيو پنهنجو مثال ٺاهيو مثبت سمت ۾ ته دنيا اسانجا گيت ڳائي۔

ديپاولي جا ديپ

My Artical For New Diwali Magzine
ديپاوالي جا ديپ
ليکڪ: ميوارام پرمار
لفظ ديوالي يا ديپاوالي جي مطلب ۽ تاريخ کان هرڪو بخوبي واقوف آھي،
وري نه چئجو آجيان نه ٿيندي
ڀڳوان رام چوڏانهن سال بنواس کان واپسي جي خوشي ۾ آجياڻي تي هي ديوالي ديپن سان گهرن کي چمڪائي ملهائي ويندڙ تهوار جو سلسلو صدين کان اڄ تائين جاري و ساري آھي بلڪه ان ڏڻ کي ملهائڻ ۽ خوشين ۾ اضافو ڪرٖڻ لاء سالها سال نواڻ آندي پئي وڃي جديد ميڻ بتيون، ڏيئا، فٽاڪا، تارا، بتيون، چرکا چرکيون، ٻرندڙ وڻ  وغيره وغيره
هن تهوار سان اسانجي سنڌ جي رسم مهمانوازي جي تهذيب ظاهر ٿئي ٿي جيڪا دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي سا هن تهوار کي مذھبي رنگ کان علاوه ڏسجي ته غلط ڪانه هوندو، مهمانن جي خاطرداري، لذيذه کاڌن سان طمامن جي طويل لسٽ، اجرڪ ٽوپي جا تحفا به هن تهوار جي موقعي تي آيل مهمانن کي پيش ڪري ڏڻ کي ويتر يادگار بنايو ڇڏي، ساري رات آسمان تي تارن جيان زمين تي مختلف قسمن جا ديپ ٻاري، تارن ۽ ميڻ بتين جي جهر مر سان گهرن کي جگمڳائي گهرن جي خوبصورتي ۾۾ وڌيڪ اضافو ڪبو آھي، انهي رات کان ٻي ڏينهن جي شام تائين خوشي جو اظهار فٽاڪن کي کولڻ جي انداز سان ڪيو ويندو آھي، مطلب هرطرف چھچٽو، خوشي سرور، مسرت، محبت جو ماحول بڻيل هوندو آھي۔
ان دنيا جي سڪي جو هڪ ٻيو به پاسو آھي جنهن کي اسان ڄاڻي واڻي چاهيندي به نظرانداز ڪري ڇڏيندا آھيون، پنهنجي خوشين آڏو بريڪر، رڪاوٽ، رنڊڪ سمجهي ڇڏي ڏيندا آھيون، اها دنيا آھي اهڙن غريبن، يتيمن، بيواهن، بيسهارا، بيگهر ۽ ويچارن لاچار ماڻھن جي جيڪي فقط ويلي جي ماني جو بندوبست به وڏي مشڪل سان ڪري سگهندا آھن اهڙا موقعا به انهن لاء باعث مسرت هوندا آھن جڏهن پيٽ ڀر ماني ٽڪ تي ملندي آھي باقي پوري زندگي روزن جو ۽ اهڙا اڱرين ڳڻيا موقعا عيدن جو ڏس ڏيندا آھن ته اسانجي عيدن جي مشابهت انهن سان ڪڏهن بگ نٿي ڪري سگهجي، ٿورو وقت سوچيو ڪيئن گذاريندا هئا اهي اهڙا ڏھاڙا، ڇا پچائيندا، ڇا کائيندا، ڇا پائيندا، ڪٿي گهمندا، ڇا چئي پنهنجن ٻارن کي اهڙا ڏڻ گذاريندا آھن، ڪهڙا ڪوڙا دلاسا ڪيترا ڏيندا هوندا هر تهوار تي ساڳيان ڪوڙ؟ ھاڻ ته اهڙن ڳالهين جي راز جو پتو ته ٻارن کي پئجي چڪو هوندو، ڇا ڇا گذرندو هوندو انهنجي دلين تي، ڪيترا گهاءُ  ڪيا هوندا هن ڪوڙ، شڪر ڪنهن جو ڪهڙو ڪنهن تي ڇو ڪندا، هي به هڪ زندگي گذارڻ جو انتها طريقو آھي
وڌيڪ ڪجھ به نه بس فقط پنهنجي پاڙي، آسپاس، پسگردائي ۾ رهندڙ اهڙنغريبن جي لاءُ  وڌيڪ ڪجھ نه هڪ ميڻ بتي ٿي رهون ته شايد پوري ڌرتي تان غربت جو انڌيرو ختم ٿي پوي، اها ميڻ بتي جي روشني ئي ناهي فقط!
جو ڪجھ پاڻ پچايون ٿا جيڪر اهو پچايل کاڌو گهٽ ۾ گھٽ ان غريب جي گهر پهچايون ته اهو به ڀلو ٿي پوندو، ڪرڻ جي لاء ثواب، دلي سڪون حاصل ڪرڻ ۽ سماج جو سور رکندڙ جي لاء ڀلائي ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ۽ رستا بڻيل آھن جو تن جو بيان به الڳ آرٽيڪل ۾آھي، هن تهوار جون خوشيون ونڊجن انهن غريبن سان، غريبن جي ٻچن سان، کاڌو خوراڪ ڏيئي، ڪپڙا لٽا ڏئي ۽ سماج ۾ پاڻ جي ليول برابر ويهاري گڏ ويهاري کائڻ ۽ کارائڻ سان، يڪسانيت واري نظر سان ڏسڻ سان، هرهڪ جا درد سور سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان، پنهنجو درد سمجهي ختم ڪرڻ سان ٻين جو همدرد ٻڻجڻ سان اهي احساسن جا جذباتن جا رشتا هر هڪ سان وابسته ھجڻ کپن اهي ئي زنجيرون رشتن کي مضبوطي سان جڪڙي رکنديون آھن اهي درد صرف تهوار تي بلڪه هر ڏڻ تي هر لمحي تي محسوس ڪجن تي شايد غريبن جي دلين منجهان احساس محرومي جنم کان پهرين ئي دفن ٿي وڃي، غربت جي لڪير سڌي ظاهر ٿيڻ کان پهرين دنيا جي پردي تان هميشه لاء مٽجي وڃي، تنهن لاء هڪ فرد نه بلڪه سموري سماج کي گڏجي سڏجي سموري سٿ ساڻ قدم کڻڻا پوندا
هي روشني انڌيرا ختم ڪري سگهي ٿي
جيڪر روشني برقرار رکڻ وسعت باقي هجي۔

هفتيوار کوجنا کي جنم مبارڪ

کوجنا کي سالگره مبارڪ

بقلم ميوارام پرمار



خبرن جي دنيا جي منفرد ۽ معني خيز اڃاڻپ جي جيڪر ڳالھ ڪجي ته بنا ڪنهن روڪ ٺوڪ, بنا ڪنهن پرواھ, بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ بنا ڪنهن ڊپ خوف جي حقيقت تان پردا لاهڻ ۽ جمود ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ سنسني خيز خبرون ڏيندڙ, ثقافتي رنگ, امراڻي ۽ آسپاس جي عظيم هستين جا پروفائل ۽ آرٽيڪل جي عظمت ساڻ ڪري هفتيوار شايع ٿيندڙ اخبار کوجنا جنهن جي معني ئي تلاش آھي جنهن جي هر شخص کي کوجنا پئي پئي رهندي هئي هر ڪو پيو کوجنا جي اوسيئڙي ۾ رهندو هو تنهن جي چمڪ ڌمڪ ۽ روعب سبب ياد ذھن ۾ تازي ٿئي ٿي سا ئي اخبار سامهون اچي ٿي,

کوجنا جي ضلعي جي چئني تعلقن جي هر هڪ ڪنڊ پاڇي تي گهري نظر رهندي هئي, ۽ هر خبر کي مڪمل ۽ درست ڄڳھ تي ڇپي ان خبر سان حق ۽ انصاف ڪيو ويندو هيو, ڪجھ عرصو پهرين جڏھن پاڪستاني چئنلد جي ايتري اهميت نه هوندي هئي ۽ هتي جا اڪثر ماڻھو بي بي سي کي اوليت ڏيندا هئا ٺيڪ اهڙي ريت عمرڪوٽ واسي ضلعي سميت سنڌ جي ٻين شھرن جي خبر جي تصديق لاء کوجنا اخبار کي ترجيح ڏيندا هئا, ۽ هر وقت, هر ويلي هر پل تي نت نئين کوجنا پئي ئي ويندي هئي, پڙھندڙن لاء هر شماري ڻ الڳ الڳ ۽ معني خيز پرچو دستياب هوندو هو,

شوبز, راند, عجيب و غريب معلومات, جي سيگمينٽس جي جهڙي ريت ترتيب ۽ صرف اهميت جوڳي خبز کي شايع ڪرڻ واري روايت انتهائي جس جوڳو عمل هيو, تنهن اخبار کي سندن پڙھندڙن لاء بهترين مواد ڏنو پئي هو,
نوجوانن ۾ هميشه کان اها بيچارگي ۽ مايوسي جي فضا ڇانيل هئي ته تن جي لکڻين کي وڏين نام نهاد ناليوارين اخبارن ۾ ڄڳھ نه ٿي ملي ۽ جيڪر وڏي مشڪل سان ڪو آرٽيڪل يا ڪالم ڇپجي به ٿو ته سندس آئين منشور ۽ اڻگهڙيل قانونن جا ابتا سبتا سبب ڄاڻائي تنهن آرٽيڪل جي ستيا ناس ڪيو ويندو هو ۽ اها بيماري اڃا به آھي, تنهن مايوسي واري ماحول کي ختم ڪرڻ لاء کوجنا اخبار جي ڪوشش۽ جدوجهد تعريف جوڳي رهي ھئي, هميشه نون لکندڙن کي موقعو ڏنو پئي هيو, نون لکندڙن ۾ اتساھ پيدا پئي ڪيو هيو, جنهن جي ڪري ڪافي نوجوان ليکڪ اڀري ظاهر ٿيا آھن, تن ۾ ادبي دنيا کوجنا جي ڪري پنهنجي الڳ  ٿي سگهي آھي, خاص ڪري جاويد ڪنڀر جون لکڻيون آئون وڏي چاھ سان پڙھندو رهيو هئس,
اخبار جي ايڊيٽر ۽ سرپرست اعلي جناب الياس ٿري صاحب جن پنهنجي وسيع تجربي سبب جهڙي ريت ٽيم جوڙي ۽ تن کان ڪم پئي ورتو هو, تنهن جي ڪري اخبار جي زينت کي چار چنڊ لڳي چڪا هئا, هن اخبار ڪيترن ئي صرف دل ۾ خواھش رکندڙ هڪ ناميارو ليکڪ ٿيڻ جي تن جي لڪيل ۽ ٽڙيل پکڙيل امگن کي آشيانو ۽ ٺڪاڻو ڏئي پيش ڪري هڪ بهترين ۽ مثالي موقعو ڏنو پنهنجون صلاحيتون پيش ڪري, پنهنجي پاڻ کي مڃرائڻ جو جيڪو نه صرف هڪ ليکڪ لاء پر ان سان گڏوگڏ نمائندن يا جرنلسزم جي دنيا ۾ پير پائڻ ۽ ان وسيع فيلڊ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ جا خواب دل ۾ سانڍي رکي هلندڙن کي بهترين اخبار سان گڏوگڏ هڪ اعلي تجربيگار محس ۽ رهبر اڳواڻ الياس ٿري جي صورت ۾ مالڪ بخشيو تنهن کان نوجوان غلطيون ڪندي, تجربا ڪندي, تنهن جي رهبري ۾ گهڻو ڪجھ سکي اڄ بهترين ليکڪ به آھن ته بهترين نمائنده آھن,

اها تمام گهٽ ماڻھن ۾ سوچ پلندي آھي, جنهن ۾ ٻين جي ڀلي جي سوچيو وڃي, اهل ماڻھن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي,کوجناکي  هميشه کان هر نئين جوشلي, شوق رکندڙ ۽ ڪم ڪندڙ جي کوجنا هئي, ۽ ان کي بهترين ڄڳھ پئي ڏني وئي هئي, اهو ئي سبب آھي جو اخبار ڪافي وقت تائين باقائدگي سان هلي ۽ ڪجھ ئي عرصي ۾ ضلعي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ مشهور ٿي چڪي هئي, هڪ ڀيرو پڙھي ٻيو ڀيرو بنا پڙھي رهي نٿي سگهيو, هن اخبار جي خوشبو ئي الڳ هئي منفرد هئي جنهن گهڻي وقت تائين ماڻھن کي مدهوش پئي رکيو هيو,

عام چونڊن جي مصروفيتن سبب هن اخبار کي گهربل وقت ۽ گهربل توجه نه ملي سگهيو, تنهن سبب وقت تي اچڻ ۾ وڏي مشڪلات پيش اچي رهي هئي, تنهن جي ڪري اخبار مقرر وقت تي ڇپجي نه سگهي, برحال وقت به وقت دير سوير ايندي رهندي هئي, آھستي آهستي دير ساڻ اچڻ ڪري مزو ۽ مٺاس ٿورڙي گهٽجندي پئي وئي,
اڄ اٺاويھ اپريل هفتيوار کوجنا اخبار جو جنم ڏينهن آھي بيشڪ هڪ اداري جو, هڪ اخبار جو, هڪ ٽيم جي مشترڪه جدوجهد ۽ هڪ سوچ کي عملي جامعون پهرائڻ جو ڏينهن, هڪ سوچ ۽ هڪ خواب ساڀيان ٿيڻ جو ڏينهن آھي, اميد ٿا ڪيون ته اڳي جيان هاڻ به اخبار وقت تي ڇپجندي, پڙھڻ وارن لاء دستياب هوندي, وقت تي نواڻ ۽ جدت ايندي ويندي, هر نوجوان کي لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ زندگي جا سمورا رنگ ساڻ ڪري ساڳين خوشبو ۽ روعب کڻي شايع ٿيندي,  اخبار ۽ ٽيم لاء ڪروڙين شب ڪامنائون ۽ نيڪ تمنائون مالڪ سندن سدا سچ لکڻ ۽ سچ لکندڙن کي ترجيح ڏيڻ جي طاقت عطا ڪري,

مزدورن جو ڏڻ

مزدور پاڻ به ڪجھ ڪندا يا رڳو ڏڻ ملهائيندا
تحرير ميوارا پرمار عمرڪوٽ

شڪاگو جي شھيدن سان همدردي, اظهار يڪجهتي جو ڏھاڙو پوري دنيا ۾ تنهن ڏينهن کانپوءُ ساليانو ملهائڻ هڪ روايت بڻجي چڪي آھي, جيئن جيئن ان ڏينهن جي اهميت اجاڳر ٿيندي پئي وڃي, جيئن جيئن ان ڏينهن جي آڳاهي ملندي پئي وڃي جهالت ختم ٿيندي پئي وڃي مزدورن کي پنهنجي حقن جي خبر ۽ ڄاڻ حاصل پئي ٿي, پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي ۽ ان سان ايندڙ دنيا ۾ معاشي تبديلي جي خبر ۽ اهميت جي سڃاڻپ ملي پئي تيئن تيئن سال بسال ان ڏينهن جي ملهائڻ وارن ۽ يڪجهتي ڏيکارڻ وارن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي, برحق اهو ڏينهن سرمائيدار طبقي جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چنبي ٿو, هڪ اک به ڀلو نٿو لڳي, ۽ اهي سرمائيدار جيڪي پيڙھا پيڙهي, صدين کان مزدورن تي قابض, سندس مزدوريمان ملندڙ مال هڙپندا پئي رهيا آھن, صدين کان, اباڏاڏن کان سرمائيدار رهيا آھن, سدائين کان مزدور ٽولي کان زيادتيون ڪندا پئي رهيا آھن, تن ماضي بعيد, ماضي قريب, حال ۾ ساڳيو ئي حشر برپا ڪيو آھي, ۽ اڳتي مسقتبل قريب ۽ مستقبل بعيد ۾ به مزدورن جي سڌاري, تن جي حقن, تن جي بهتري  لاء اپاءُ ۽ عملي ڪم جا آثار نظر نه پيا اچن, ڇو جو پوري دنيا تي مڪمل طور تي سرمائيدار, ذميندار ۽بادشاھ موروثي سياستدان قابض آهي جنهن هميشه کان غريبن, هارين, مزدورن جو فقط خون ڪمند جي جوسنگ مشين وانگي پيتو آھي ۽ کل باقي اڇلائي ڇڏي آھي آدمخور جانورن جي کائڻ لاء.
انيڪ تحريڪون هليون, سوين هزار مزدورن قربانيون ڏنيون, ان جا تنهن وقت تائين جا بهتر مئوثر ڪجھ قدر نتيجا به نڪتا پر افسوس, ريلين جلسن, جلوسن ۽ احتجاجن ۾ لڳندڙ کوکلن نعرن, ڪوڙين دعوائن ان تي ٿيندڙ پوائنٽ اسڪورنگ ۽ بلن ذريعي يرغمال آئيني ڪتابن ۾ قيد ٿيل قانون ڏسڻ لائي رهيو پر زميني حقائق سدائين انجي ابتڙ نظر آيا آھن,

سنڌ صوبي کي کڻي ڏسو, سرڪار طرفان هر سال هن ڏڻ تي يا بجيٽ ۾ مزدورن خاص پئڪيج رکيا ويندا آھن ٽيليويزن ۽ سوشل ميڊيا تي بهترين تعريفي ڪمينٽ حاصل ڪرڻ لاء پر انجا حقيقي نتيجا اڄ اوهانجي سامهون برعڪس آھن,مزدور  جيڪو اڄ ايڪهين صدي ۾ جڏھن دنيا چنڊ کان مريخ ۽ هزارين لکين ٻيا گرھ تلاش ڪري اتي زندگي جي تلاش ۾ آھن, سائينس ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ٿي روز به روز جديد تحقيقون پئي ڪري پر هتي اڄ به نجاھ ڊگري گرمي پڌ ۾ سڙڻ کانپوء به ذليل ٿي وڏي مشڪل سان پنهنجو پيٽ پالي سگهي ٿو, جڏھن ته تن مزدور ڪڙمين هارين جي ووٽن تي کٽي تن تي حڪمراني ڪندڙ ٽولي جي هڪ فرد جي جي روزاني جي پاڻي جو خرچو به مزدور جي ڏياڙي کان وڌيڪ آھي, ته ٻڌايو اهو مزدور جيڪو ٻني, ڪارخاني, بٺي, تندور, هوٽل, دڪان, گڏھ گاڏي, تغاري, ٽريڪٽر ٽرالي, ٽرڪ يا ٻي ڪنهن وسيلي گرمي سهندي پگهر واهي ڪم ڪري پيو, هاري جو ٻني ۾ ڪڻڪ, چانور, ڪپھ مرچ, سوين قسمن جون سبزيون, اناج ميوا تيار ڪري پوري ملڪ کي پيش ڪري ٿو, مزدور جيڪو تغاري بيلچو ڪوڏر هڻي سرون کڻي گهر توهانکي ويهي سڪون سان گذارڻ لاء ٺاهي ڏي ٿو, هڪ بٺي جو مزدور جيڪو گڏھ تي يا پنهنجي ڪلهي ۽ مٿي تي سرون کڻي, ٿڌي گرم پاڻي ۾ آڌي اسر مٽي ۾ ڪنڊن ۾ پنهنجا پير خراب ڪري توهان کي پڪيون سرون ڏي ٿو, هڪ مزدور جيڪو سوين قسمن جي ڪارخانن ۾ آڌي مانڌي سردي برسات سرء اونهارو پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي پوري ملڪ کي انيڪ ضروريات جون شيون ٺاهي ڏي ٿو, اهو مزدور ڪڏھن ڪاڙھي ۾ ڪڙھي سردي ۾ ٺٺرجي برسات ۾ پسي بخاريل جسم ساڻ اڄ به صدين کان پنهنجي حقن لاء سراپا احتجاج آھي, اڄ به هن جا حق مجروع آھن هن منهنگائي ۾ جتي سندن گهر کي هلائي نه سگهي, گهر جا خرچا پورا نه ڪري سگهي, ٻارن کي پڙھائي نه سگهي, علاج ڪرائي نه سگهي, ٻچا بک بيمارص ۾ مان مري رهيا هجن, ڪڏھن پنهنجو پاڻ جلائي, ڪڏھن پاڻ ماري, ڪڏھن گڙدا ڦڦڙ ۽ آنڊا جسم جا عضوا وڪڻڻ تي مجبور هجي, ڪڏھن پورو خاندان ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي, ته اهو مجبور ڪير ٿو ڪري, ڪهڙو سبب, ڪهڙي طاقت آھي, انجي ذميواري موجود حڪمرانن جي آھي, جيڪو ڪوڙا ڏٽا ڏئي, ڪوڙا واعدا ڪري وچن ڪري, ڦوڪون ڏئي, ڪوڙا بي بنياد خواب ڏيکاري ووٽ وٺي سندس جنازي ۾ به شامل نٿا ٿين, سندس علاج لاء اسپتال, پڙھائي لاء اسڪول, بجلي پاڻي گئس جهڙيون بنيادي سهولتون نه ڏي اتي انهن ماڻھن کان, انهن بيحس انهن بي احساس ۽ ڪم ظرف ماڻھن کان حق جي اميد ٻٻرن کان ٻيرن جي اميد مترادف آھي,

اڄ پوري دنيا جا مزدور, سندن حامي, مزدور تنظيمون سرپا احتجاج آھن, گهر گهر, گهٽي گهٽي, ڳوٺ ڳوٺ, شھرن جا شھر مزدور جلسن جلوسن جي شڪل۾ ٻاهر آھن انٽرنيشنل, نيشنل, لوڪل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي وسيلي پوري دنيا جي اعلي اعلي اختيارين کان پنهنجي حقن, پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي لاء چئي رهيا آھن ته اها ڳالھ به ذھن ۾ اچڻ کپي ته ڇا اهي به توهان وانگر غريب جا ٻار آھن, ڇا اهي بڀ غريب هئا, ڇا اهي به ڪڏھن مزدوري ڪندا هئا, ڇا اهي ڪجھ ڪري سگهندا جهڙا سوين سوال پنهنجي ذھن ۾ رکو, جوان اندر کان ئي ملي ويندو, بلڪل به نه, اهي صدين کان ساڳيان, ساڳين جا پٽ, ساڳين پوٽا ڏوھٽا  ۽ وارث آھن, جن جي نبضن ۾ ظلم ستم ڏاڍھ, بيحسي, مڪاري جو رت شامل آھي, تن جي سوچ وڏيراڻي رهي آھي, تن جي سوچ ۾ مزدورن کي پيڙھي رکي هلڻ جي رهي آھي مزدورن کي صدين تائين غلام رکڻ جي رهي آھي.
ها ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪو راتو رات ڪرپشن جي ڪرامت مان ڪروڙ پتي ٿيو هجي, ها ڪو لائٽري جي لاماري ۾ ڪو قسمت جي ڪرشمي سان ڪو محنت مزدوري ڪري  اڳتي آيو هجي, اسيمبلي پهتو هجي, ڪامياب ٿيو هجي, پر اڪثر پئسو ماڻھن جي سوچ مٽائي ڇڏيندو آھي, يا ته اڇو ٻڌي ڪاري سان وانگي عادت مٽايو ٿو ڇڏيس, تن جي سوچ ويچار جا طريقا تبديل ٿيو ٿا وڃن, موجوه سرمائيدارن, بادشاه ۽ وڏيري نماءُ حڪمرانن جو ماضي گهوري غور سان ڏسي وٺو ۽ پوءُ منهنجي خيال ۾ اميد جي ڏيئي ۾ تيل جي جاء تي پاڻي وجهي پکين لاء رکڻ جو واحد رستو بچندو,
اهو وقت بلڪل سراپا احتجاج, حقن جي حاصلات لاء وڙھڻ جو آھي پر مزدور ڀائرو پنهنجي به ماضي ڏسو جيڪا ڏات, جيڪا مزدوري جيڪا توهانکي ميراث ۾ مل آھي ۽ جنهن جي بدولت اڄ اوهان ڪٿي, ڪهڙا ڪيئن ۽ ڇا آھيو, جهڙا سوال پنهنجو پاڻ کان

ڇا جي جهموريت

جهموريت ئي بهترين انتقام آھي,
Democracy is the best revenge.
اهو ئي اصل جهموريت آھي جنهن لاء اسان بيوقوف بڻجي جانين جون قربانيون ڏنيون, اُبتا سُبتا نعرا هڻي گلي ۾ سُور وڌو, ڏينهن راتين جي ننڊ ۽ سڪُون حرام ڪيو ته آمر کان جان ڇٽي هر غريب کي سندن حق, هلڻ ڦرڻ جو حق ملي, ڪجھ به ڪرڻ حق مليس, ملي ويو نه هر ڪنهن کي حق ڪير به ڪٿان به ڪنهن جي به پٽڪي ڌُوڙ ڪري, ڪنهن جي به ماءُ ڀيڻ پٽ ڌي سان ٻڪري گڏھ گهوڙي سان انفرادي يا اجتمائي زياتي, زبردستي زنا وه جيڪو وڻي سو ڪريس, جنهن کي جتي نه جنهن به مذھب جي توهين و تذليل ڪرڻي هجي, تماشو و فلم ٺاهڻي بلڪل آزادي و ڪُڌا ڪرتُوت ۽ آزادي ڪُل وقتي ڪرپشن حق حاصل آھي, جهموريت طرفان اها به يقين دهاني ڏياري وئي آھي اوهان جو ڪير نه وار واڪو, ڪير واءُ به نٿو ڏئي سگهي بس جهموريت جي وسيع تر مفاد ۾ ذليل وخوار, پريشان و بيزار ٿيو ۽ ڪندا رهو, اهو ئي جهموريت آھي جتي هر ڪنهن کي ڪارو منهن ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو حق حاصل آھي, ڀيڙ خميسه ڀيڙ, دٻ قصي کي, هندو ڪهڙو به مذھب آھي اوهانکي جيڪو به ڪرڻو آھي ڪريو, ماضي ڏسو انهن هندو اڳواڻن کي اسان لولي پاپ پاڻي ۾ پسائي خاموش ڪرائي ڇڏيو آ کٽمٽي تي, شو مندر تي چار قتل شيوادارن کي ڏسو, شو مندر جي زمين جو قبضو ڏسو, سموري سنڌ ۾ مندر کي ڊاهڻ, مورتين کي ڀڃڻ وارا واقعه, ان خلاف واويلا گوڙ شور ڏسو پوء ڪيئن خاموش ٿيا اهو ئي جهموريت آھي جتي گهڻا گهڻا خاموش ٿي ويندا آھن,

منهنجو هڪ هندو ٿي سپريم ڪورٽ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کان گذارش آھي ته هندو مذھب کي هر مذھب جيتري سيڪورٽي ۽ عزت ڏني وڃي توهين ڪندڙ ڪنهن جي به ڪري ۽ ڪير به ڪري قانلن تحت عبرتناڪ سزا ڏني وڃي,

ميوارام پرمار

ڪوٽا جي ڀينڳ

ڪوٽا جي ڀينڳ

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,

ابي جي ڪوٽا, امان جي ڪوٽا,
سياست جي ڪوٽا, سنگت جي ڪوٽا,
ڪامريڊ جي ڪوٽا, سڃي جي ڪوٽا,
سڀ گڏجن هت ٿا بس لوٽا لوٽا,
ڪوٽا کنيا آھن سڀ کوٽا چم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,

هتان ھُتان ايرا خيرا اگهاڻا,
ڪٿان ڪٿان ڪهڙا اگهاڻا,
انڌا منڊا سڀ ميرا اگهاڻا,
پڙھيل جاهل سڀ ڀيڙا اگهاڻا,
سرت ڀريا ٿين  انڳوٺا ڪم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,

ڪوٽا جا جتي کڙڪا ٿين ٿا,
چڱن ڀلن جا ڪن ڦڙڪا ٿين ٿا,
وٽيو مُڇون ۽ ڪاٽن پائي,
جُوتن جا درن تي ٽڙڪا ٿين ٿا,
گهٽي کلي ته گُڙڪا ٿين,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,

ڪيڏانهن وئي ڊگري ڪيڏانهن ٺڳ,
چرن کريلن جا لٿا آھن وڳ,
هوا ۾ اهڙيون ٿا ڳالهايون ڪن,
ڪاڪڙو هڻندين بند ٿئي نه گگ,
اهليت تي نٿا لهن موٽا چم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,

ڪوٽا ڪئي بس خاناپوري,
ماڻھون کنيا سڀ غير ضروري,
ڪهڙا ماڻھون آھن ڪٿي مُٺا,
سنگت ۾ ڪئي بس اکرڀُري,
نٿا ٿين تن کان ڇوٽا موٽا ڪم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,


آفيسر مٿان جو ڪڙڪي آيو,
مري وڃن ٿا سي ڇرڪون کايو,
رڪارڊ ابتا سُبتا پورا ڪري,
نڪري وڃن ٿا فرڪي کايو,
انهي وقت تي ڪري ٿو بم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,

غريبن جي ڪم جو آسرو ناهي,
صبح کان بٺا هجن ٻُوٿ لاهي,
انهن جي ڪن تان جُون سُري نه,
کڻي وڃي ڪو مري ڦاسي کائي,
ڪهڙا ڪندا اهي لوٽا ڪم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,


اهڙو انهن آ ٻيڙو غرق ڪيو,
مريو وڃن ماڻھون ڇرڪ ڀريو,
ڪير ڀلا ٿو اهو سوچي سگهي,
دانگي ملهي ٿا لڪن سرڪ ڀريو,
هاڻ تن ڪا پئسو ۽ جُوتا ڪم,

ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,


ميوارام پرمار

رلي ويندين تون وڏيرا

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,

نياڻيون پرايون روز تڪين ٿو,
زمينن تي قبضا روز ڪرين ٿو,
روڊ ٽوڙين ۽ پاڻي بند ڪرين ٿو,
احتساب لاء اکيون کول وڏيرا,

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,

پوليس کان ٿو ڪرين چڙھائي,
عزتون شريفن جون لُٽائي,
اجها غريبن جا مسمار ڪرائي,
انسانيت جا ٻولين ٻول وڏيرا,

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,

قتل, ذنا ۽ چوريون ڌاڙا,
لٽيا تو آھن پاڙي جا پاڙا,
ٻني ٻاري ڪيا ويران واڙا,
لٽيا تو نياڻين جو ٽول وڏيرا,

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,

پئسو عوام ڪيئن بنگلا ٺاهين,
روز ونيو ۽ ٻنيون کپائين,
چڙھڻ لاء ٻاهران گاڏيون گهُرائين,
کُلن پيا تُنهنجا پول وڏيرا,

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,


ڪيترو به پاڻ کي پڪو ڪر,
ماڻھن ۾ لڪڻ جو ٽڪو ڪر,
هتان ڀڄڻ جو نه اولڪو ڪر,
چڙھيو غريبن تُنهنجو ڀول وڏيرا,

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,

ھاڻ ذري ذري جو حساب ڪندا,
لوٽا ڀڄڻ مهل فرياد ڪندا,
ڀڄندين ڀڄندي توکي ياد ڪندا,
ڀڄي نه سگهندين اکيون کول وڏيرا,

رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,


دياڙي مزدوري

ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,

ويو وقت گذري وادين جو,
هيو ماضي سو ڳالهين جو,
وقت نه رهيو حوالين جو,
هاڻ رابطو آھ مرضي سان,

ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,

جڳھ ناهي رهي ڪان ڪبوتر جي,
جهاڙ ڦونڪ ۽ جهنتر منتر جي,
ويون ڳالهيون پراڻيون ڪُترجي,
پرين به پرچي ٿو پرچي سان,

ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,

ڪال فون ۽  نت نوان هينڊ سيٽ,
واٽس ايپ, فيسبوڪ آيا انٽرنيٽ,
نڪو رهيو هاڻي پراڻو ريٽ ويٽ,
يو يو جا فين ويا همرچي کان,

ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,

هاڻ دنيا پئي روز جديد ٿئي,
هاڻ ڪم جي ڳالھ نه ٿي مزيد ٿئي,
محدود, منافقت ۽ هيڪڙائپ پئي وڌي,
محبت, ماڻھپو به ويا ڪاوڙجي هتان,

ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,

ميوارام پرمار

نا اهل ڪرسي سوار

نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

ويٺو ڪُرسي کي آھين چپڪي,
ڪم ٿين ٿا سڀ توکان لڪي,
صلاح مشورو به ڪير نٿو وٺي,
ڄاڻي واڻي تون جاهل آھين,

نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

قيادت جي تو ۾ اهليت آھ,
ڍنڳ جي ڪائي قابليت آھ,
زنده ڦاٿل تو ۾ رهي ميت آھ,
پٿر جو ٺهيل بس جبل آھين,


نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

سُرت ڪم جي نه توکي سجهي ٿي,
ٽيم تنهنجي نه توکي مڃي ٿي,
حُڪم تنهنجي جي ابتڙ وڃي ٿي,
جبلتن جون بلڪل ماريل آھين,


نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

ڇڏ ڪرسي جي ڪر رضاڪاري,
ٿيندي نه توکان ڪڏھن فنڪاري,
بند ڪري ويھ هي پچ پچڪاري,
گهڻن گهرن جو تون گهايل آھين,

نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

ميوارام پرمار

لوسي پوليس وارن لاء

محافظ ٿيو لونڊا نه ٿيو,
پنهنجي منهن تي ڀونڊا نه ڏيو,

ٽڪي جي نوڪري خاطر خوار ٿيو ٿا,
شيطان جي ڪُلهي تي سوار ٿيو ٿا,
نياڻي ڏسو نه پوڙهو, ٻچا ڏسو نه استاد,
هاري ڏسو نه ڊاڪٽر نه, وڪيل ڏسو ٻار,
ظالمن جي حُڪمن تي لبيڪ چئي,
ضمير ظرف ۽ سرُت ساڃاھ کي الوداع چئي,
کڻون لٺون, هڻون لتون ڀريو گاڏيون,
نياين کي وارن ۾ ڳيلهي ڇڏيو لتن سان هڏيون,
ڇو پٽو پاراتا لعنتون ۽ کڻو ٿا تحمتون,
هي اولاد اوهانجو حلال کائيندو ڏسي حالتون,
سنڌڙي توتي ناز ڇا فرياد ڪندي,
فرياد ڪندي ڇا ياد ڪندي,
ڪهڙا ڪڃر ڪافر ڄڻيا ٿئي مون,
جنهن پنهنجا ڪُٺا شيطان ڀوت جن,
جي ماني ٽُڪر لاء وڙھيا پنهنجن سان,
ذليل ڪيو اشارن تي ظلم ڪيا نهتن سان,
اناج اڳائيندڙ نه بخشيا ويا,
هاري ڪسان ٻار ٻچيا قيد ڪيا ويا,
روح جو رشتو جو هيو استاد سان,
سي به ذليل ٿيا حق جي جهاد مان,
روز ننڌڙڪيون نڀاڳا خوار ٿين,
محافظ اشارن تي ٿا فائر ڪن,
هي ظلم ستم سڀ سڀاڳن تي,
ڪيسين رهندو روز سڀاڳن تي,
اها رات انڌيري ختم ٿيڻي آھ,
سورج جي روشني به ورڻي آھ,

ميوارام پرمار

پي پي پي پاليسي استادن لاء

اڄ پڻ استادن پريس ڪلب تي ڪيو احتجاج,
نعريبازي ڪئي سخت ۽ روڊ ڪيا بلاڪ,
ريلي ڪڍي بلاول هائوس کنيو مئرٽ جو لاش,
اڳيان پوليس بدمعاش, ويڙھي ڏنئون واچوڙي جيان,


اڳيان آئي پوليس ڪڍيون ماءُ ڀيڻ ڳاريون,
ڪن هلايون لٺون مُڪون ڪن مرڳو ئي ٿي ماريون,
شيطان نه رتبو ماريون استاد ۽ استادياڻيون,
قهر کي ڏنيون ڪاريون, سک مليو شيطان جي ساھ کي,


استاد نڪتا حق لاء, ڪيون وري روڊ رڙيون,
ڏسي سڄاڳي قوم جي, اکيون شيطان ڪڙھيون,
سمهڻ نه ڏنو شيطان پائي, ابتيون سبتيون مڙھيون,
ڳالهيون ڪيان ڪهڙيون ڪهڙيون, ماٺ به ڪيان مري وڃان,


مڃيو استاد وڏو رتبو, ڀلين پڙھائي پوري قوم,
ڪيتري ڪري ڀلو قوم جو, ٽنگيندا اهي ئي ابتو,
جاڳائيندي مري پوي, جن کي سرت نڪو اُلڪو,
مارائيندا مرڳو, ماٺ ڪري يا پاڻ مُڙسي ڪري.

شارٽڪٽي شھزادن جون ڪمال جو ڪاريگريون

شارٽڪٽي شھزادن جون  ڪمال جون ڪاريگريون.

تحرير: ميوارام پرمار

انسانذات وٽ جيڪا به فن, علم, شعور, تعليم و تربيت اها هڪ قسم جي امانت آھي تنهن کي درست سمت ۾ استعمال ڪرڻ تائين, جيڪو ڪافي ماڻھون باعزت, باضميري ۽ ايماندارانه نموني سان ادا به ڪري رهيا آھن,
شيڪسپيئر چوي ٿو:
"آءُ ڏکي ۾ ڏکيو ڪم سست کان سست ماڻھون کي ڏيندس ڇو جو هو ان ڪم کي حل يا پورو ڪرڻ لاء آسان کان آسان طريقو ڳولهيندو"
ٿي سگهي ٿو ائين به هجي پر اسان وٽ اڪثر گنگا جمنا ته ٺھيو گٽر نالا به ابتا اٿليو سيراب ڪريو فصلن جا فصل اپت ڏئي مارڪيٽ کي مر سان مالا مال ٿا ڪريو ڇڏين, پڙھيل لکيل, وائٽ ڪالر, دانا, عقلمند, ڏاها, سياڻا, تهذيبي طور تي شاهوڪار ۽ شائستگي ۽ نماڻائي جا سئمبل کوٽي سڪي وارو ڪم ٿا ڏين, شيڪسپئر جي ڪهاوت جي بلڪل ابتو طريقو استعمال ٿا ڪن, جن کي پنهنجي پاڻ تي به يقين ناهي هوندو اهو پرائي چلھ تي ماني ۽ پرائي ڪلهي تي فائر ڪندي نٿا گُسن, ٽيڪنالاجي جي گلوبل ڳوٿري واري هن سڪڙجي ويل هن تيز ترين هن دور اهڙن ڪرپشن جي ڪاوشن ۽ بيحيائي جي بزنس سان بيبنياد بلڊنگون ۽ ناڪام نالا ٺاهڻ لاء انتهائي مجبور ڪري ڇڏيو آھي اهو سوچڻ جي لاء ڪيئن گداگيري جي دور ۾ گندو به ٿجي ۽ ڪپڙن تي به داغ نه لڳي ته گڏوگڏ منزل و نالو ٺھي وڃي, فن ۽ علم ڊگرين سميت ڪٻاڙخانن جي ڪُوڙن ۾ اڇلائي راتو رات رات انڌيري ۾ چوڏس جي چمچڪاٽ ڪرائي, ڏندن جي وچ۾ لوھ جهلي تارن جو تعداد وڌائي ڀلا ڀلي جو ڇيڙو ناهي ڇا ڇا ڪري اڳتي اچي انهن ڊگري يافته پڙهيل لکيل ماڻھن جي ٻوٿ تي چماٽ ٽڙڪائي اهو محسوس ڪرائي ته ڪهڙي اوقات تنهنجي ڊگري جي, ڪٿي آھين تون, تنهنجو فن, پر اهي ضرور اهو  چوندا:

اے طاہِر لاہوتی اُس رزق سے موت اچھی
جس رزق سے آتی ہے پرواز میں کوتاہی,

 اهي لفظ شارٽڪٽي شھزادن جي ٻوٿ تي ٻارانهن بجائڻ لاء ڪافي انهي ڪري به آھن جو:

سچ کو تمیز ہی نہیں بات کرنے کی اور جھوٹ دیکھو کتنا میٹھا بالتا ہے۔

شارٽڪٽي سوڙهي گهٽي جا سپرين ڪيئي هيلا وسيلا و هربا استعمال ٿا ڪن ڪٿي سنگت سرچائن, ڪٿي دوست, مارڪن, پئسن, مائڪ تي فوٽو, ادب جي ڪنهن صنف ۾ انٽري و نالو ڪمائڻ, شيلڊون اجرڪون و ايوارڊ وٺڻ لاء تعاون ڪن ٿا, ادب ۾ انهي شئي جي ادبي طور تي وڏي ۽ واضع گُنجائش به آھي جيڪا اچڻ واري جي ڳلن ۾ انٽري جي وقت عيان به ٿئي ٿي.
ڪٿي, ڪڏھن, ڪهڙي ريت, ڪهڙي حالت ۾,ڪيتري دير ۾ منزل, مقصد و اسٽيشن تي پهچي جهڙا سڀ تجربا رکندڙن جا فيسبوڪ تي سوين چيلا, گُرو, دوست, هُو, ۽ ڇاڙتا به  آھن جيڪي بظاهر وڪالت ۽ پسمنظر ۾ ٻيو ڪجھ ڪندي به نظر ايندا آهن, انهن کي  هر اسٽيشن تي پهچڻ لاء ڪلچر, تهذيب, روايت, ريتون رسمون چاهي انسانيت به قربان ڪندي دير ناهي لڳندي شرط منزل جو حُصول هوندو آھي, انهن جي اڳ ۾ محنتي, جاکوڙي, سچو ايماندار گهٽ  نظر ايندو ۽ اهي جاکوڙين جي پاڇي و غيرموجودگي ۾ نالي تي پيو ڏھڪا نظر ايندو آھي ڇو جو بنا نمبر پليٽ جي ڪردار تي مبني منزل ريت جي ديوار يا انڌيري جي پاڇي وانگي هوندي آھ جيڪو هڪ خواب مثل هوندو آھ.

شارٽڪٽي نه سڌريا ئي نه سڌرڻا منهنجو انهن باضمير دوستن توڻي عزتدار دوستن و والدين کي عرض آھي ته بجاء پنهنجي قسمت ۽ پڙھائي و فن کي تهمت و لعنت ڏيڻ جي محنت جاري رکو انهن بدڪردار بدڪن جي بيسُري آواز جي اڍنڳي ڪرتوتن تي نظر رکڻ جي, اهي پاڇا ۽ خواب مثل آھن, انهن جو وجود فاني آھي ۽ سچ هميشه لاء رهڻو آھي, جيڪو به اڀرو اڀرو ملندو ان تي گهٽ ۾ گهٽ نالو نه ٺھيو ته پاڙي۾ ته عزت هوندي, بنگلو نه ٺھيو ڪمرا ته هوندا, مائڪن تي ڦُوٽو نه آيا ته سيلفي ته ٿيندي. سچي محنت و لڳن اهڙن بد ڪردارن کان اڳتي به وٺي وڃي سگهي ٿو پر شرط آھي جهڪڻو, وڪجڻو ناهي سچي دل سان محنت ڪرڻي آھي ته منزل ملڻي ئي آھ.
اهو چئي اڳتي وڌو:
کس میں ہمت ہے ہماری پرواز میں لائے کمی.....!
ہم پروں سے نہیں حوصلوں سے اڑا کرتے ہیں.

حوالي ماڻھون

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ڪاٽن مٿي ٽوپي اجرڪ,
پينٽ شرٽ مٿي ڪالر ڪڙڪ,
ڳالهيون هوندس رکي ڪٽ,
اهڙيون ٻڌائيندا قوالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

واسطو, عهدا اٿڻ ويهڻ سڀ,
ماڻھون ته لڳندو سفا اڻلڀ,
ڏيئي ڇڏيندو سفا اهڙي دٻ,
ماڳهين لڳي ٿو موالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ڪم ڪنداسين پاڻ ته اهڙو,
اڳي نه ڪيو ڪندو نه ڪو اهڙو,
کڻبو نه گڏ سفا جهڙو تهڙو,
ڏيندو مُرلي مٿان مُرلي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ڦونڪ سواء نه ڦونڪارو تن جو,
سڃاڻڻ جيڪي رويو هن جو,
پاسيرا ٿين ۽ پاسو ڇڏين تن جو,
اُڏائي ڇڏيندو اُڏالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ  ۾ جلالي ماڻھون,

اڏايل انجي ڪٿي نه ويٺي,
اڏري وئي ماڳهين بلڪل نه بيٺي,
ويٺي ته وئي قبر جي هيٺي,
دٻي ڇڏين ٿا دڙالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ميوارام پرمار

هولي به گُذري وئي

هولي گُذاري وئي.............!!!!!!!!
ميوارام پرمار

هم خدا ڪو ايڪ مانتي هين,
مگر
هم خدا ڪي ايڪ بهي نهين مانتي,

سوچ جو وقت به وقت تيزي سان تبديل ٿيڻ ارتقائي عمل آھي پر گلوبل وليج بڻيل هن دنيا ۾ روز به روز نواڻ دنيا جي صرف هڪ بٽڻ جي ڪلڪ تائين جي دُوري تائين آھي, مصرفترين دور ۾ هر فرد توڻي ننڊو وڏو انتهائي مصروف پئي رهيو آھي ايتري قدر جو پنهنجي سڪون لاء به وقت نه اٿس اهڙي ۾ ذهني تسڪين توڻي انجوائيمنينٽ هڪ هر ماڻھون جي لاء ڏکيو ٿيندو پيو وڃي, اهڙي ڪشمڪش ۾ انسان مذھبن کان ڪافي ڏُور ٿيندو پيو وڃي رهيو آھي, پنهنجي سوچ و فائدي وارين يا ائين کڻي چئجي ته جيڪي شيون پاڻ کي مناسب لڳن ٿيون انهن ئي صرف اپنائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.

هندو تهذيب ۾ ڪافي ڏھاڙا ملهايا وڃن ٿا جنهن ۾ ڏياري, هولي, جنم اشٽمي, ٽيجون, آکاتري ۽ ٻيا, جهڙي ريت وقت جي تيز ترين لهر ۾ طوفانن جو مطلب ذھني پريشاني جهڙوڪ ڪم ڪم ڪم ۽ مصروفيت جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون جن کي منهن ڏيندي اڳتي وڌي پيو انسان ۽ اهڙي حالت ۾ مرڻا, پرڻا, ڌرڻا ۽ ريتون رسمون و تهوار ملهائڻ انتهائي ڏُکيو ٿيندو پيو وڃي, حالانڪ وقت کي بيرحم ئي کڻي چئجي پنهنجي سوچ و حرڪتن جو ملبو وقت تي اڇلائي ائين ڏسڻ ۾ اچي پيو ماڻھن وٽ مرڻ لاء به وقت ناهي بچيو موت اچانڪ اچي ته ٻي ڳالھ آھ, تهوار تي سڀني گهر ڀاتين, پاڙيسرين و دوستن جو صحيح سلامت سُرت ۽ خوشي سان گڏ ٿيڻ به خواب لڳي ٿو, اهڙي تهوار تي به انسان لطف وٺڻ جي وڌ مان وڌ ڪوشش ڪري ٿو, تنهن لاء مذھبي شيون انتهائي گهٽ ائين به کڻي چئجي آخري پساھ ۾ آھن, انهي جاء تي ذھني سڪون لاء موبائل فون, ڊسڪو ڪلام, ناچ گانا, شراب, ۽ وانديون خبرون ڊسڪو ڪلام ايتري قدر اسانجي ذھنن تي حاوي ٿي ويا آھن جو مذھبي گيت به يو يو هني, ميڪا سنگھ سميت ٻين جديد فنڪارن جي  صرف نچڻ واري ورين ۾ ڳائڻ ۽ ٻُڌڻ پسند ڪيا وڃن ٿا جنهن ٿي شراب جي استعمال کانپوء ناچ ۽ وري پيگ پيگ ۽ پيگ يا ٻي سنگت سيلفين ۽ رُلڻ جو ٺيڪو کنيو هجي انهي سنگت جو انقلابي ڪم گڏجي هوٽل تي ماني کائڻ, باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترو انگ رهيو آھي جيڪو ڪجھ قدر مذھبي طريقو اپنائن ٿا پروگرام يا تهوار ملهائڻ لاء.
ڪنهن به قسم جي تهوار کي ملهائڻ لاء ڪلاسڪيل يا روايتي طريقو رهيو ته هر اڳين ايندڙ کي هضم ڪرڻ يا قبول ڪرڻ انتهائي ڏُکيو رهندو اهڙي صورتحال ۾ تهوار ختم به ٿي سگهن ٿا ماضي ۾ ائين ٿيندو به رهيو آھي ۽ اڄ به ٿي رهيو آھي.

تهوار سميت سڀني پراڻين ريتن رسمن کي جيڪر اڳتي کڻي اچڻو آھي ۽ انهن شين کي زنده رکڻو آھي ته انهن کي جدت جي رنگن سان رڱڻو پوندو, جدت ۾ سمائڻو پوندو ۽ نئين جنريشن جي سوچ پٽاندر ڊزائين ڪرڻو پوندو جيئن نئين نسل ان شي کي سمجهي ۽ اپنائي سگهي ۽ ائين نواڻ وقت به وقت آندي وڃي, نه ته ائين ٿيندو جيئن اڄ ٿي رهيو آھي ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالله يار, ڪٿي جنريشن جي سوچ ۽ ڪٿي اسانجون ريتون رسمون ۽ تهوار ۽ اهڙي ريت تهوار گذاري ويندا ڪتابن جي قبرن ۾ پڙهڻ لاء ملندا.
انهن تبديل ٿيندڙ ماحول مطابق هر هڪ کي وقت جي سخت پابندي سان ريتن رسمن کي ماڊرنائيزڊ ڪرڻ لاء اڳتي وڌي چڙھي حصو وجهڻو پوندو جيئن تاريخي ريتن کي زنده رکي سگهجي ۽ نواڻ به آندي وڃي اهو به مثبت سمت ۾ ۽ انهن شين کي ايندڙ نسل تائين صحيح سلامت منتقل ڪري سگهجي.
هن نسل کي کپي ته وقت, پئسي ۽ رشتن جو قدر ڪندي تهوارن کي سادگي ۽ مهذب طريقي سان(نيئن  نسل کي  تاريخ ۽ تعارف کن آڳاهي, ريتن, طور طريقن کان آڳاهي, پراڻين ۽ نئين ريتن بابت آڳاهي ڏين )ملهائن ته جيئن ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿئي مزو وٺڻ جي چڪر ۾ ۽ اڳين نسل کي ڏيڻ لاء اسان وٽ صرف ۽ صرف ڳالهيون ئي رهجي وڃن ۽ پڇتاء کان علاوه ڪجھ به نه رهي.

جديد صوفي ازم

جديد صوفي ازم

صوفي ازم وئي سني ليون ٿي,
ميان خليفه ٿي آ معتبر هتي,

اديب شاعر سڀ منشي ٿيا,
بُوٽ چٽڻ ۾ نه ڇڏي ڪثي هتي,

عمران هاشمي ٿيا اعلي اديب,
ادب چڙھيو وحشت ور هتي,

شاعري صنفون جوتي آڏو ختم,
ڪئي حادثاتي ٿيا مقرر هتي,

ساڳيو سينو تاڻي بيٺو هو جو,
ڪنڌ جهڪائي, کنيو نه ڪر هتي,

پوري محفل چٻرن جي چانڊاڻ,
سڀني واپرايا پئسي وکر هتي,



صوفي ازم وئي سني ليون ٿي,
ميان خليفه ٿي آ معتبر هتي,

مال ڏسي ڀٽڪڻ

ارهيندا آھيون, اٽڪي پئون ٿا,
مال ڏسي بس, ڀٽڪي پئون ٿا,
سڌو سڀن جي, منهن تي چئون ٿا,
پئسو ڏسي بس, لٽڪي پئون ٿا,
ڳالھ ڪنداسين اجتماعي مفاد جي,
سودو ڪبو لڪي ذاتي مفاد جو,
ٿا سنگت نڀايون, سائين سرچايون,
پرين پرچايون ۽ ٿا پڻھين پرچايون,
رات جو هڪ هنڌ, ڏينهن جو ڪريون گند,
چڙھيون پوئين سيٽ, ٿئي ڪٿي ٿو پنڌ,
سماج جا سُور, ڪٿي سمهڻ ٿا ڏين,
ڪمائي جا موقعه, وري ڪٿان ملن,
گوڙ, شور, ريليون, چوڪ رستا بند,
جي ڪيو وڏيري فون, ٿيندي بڪواس بند,
ڏسي مال جو آسرو, ڀرجون ڦوڪڻي جيان ٿا,
ڏسي سائين جو ٻُوٿ, هوا نڪري وڃي ٿي,
حاضري هن جي ڀرون, مال انجو ئي کاڌو,
گاڏي, نوڪري سڀ, وڃن ته سفا واندو,
هاڻ وندر ڏسون پيا, هوائي روزي آھ,
يا ته اداڪار, يا کُلي لاٽري آھ,
بس تاڙ انهي ۾, هر وقت ٿو ڌيان رهي,
متان نه ڪو موقعو, خالي اسان گُذري,
انهي لاء ته چئون ٿا, چُپ نه رهون ٿا,
جيڪو به آيو, آقا علاوه, سچ چئون ٿا,
ارڏا آھيون اٽڪي پئون ٿا,
مال ڏسي بس ڀٽڪي پئون ٿا,

ميوارام پرمار

نالي جا باغي

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون
ذليل ٿيڻ جو وارو ملي ڪڏھن،
منهن پنهنجي ملهندا دانگي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

اٽي ٻوري تي ايمان وڪيو آ،
ڇوري، ڇورو ٿي بيمان وڪيو آ،
ذلت ۾ زندگي جو گاڏو ڌڪيو آ،
مٿو ڪٽڻ ۾ سفا راڳي آھيون،

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

آريا، ٻاهريان توڙي پنهنجا ڌاريا،
ڪئين ظالم شيطان معصوم ماريا،
ڪئين ڪٺاڻا ڪئين سولي چاڙهيا،
ڀاڳن ۾ اسين بلڪل اڀاڳي آھيون۔

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

ڪير پيو ڪسجي، ڪير پيو مري،
پرائي حقن سان سندو ڀڀ پيو ڀري
قوم تنين وٽ  بدنا ٿي پئي ڀري،
پنهنجي زندگي جا پاڻ ئي واڳي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔


جوڌن جي ناءُ

سنڌ جي سپوتن جي نان

ڪنهن ته بهاني هو نڪتو آ
تو وانگي نه هو گهر ۾ ستو آ

ويٺو آن تون ڀڀ ڀري
ڇو آ تنهنجي مت اڄ ڦري

هو حق جي خاطر ڊوڙھي ٿو
تو وانگي نه هو لوڙھي ٿو

هو قوم جي سڄاڳي چاهي ٿو
هو قوم جي ڀلائي چاهي ٿو
هو پنهنجي حق حلالي کائي ٿو
تو وانگي نه دلالي کائي ٿو
هو رت پسيني ۾ واهي ٿو
پيرين اگهاڙو ٿو هو پنڌ هلي
ٿو سنڌ لاء هو اڄ پنڌ هلي
جنهن رخ ۾ اڄ سنڌ هلي
جنهن باھ ۾ اڄ سنڌ جلي
هو تقدير بدلائڻ نڪتو آ
هو ٻڏندڙ ٻيڙي جو تختو آ
جو ارادي جو پڪو پختو آ
حساب ڪندو هو چڪتو آ
هو پيو اڄ توکي ياد ڪري
جو سنڌ اڄ پئي فرياد ڪري
جي وڃن پيا سنڌ برباد ڪري
قوم تن جو احتساب ڪري
تون سمھ نه گهر ۾ ٻاهر نڪر
ظالم جابر کان وٺ ٽڪر
جو سنڌ جي تباهي چاهي ٿو
ڪر تون سينو هن جو ٽڪر ٽڪر
هي سنڌ اسانجي ڌرتي آ
هن جو ٻچو ٻچو وارث آ
جو سمجهي هو لاوارث آ
خوامخواه کئين خارش آ
هي قوم منهنجي جاڳي پئي
تنهنجو مراعتون تياڳي پئي
هاڻ نه تنهنجو وجود بچندو
قوم ته منهنجي جاڳي پئي
اچي منزل تي اسين پڳا ھون
هي پنڌ ته رهيو باقي آ
هر هڪ ٻچڙي توکي جاتو آ
تون ظالم جابر ساڳين آ
تنهنجو ته اڄ حساب ٿيندو
هر هڪ ڪرتوت جواحتساب ٿيندو
تون ته ڦاسي ويو آھين
جهري ته تنهنجو وجود ويندو
وري نه بچندو ٻڄ اهڙو
وري نه نڪرندو سج اهڙو
ٿي نسل تنهنجو تباھ ويندو
نظر ايندو وري ڪجھ اهڙو


ظالم سيارو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

انتظار ڪيو وتن ساري عمر
ڪري نه سگهي ڪوئي ٽڪر
سڪي ويچارا ٿيا سفا لڪڙ
ويندي سيارو ڇا ڇا ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

ٿي رلي جهالو نه جهالو رجائي
وڃي پئي سرڪي جواني اجائي
ڪنوارپ ڇڏيو آ ساھ ته سڪائي
ويچارو ڪٿان ڪٿان باھ ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

ٿيڻ تي اجهو بيٺا آھن ٽپڙ پورا
سڪي تلهڙ ٿي هي جواني جهور آ
پرايو ويچارن بس سڄو سور آ
ھاڻ رهيل هي سيارو واء ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو


لٻاڙي يار

ڪروڌ ڪچھري ڪوڙ ڪٽي ٿو
ٻنهي هٿن سان بس مڇون وٽي ٿو،

هن ڇڏي ته هن جي کڻي ٿو
چغل خوري ۽ بس گلا ڪري ٿو
ڪچري آڱري ڪندو رهي ٿو
ٻوٿ نه ڳالهائيندي ڦٽي ٿو

ڪروڌ ڪچھري ڪوڙ ڪٽي ٿو
ٻنهي هٿن سان بس مڇون وٽي ٿو،

ڳالهاين منجهان ٿو ڳالهيون ٺاهي
ٿڪ جا سنڌا ٿو هر ڳالھ ۾ لڳائي
هڪڙي چنگي هتي ٻئي ٻياڻ لڳائي
ڪوڙ ته اهڙا هو سفا سٽي ٿو

ڪروڌ ڪچھري ڪوڙ ڪٽي ٿو
ٻنهي هٿن سان بس مڇون وٽي ٿو،

الاهي ڪٿان ٿو ڳالهيون آڻي
واندن ماڻھن کي ڇڏيو ڇاڻي
رهي نه وات ٿو واندو هاڻي
ڪوڙ نه هن جو ڪڏھن کٽي ٿو

ڪروڌ ڪچھري ڪوڙ ڪٽي ٿو
ٻنهي هٿن سان بس مڇون وٽي ٿو،


کيس چئجو هتان گُذر نه ڪري, مزاحيه

هل ڀل

کيس چئجو هتان گذر نه ڪري
شھرن جا شھر دربدر نه ڪري

چئوس ڪڏھن ته مٿو به ڌوئي
شھرن جا شھر صفا گٽر نه ڪري

ائين به نڪرندي نه ڪر سنڀري
ماڳهين ڪو ڪتر ڪتر نه ڪري

تيل ڦليل ڪرصرف ٽڪ ٽاڻي تي
مجنون ويچارن تي ائين قهر نه ڪري

هلي ته واٽ تي ڍنگ سان هلي
چيل وٽي ائين اٽر مٽر نه ڪري

ڪڏھن ته گهر جهلي ويھ هو
هروڀرو ايڏا فالتو سفر نه ڪري

ڪم نه ٿي ته هٿ جهلي ويھ هو
واٽ ويندن جا وات ڪپر نه ڪري

مٿي تي رئو رکندي ڪري هر هر
بکايل گابن لاء وار ڇٻر نه ڪري


فراڊي مُرشد

انڌي قوم جي نان

اڙي قوم کاري پيو
منهنجو مرشد
اڙي ٻچا مري پيو
منهنجو مرشد
اڙي حق کائي پيو
منهنجو مرشد
اڙي توکي کائي پيو
منهنجو مرشد
اڙي روڊ کائي ويو
منهنجو مرشد
اڙي اسڪول ڪرن ٿا
منهنجو مرشد
اڙي ماڻھون مرن ٿا
منهنجو مرشد
اڙي مريض مرن ٿا
منهنجو مرشد
اڙي قوم رلي پئي
منهنجو مرشد
تنهنجو گهر دکيو آ
منهنجو مرشد
تنهنجو خاندان رليو
منهنجو مرشد
تنهنجو ملڪ تباھ ڪيو
منهنجو مرشد
تنهنجي ذات تباھ ڪئي
منهنجو مرشد
تنهنجو گهر تباھ ڪيو
منهنجو مرشد
توکي ماري ڇڏيندو
منهنجو مرشد
توکي ساڙي ڇڏيندو
منهنجومرشد
توکي جلائي ڇڏيندو
منهنجو مرشد
توکي دفنائي ڇڏيندو
منهنجو مرشد

مرشد: موچڙو ۽ لالچ جاهل قوم جا مرشد آھن اهڙي قوم کي هي ارپڻ ڪجي ٿو


سچ ڪير ڳالهائي

ڪندو وري سچ جي عڪاسي ڪير
سچي جي ٿي نه هتي ماسي ڪير،

سچي ماڻھون سڄي پئي  سولي آ
ڳالهائڻ واري جو به  مقدر گولي آ
رهن هتي ٿا سير مٿان سوا سير

ڪندو وري سچ جي عڪاسي ڪير
سچي جي ٿي نه هتي ماسي ڪير،

اخبار هن جي ۽ ٽي وي هن جي،
سجي ڪمپني آ بي وي هن جي،
ڪندو ڀلا هاڻ سچ جي آسي ڪير

ڪندو وري سچ جي عڪاسي ڪير
سچي جي ٿي نه هتي ماسي ڪير

سڀ ڪو آهي ھتي نوڪر هن جو
کائي ٿو هتي هرڪو ٽڪر پن جو
نڪرڻ جي ڪندو هتي آسي ڪير

ڪندو وري سچ جي عڪاسي ڪير
سچي جي ٿي نه هتي ماسي ڪير،


ٽڪي جي ماڻھون

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

ڪردار تن جو فقط ڪيڙا ڪڍڻ آ
جاچڻ پرکڻ جيئن جون جو سرڻ آ
چپ رهڻ ڇو سمجهن  نه سياڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

هر وقت ٿا تڪيو ويٺا هجن سي
متان نه ڪم جا ماڻھون لڀن ڪي
رڳو جهلين ٿا ٽنگن ۾ راڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

ڄائي ڄمي فطنو فطرت تن جي
جهيڙو جهٽو ڪرائڻ عادت تن جي
رڳو ڄاڻين ڏيڻ طعنا مهڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

هتي هنن جي خوب هلي ٿي
ڇو جو سچ کان دنيا جلي ٿي
تنهن مان فائدو کڻن ٿا ڄاڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

واھ واھ تن جي گلي گهٽي ۾
منافقت ڪن ٿا جهٽ پٽي ۾
کٽين دليون ٿا سجهڻ اياڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا

هوڪو هلي ٿو وڄي ٿي تاڙي
ڳالھ هڪ ۾ دل کي ساڙي
وڃن ٿا واھ واھ ڪندا هي ڪاڻا

ٽڪي جا ماڻھون ٽڪي جا رهڻا
پر ڇو الاهي هتي لکن ۾ وڪاڻا


ادبي لونڊا

ارپنا ڪاپي پيسٽ شاعر ۽ اديب جيڪي راتو رات شھرت جي بلندين تائين پهتا آھن

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي،

خبر ناهي ڇا ۾ ٿو نمبر  کڻي
آھين ناڪاره پوء به وڻين
ڪهڙي ڪشش آ ڪير ٿو چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

ڪم به توکان ٽڪي جو ٿي نه
سوچڻ جي سم ڪم ڪري نه
فوٽو ڪڍرائڻ جي تون آھين شي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

هر ڄڳھ تي اڳيا آھين
ڪم وارن جا ڪم ٿو لاھين
اڳتي اچڻ جي دل ٿي چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

اسٽيجن جي زينت آھين
اڄوڪا اديب ٿا دل سان چاهين
اڃان وڌڻ لاء سوچ ٿي ڪهي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

مرڻو ھجي چاهي پرڻو
تنهنجو ڏک سک ڪتن نه سهڻو
تڙي ڪڍڻ جي دل ٿي چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

هر محفل ۾ نمبر کڻين ٿو
اديب ججن کي دل سان وڻين ٿو
سدا جيئن تون هرڪو چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

فوٽو تنهنجا واھ جا ٺھن ٿا
لائڪ ڪمينٽ ڏاڍا ملن ٿا
خوبصورتي تنهنجي برقرار رهي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي۔


ضدي ماڻھون

اسين ته آھيون واڏي ماڻھون
سڌا سئنوان فراڊي ماڻھون

اسان نه ڪنهن جي ڪچر پچر سهون
اسانجي نه ڪنهن جا طعنا ميار سهون
ڳالھ مچ جي چوڻ وارا ماڻھون

اسين ته آھيون واڏي ماڻھون
سڌا سئنوان فراڊي ماڻھون

هرڪو چوي ٿو هيڏانهن هل تون
ڪو ڪو چوي ٿو ڪيڏانهن هل تون
اسان ته پنهنجا گس ٿا ڄاڻون

اسين ته آھيون واڏي ماڻھون
سڌا سئنوان فراڊي ماڻھون

وٽيو مڇ ڪاٽن پايو آيا آھن آرڊر هلائڻ
فوٽو ڪڍائڻ وارا ڪم کان ٿا لنوائن
اسان ته پنهنجا ڪم ٿا ڄاڻون

اسين ته آھيون واڏي ماڻھون
سڌا سئنوان فراڊي ماڻھون

نڀاڳي چور جو نالو وڏو آ
هر چري چڱي وٽ تنهنجو تڏو آ
اسان ته پٽ تي ويهڻ وارا ماڻھون

اسين ته آھيون واڏي ماڻھون
سڌا سئنوان فراڊي ماڻھون


مظلوم ٻار

انصاف جي اوسيئڙي ۾
ھي ٻالڪ ٻاجهائيندي
اڄ تڙپي پيو روح هن جو
واجهائي پيو ٻاجهائي پيو
ڏسي پيو تاڙي پيو
ڀٽڪي پيو رلي پيو
انصاف لاء نصاف لاء
هي ويچارو ٻارڙو
زندگي جي جنگ هاري ويو
روح کي روئاري جي کي جهوري
ماريو ويو من تن سڀ ساڙيو ويو
رڙيون اڄ به اڀ ۾ ٿين پيون
ڪوڪون ڪوڪاٽ چيچاٽ
اڀ سڄو ڪري پيو
روئي رڙي پيو
انصاف گهري پيو
انصاف گهري پيو
هي معصوم جيون
ڪا گلن جي ڪلي هئي
اڃان مس جيون جي
جهٽ به نه جهلي هئي
ڪنهن شيطان جي ڪارڻ
زندگي رلي وئي
ڪيو شيطان قهر
هن پتڪڙي بدن تي
ڇڏي معاشري تي
آزمائش جي گهڙي ڪا
لڙي هئي ڪڙي هئي
ڪن ڪافر جي ڪمن جي
جن جاري رکيو آ
تن جي قدمن کي
وري وريو ويل هن معصوم بدن تي
ڪيو قهر ڪهڙو معصوم گلن تي
ڇڏيو واء وائڙو ڪيو واء وائڙو
بتالن وانگي ٿيو واء وائڙو

بقلم
ميوارام پرمار

مظلوم ٻار

انصاف جي اوسيئڙي ۾
ھي ٻالڪ ٻاجهائيندي
اڄ تڙپي پيو روح هن جو
واجهائي پيو ٻاجهائي پيو
ڏسي پيو تاڙي پيو
ڀٽڪي پيو رلي پيو
انصاف لاء نصاف لاء
هي ويچارو ٻارڙو
زندگي جي جنگ هاري ويو
روح کي روئاري جي کي جهوري
ماريو ويو من تن سڀ ساڙيو ويو
رڙيون اڄ به اڀ ۾ ٿين پيون
ڪوڪون ڪوڪاٽ چيچاٽ
اڀ سڄو ڪري پيو
روئي رڙي پيو
انصاف گهري پيو
انصاف گهري پيو
هي معصوم جيون
ڪا گلن جي ڪلي هئي
اڃان مس جيون جي
جهٽ به نه جهلي هئي
ڪنهن شيطان جي ڪارڻ
زندگي رلي وئي
ڪيو شيطان قهر
هن پتڪڙي بدن تي
ڇڏي معاشري تي
آزمائش جي گهڙي ڪا
لڙي هئي ڪڙي هئي
ڪن ڪافر جي ڪمن جي
جن جاري رکيو آ
تن جي قدمن کي
وري وريو ويل هن معصوم بدن تي
ڪيو قهر ڪهڙو معصوم گلن تي
ڇڏيو واء وائڙو ڪيو واء وائڙو
بتالن وانگي ٿيو واء وائڙو

بقلم
ميوارام پرمار

البيلا انڊيا نه وڃ

او البيلا تانجي ڪي ڦٽي اھ
انڊيا ڪهڙي تين شي ڏٺي اھ

ڪريس ڪي تون انڊيا جائي
ماڻھان تان سڄا پيا پڇا آئي
ماٺ ڪري ٻيس آسرو لاهي
ٻيجان ڏيکي تانجي  ڦٽي اھ

او البيلا تانجي ڪي ڦٽي اھ
انڊيا ڪهڙي تين شي ڏٺي اھ

انڊيا ۾ تانجي لاء ٺري پيو جائي
گمانو آپري تان گهري پيو جائي
ڪم ڪر تون جڪو تو تنا ڀائي
اٿ ڳيوڙان ري خرچي کٽي اھ

او البيلا تانجي ڪي ڦٽي اھ
انڊيا ڪهڙي تين شي ڏٺي اھ

سننڌ جهڙي نه اٿ ڌرتي ملسي
اٿ تنا رڳو هڻکڻ خفتي ملسي
پريان آتي سڌو گٽو ۾ جهلسي
ائين سوچڻ ئي صفا کٽڦٽي اھ

او البيلا تانجي ڪي ڦٽي اھ
انڊيا ڪهڙي تين شي ڏٺي اھ

ماڻھون اٿلا صفا مور جهڙا
ماکي مصري ۽ کٽي ٻور جهڙا
بمبئي ٺڳ لليچا صفا چور چھڙا
اٿي روٽي تان صفا ڏاڍي سٺي اھ

او البيلا تانجي ڪي ڦٽي اھ
انڊيا ڪهڙي تين شي ڏٺي اھ


انصاف کپي نٿو

عدل کپي نه انصاف کپي
پاڻ کي پلاٽ صاف کپي
ڪندين تون وري انصاف ڪهڙو
جنهن ڪرايو هر هنڌ آ جهيڙو
ايندين ويندي تو ماڻهون مارايا
ڪرسي چڙھندي تو بنگلا ٺھرايا
انصاف نه تنهنجي رڳ ۾ آ
ڪڍي ڇڏيو عوام جو ساھ
جتي ڪٿي تنهنجي دانھن ملي ٿي
مال ڏسي تنهنجي دل جلي ٿي
ڪمائڻ نه ٽڪو تو سکيو آ
سدائين ابتو پورهيو سکيو آ
شارٽ ڪٽ ۾ ڪيئن اڳتي اچجي
پرائي مال کي ڪيئن ڦٻجي
عوام تو کان ٿي بيزار ويو آ
هر وقت جنيئن تو خوار ڪيو آ
هاڻي تنهنجي ڪو حاضري ڀرندو
مال کاڌل سڀ واتان ورندو
جيڪي ماڻھن مجرا ڪن پيا
سي به موقعي جي تلاش ڪن پيا
وري نه اھڙو ڪڏهن واء ورندو
پرائي مال سان  ڀڀ ڀرندو
وقت ته تبديل ٿي ويو اڄ
گرم گهڻو ٿي ويل آھي سج
ڀڄڻ جي ڪر تون تياري
مال پاڻي تي ڏي ٻوهاري
وڃي اهڙو ڪو ديس وسان تون
جتي خلق نه خدا ڏسين تون
کائي سگهين تون ساھ سک جو
ڪڍي عوام نه قصر بک  جو
وقت ته تنهنجو ٿي پورو ويو آ
ڪم ته تو به ڪري پورو ڇڏيو آ

مال تي ڌمال آ

نڪين قرب جو ڪمال آ
نڪين دل لڳي جي ڳالھ آ
پئسه ڦينڪ تماشه ديکھ
سائين مال تي ڌمال آ
سائين مال تي ڌمال آ

اڇن ڪارن جي پڙي لڳي ٿي
پڙهيل لکيل هتي ڇڙي لڳي ٿي
پئسه بهت بري بلا هي سائين
ٿيندو مست مستي ۾ جلال آ
بک وگهي ٿو بتال ٿي ماڻھون
هر ڪنهن جو هتي لڳي ٿو ناڻو
پئسه بولتي  بولتي بند ڪرائي
مڙئي ائين هٿ ۾ کنيو رومال آ

ڪهڙي دشمني ڪهڙي مخالفت
هر منافقي ڪري مقدار مطابق
معيار سب ڪا يهان پامال هوتا هي
جي سامهون مليو نوٽ ڳاڙھو لال آ


ڪي ته مرن ٿا بلڪل نالي پويان
ڪي ته ڦرن ٿا سوني ٽالهي پويان
پئسه ني سب ڪو ڪر انڌا ديا هي
هر ڪنهن جي هت سوچ پاتال آ

سچ نٿو وڻي


اڄ نه ڪنهن سچ وڻي ٿو
ڪوڙ سڀن کي ڳچ وڻي ٿو۔

منافقت ڪري گهر تون ٺاهي
چاهي جنهن جو ڪم لاهي
ھن ضمن ۾ زمانو انڌو آھي
تعريفن جو سڀني مچ وڻي ٿو

اڄ نه ڪنهن سچ وڻي ٿو
ڪوڙ سڀن کي ڳچ وڻي ٿو۔

سچ چوين ته هوندين اڪيلو
سڀڪن نظرين لڳندين ميلو
سچ چوڻ جو ناهي هي ويلو
سچ ته سڀ لاء مرچ کڻي ٿو

اڄ نه ڪنهن سچ وڻي ٿو
ڪوڙ سڀن کي ڳچ وڻي ٿو


بي قابو زبان

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

ڪيڏو جهلين تون زبان راڻا
چونڊي چکي سهڻا مٺا داڻا
موقعي تان نه زبان رهي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

موقعو ڏسي نه موضون ڏسي
مڙس تڪي نه ناري ٿي پسي
عقل ويچاري ڦاسائي ڇڏي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي

معافي تلافي ڳالھ آ مٿان جي
مٽجي عادت تن جي ڪٿان ٿي
رهڻي آ ساڳين جيڪا ڏسجي ٿي

ڳالھ واتان بس ترڪي پوي ٿي
اوقات جي خبر پئجي وڃي ٿي


موڊي يار

اڄ آپي مان ٻاهر آ جاني
جو عورتن جو يار آ جاني،

ماء ڏسي نه ڀيڻ ڏسي،
جيڪو آيو تنهن کي دسي،
گهٽي گلي ۾ ّّخوار آ جاني

اڄ آپي مان ٻاهر آ جاني
جو عورتن جو يار آ جاني،

ڪم هجي کڻي ڪهڙي رخ جو
عورتن کي پيو آھي تڪندو
کائيندو تن تي  خار آ جاني

اڄ آپي مان ٻاهر آ جاني
جو عورتن جو يار آ جاني،

وقت ڏسي نه ڄڳه ڏسي ٿو
موقعي نه کان ڪوئي گسي ٿو
رهندي هر وقت سار آ جاني

اڄ آپي مان ٻاهر آ جاني
جو عورتن جو يار آ جاني،

رهاڻ ڪري هو رنڊين سان
سڄين، انڌين منڊين سان
وڏي اندر ۾ آ ٻاڙ جاني

اڄ آپي مان ٻاهر آ جاني
جو عورتن جو يار آ جاني،

سنگت پاڻ جهڙي رکي ٿو
روز نوان هو مال چکي ٿو
تڏهن واتان نڪري گار آ جاني

اڄ آپي مان ٻاهر آ جاني
جو عورتن جو يار آ جاني،


جهليل گهوٽ

شادي مبارڪ

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

هٿ ۾ جنهن جي ڪوڏر هئي ڪل
اڄ ڦري وئي هن ويچاري جي ڪل
شادي صفا ته ڪڍي ڇڏي آھ کل
پئسو وڃي ڪٿي نه اجايو کوٽ تي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

ڪهاڙي ڪوڏر بيلچو کڻي ٿو
سڄو سارو ڏينهن هٿ هڻي ٿو
پئسو ويچار ته هر ڪنهن وڻي ٿو
هٿ هلڪو رکي فرض آ سؤٽ تي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

پيٽ صفا ته ڪو پاپي آھي
مزور هارين جا ڪم ٿو لاهي
رات ڏينهن ٿو جسم کپائي
هنجو ڌيان آ صرف روٽ تي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

لڳي ٿو پئسو تو وٽ جام آ
اڏائين تڏھن پيو تون خوامخواه
اڏائن بجاء وٺ ڪم جي شي ڪا
مارائين نه غريب هن گهوٽ کي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي


منافق ناهيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون،

تون ڇا ڄاڻين قدر ماڻھن جي،
تووٽ ناهي اهميت ماڻهن جي
تنهنجي ليکي وڪاڻا آھيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون،

تنهنجا طعنا سهي ٻيو ڪير
تنهنجي حڪمن هلي ٻيو ڪير
اسين صدين کان راڻا آھيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون،

تون ٿو چاهين هرڪو جهڪي
تو وٽ وڪامي ماڻھون ٽڪي
اسان نه ڪنهنوٽ جهڪڻا آھيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون۔


اناڙي ليکڪ

اسين ته صفا نه لکڻ ٿا ڄاڻون
لکڻ نه ڄاڻون پڙھڻ نه ڄاڻون
ڪهڙا جمله وري ڪهڙي گرامر
ابتا سبتا  لفظ بس اڻڻ ٿا ڄاڻون

حال ڏسون جيئن ڪريون احوال،
ٻڌڻ وارن جون وايون ٿين بتال،
ٻري ٽانڏو يا ڪٿي لڳي ٿو ٽانڊو
ڳالھ اسانجي ۾ آپنهنجو جلال،

اکين ڏسو ٿا ڪنين ٿا ٻڌون
وادي پرائي تي نه ڌيان ڌريون
جهڙي صورت ڪهڙي هجي ڳالھ
سنڌي ڳالھ بلڪل چٽي ڪريون

ڳالهين منجهان ڳالهڙا ٺاهي
اجايو پرائي ڳالھ کي وڌائي
مفت ۾نه ڪنهنجو مان وڌايون
اهو اسانجي منشور ۾ ناهي۔

ڳالهين وارا وٽ جاڻي ڪير
سائين وارن نالا ٽاري ڪير
جو ڪريون ٿا تيئن ڪبو آ
ڀلين ٿي ڪٿي هيروڦير۔


سياسي فحش

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

ووٽن وارو ماحول ناهي
غريب وڃي ڦاهي کاهي
ڇا به ڪري اسانجو ڇاهي
ذھن صفا مجبور اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

رن مري يا ڇورو مري
چوري ڪري يا صفا ڦري
اسانجي نظرن کان وڃي ٽري
ستو رهڻ آشعور اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

مهنگائي هجي يا بيروزگاري
چوري ڌاڙا يا کڻي تغاري
ڪير ڪري اوهاجي نوڪرچاري
ڀڀ ڀرڻو آ ضرور اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

گوسڙو ٿي يا ٻڏي مري
فقط اسانجا بدنا ڀري
لوسي ماڻھو اکين کان ٽري
نسل ته آھي مغرور اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

ماء مري يا پي وڃي مارجي
پنهنجو جتن پاڻ ئي کي ڪجي
اسانجو اوهان ۾ ڪجھ نه وڃي
پٽي نه سگهي ڪير پر اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

صبح اٿون ٿا وري شام سمهون
سڄي رات ٿا ڪم کي ڌمون
جوا، وسڪي، ۽ شباب سان رمون
ڪندو نه ڪير ٽڪر اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو

رنڊيون نچائڻ سان روح جا ريلا
ڇورا کدڙا ٿا لڳن اسانکي سريلا
من ۾ مچيو پون ٿا ميرا ميلا
روح ته آھي صفا حور اسانجو

مجرا ڏسڻ منشور اسانجو
کدڙا تڪڻ منشور اسانجو


جديد دور جي يزيد قوم

عظيم قوم جديد ڪارنامه
غيرتمند قوم جا بيغرتانه افعال

روز ٿي نياڻي جي لڄ لٽجي
رڙين چيخن سان ماحول ٻوساٽجي
ماء جي جهولي کالي ٿي
پي جو ڪنڌ شرم منجهان جهڪي

روز ٿي معصوم جي ڪنڌ ڪپجي
ليڙون ليڙون رتو رت ٿي
۽ لاش ٿو واري ۾ لٿ پٿ ٿي
زمين اندر ٿو لٽجي

روز ٿو پوڙهو عليل ٿي
قوم تي ٿورن جو خواب بخيل ٿي
ٻارن جو مستقبل ذليل ٿي
زال معاشري ۾ ٿي بيحال ٿي

هتي ٻار مرن ٿا ماء جي جهولي ۾
ڪٿي بک بدحالي ڪٿي گولي ۾
ڪٿي ڪوڙي لولي ڪٿي سولي تي
روز ماء جي گود ٿي اجارجي

ڪڏهن ڀاء کان ڀينر ٿي ڌار ٿي
ڪٿي ڀيڻ کان ڀاء ڪيو ڌار وڃي
ڪڏھن ماء ٻچو کسجيو وڃي
ڪڏھن پي جهلو کسيو وڃي

ڪير ٿو ڪنهن جي هتي پرواه ڪري
ماء پي سواء پئي ٻچن جي سري
هرڪو مصروف آ ڀلين وڃن سڀ مري
رڳو پئسو ميڙڻ کائڻ پيئڻ ۽ بنگلا ڀري

سارو سماج ستو آ پئسي جي نشي ۾
ڪڏھن گهر سڙي ٿو آھن انتظار ۾
ڪڏھن ٿو تن جو وارو اچي
شال مال بچي ڀلين موت اچي

باقي چار بچيا آھن پيا چيخون ڪن
روز روج راڙو احتجاج ڪري مالڪي ڪن
اخبار ٽي وي ٿا پئسو ڪمائن
مظلومن جي نٿا وڪالت ڪن

هي رهيو حال آھي هن قوم جو
ڀاء جو درد نه رهيو آ پنهنجو
ڪير مري ٿو ڇا وڃي ڪنهنجو
دفن ٿئي پئي موئن دڙيجي قوم
وري نظر ايندي اها ڏھ هزار سال پراڻي قوم

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون

نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار

نوڪري جو آسرو ناهي

ناهي آسرو نوڪري جو ناهي مزو مزدوري ۾
آهي ڏاڍي مهنگائي ناهي ٽڪو رهيو ٽجوڙي ۾
خالي کيسا ڀڳل ٿانو ٽٽل چلها پراڻو گهر ٿا کائن
عجيب حياتي آ غربت ۾ ٿي گذري اهي خيال ٿا کائن
بيماري سيماري چوري چڪاري قيمتن جو چڙھڻ
وڏا خرچا اٽو لٽو اٿڻ ويهڻ ٿا زور ڀرين خيالن کي لوڙھڻ
ڇا ڪجي اهڙي حياتي جو کايون فاهي ناهي ڳالھ ڏاھي
پيون زهر ڪيون قهر پوء سوچيون ڪهڙي ٿيندي چڱائي
اچو بيغرتو بيشرمو بزدلو بيحياو ٿيو گڏ ڏيون سڏ ۾ سڏ
هلون بنگلي ڀريون بدنا ڏيون ٻوهاري ڪريون گوڏاگڏ۔
ملي ڪو مال پاڻي چڙھيون ڪنهن وڏي گاڏي  داٻي سان
ڪريون ڪالر مٿي کايون گٽڪا پانسواد    پيون وسڪي ڍاٻي تان
ڪجي ڪا ڪروڌ ڪالوني ۾ هلايون داٻو هت ڪو
ڊيڄاريو غريبن کي ڪيون جيئڻ جنجال       رهي نه ڪو وري هت ڪو
آھي عزت اهڙن جي جو رڳو پئسن جو پوڄاري
ڪمائي ڪيئن به ڪري چاهي هجي رنن جو واپاري
هجيس وڏي گاڏي وڏو بنگلو دٻدٻو هيڻن تي
ناهي نڪ ته به هلي ويندو ناهي حيف ڪميڻن تي
اهو جدت آئي آھ لالچ لوئي لڄائي آھ اڄاين خوابن حياتي وڃائي آھ
ڪري به ڪين ٿو سگهجي چپ به رهي ڪيون ٿا چپ ته ڪهڙي زندگي سڄائي آھ
ميوارام پرمار

وڏو گند ڪرين ٿو

وڏو گند ڪرين ٿو.

روز ماڻھن کان مال ڦرين ٿو
نج نسورو حرام چرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

ڌاڙا ڦرون چوري چڪاري,
مرد عورت جو نه لحاظ ڪرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

گارڊر ٽيئر سريو سيمنٽ
ڏامر جا ڊم فل ڦرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

کيسا ڪٽين ٿو مٿا ڪوڙين ٿو
ايندي ويندي کي دانگي ملهين ٿو

وڏو گند ڪرين ٿو.

اسڪول اسپتال روڊ تلاء ۽ جهنگ
سڀ کائڻ کانپوء به نه بس ڪرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

چمچا چغلخور منافق مغرور  ۽ مفرور
سڀني گڏجي ٽولو پورو ڪرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

ڇڏيو ملڪ جو مال تو کائي
اڃان بک مان ته تون مرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

بنگلا گاڏيون ٻنيون اڪائونٽ بنايا
اڃان غريبن جا گهر ڦرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

چمچن جي ڇڏي تو لئه ڪرائي
چمچن جي وڏي آڌرڀاء ڪرين ٿو

وڏو گند ڪرين ٿو.


سنڌ جو حرامي پُٽ

او منهنجي سنڌ امان، تنهنجو مال آئون اڪيلو ڌمان،
شل تنهنجا ٻچا بک مرن، تن جي کل کائي رت مان پيان،
منهنجو تون وطن آھين، منهنجو جنم پر ڪفن تون ناهين،
تنهنجي مال مان آئون محلات ٺاهيان منهنجو آسرو آھين۔
ڪنڃر ڪوڙا ڪوچڙا ڪري گڏ ڪريان مال ميڙن جو سڏ،
رولان سنڌين کي، کايان سنڌ جو رهان ٻاهر سهڻين گڏ،
سارو مال مان کڻان، باقي سارو عوام هجي  ڪنگال،
ڀلين مرن بک بيماري بيروزگاري ۽ برائي ۾ ٿي بيحال،
تنهنجون ٻنيون، معدنيات، ڪوئلو گئس سون ڄاندي  ٽامو،
سڀ ميڙي ڀريان بئنڪون ٻيو ڪريان مزي ۾ سڀ ٻپون،
هر هنڌ هجن منهنجا بنگلا، باقي سنڌي ٿين سڀ ڪنگلا،
رهن اندر منهنجا نوڪر آئون اڏندو رهان جيئن اڏرن ٻگلا،
تون منهنجي امان تون ابو، تون چاچو چاچي تو ڏاڏو،
تنهنجي ڌن دولت مال ملڪيت سان هلي منهنجو گاڏو،
تنهنجا شھر واهڻ وسنديون ڳوٺ ڀٽون ويڙها لڳن ويران،
مال کائي آئون نڪران يوڪي، يو ايس، دبئي جاپان ايران،
سارو ڏيھ رهي اڻپڙهيل منهنجا ٻچا پڙھڻ وڃي پرڏيھ،
مان پايان ڪاٽن نيلم ليلن پينٽ شرٽ سنڌي پائن ليھ،
دلا، چور، ڪرپٽ، ٺڳ، لليچا، لالچي، جيب ڪترا سڀ،
ٿين منهنجا مريد، ڀرين حاضري شال ٿين سفل خواب سڀ،
سنڌو تون بنياد کان پٽجي وڃين يا رهين سدائين سڪل،
تنهنجو پاڻي ٿي پليت، زهريلو، گندو، وڻي ڪنهن شڪل،
مرن سڀ پاڻي پي تنهنجو ٿين سڀ بلڪل ئي بيمار صفا،
آئون پيان منرل واٽر، واپريان پيئڻ، ڌوئڻ وهنجڻ ازل کان،
بيماري جي تون هجين ڀري، ملي نه ڪو چڱو هت ڊاڪٽر،
شل نه ٿيان مان بيمار، مٿي سور لاء وڃان هتان کان ٻاهر،
 پڙھيا، اڻپڙھيا، ڏاها، چريا، سڀ ڪن صرف منهنجي واکاڻ،
احساس نانسانيت مري وڃي، ڄاڻي نه تنهنجي سرهاڻ،


لوٹا

یہاں سب کی روزی روٹی کا احتمام ہے،
یہ سب ننگوں کے بہترین حمام ہے،
یہاں لگتا ہر اک الگ الگ ریٹ ہے،
کوئی یہاں تو کوئی کہاں سیٹ ہے،
کوئی چاٹے بوٹ تو بھرتا لوٹا ہے،
نااہل غلام جن کا ظرف کھوٹا ہے،
کوئی بیچتا جسم کوئی اہلیت نیلام کرے،
یہ ہے منافابخش کاروبار جو سرعام کرے،
دعوت سب کو ہے یہاں ایمان بیچنے کی،
ذات، کردار اوقات اور مان سمان بیچنے کی،
آؤ پاؤ جو دل دماغ سوچ خیال خواب میں ہے،
کچھ نہیں رکھا تم سوچتے ثواب میں ہے،
نا کوئی ڈگری نا کوئی سفارش چاہیۓ بس،
چاپلوسی میں خاندانی تجربا ہونا چاہیۓ،


بنگلا مئريٽ

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

ڪهڙا ليڪچر ڪهڙيون ڪلاسون,
ڪهڙا قول ڪهڙيون هڌايتون,
ڪهڙا استاد ڪهڙيون ڳالهيون,
نوڪري نڀاڳي تي ايمان وڪيو آ,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

ڪاپي ڪري آ قلم ڪمايو,
پئسن تي آ گريڊ گهمايو,
مارڪشيٽن جو مان وڌايو,
تعليم اهڙي مان ڪجھ نه سکيو آ,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

آ ڊگري کانپوء ڊاڙ هنيا,
ننڊي وڏي کان لٻاڙ هنيا,
سچ واري کي تاڙ هنيا,
ڪوڙي تعليم مقام وڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

وئي پڙھائي جي عزت پامال آ,
هتي جهڪڻ واري جو ڪمال آ,
صرف ڌن دولت تي ڌمال آ,
هر جاهل هي ته ڪمان ڇڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

ويا بيمول آھن اهي ڪتاب ٿي,
وڪجي پئي عزت بيحجاب ٿي,
اول پهتا شراب, شباب ڪباب ٿي,
تبديل نه جمال انسان ڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

رهيا ڪتاب آھن  صرف نالي ماتر,
ڪري سياست صحافت هر ماستر,
ڪري ڇڏيو آ ٻيڙو غرق سراسر,
گڏجي سڀني سنڌ جو سامان وڪيو,

ٿي تعليم ساري تيل وئي آھ,
ڏات عزت جي ٿي ڀيل وئي آھ,
ٽڪري ٽڪ جي جيل وئي آھ,
هنر اندر جو آ نيلام ڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,

آ ڊگري تنهنجو مان وڪيو,
او تعليم تنهنجو شان وڪيو,


وڏيري جي سياسي مسافر کي صلاح

او مسافر ڪاٿي ٿو وڃين
اچ مون واري گاڏي ۾
هتي جهاز ڪرن ٿا ديون ۾
هتي ريلون لهن ٿيون پٽڙين تان
هتي بس هلي نٿي سگهي رستي تي
ٻيو اچي به ڪٿي ٿي وقت تي
جي آئي لاري ته هوندي ڀريل
مرد ٽنگيل ۽ عورتون بيٺل
متان جي ٿي تون بيمار
لاھ نڪرندئي آروپار
اچ مون وٽ ويھ پوئين سيٽ
ڪاٽن وارن جي جيڪا آھي ريت
انهي ۾ ملندئي توکي پريت
پيو ڳائيندين هر هر منهنجا گيت
پيو هڻندين تون هر هنڌ نعارا
واھ سائين تنهنجا لشڪارا
ڇڏ مسافر ڇڏ ضد کڻي
کڻ ٻنهي هٿن سان جيڪو وڻي
وڃ کڻي پنهنجو گهر ٺاھي
پاڻ کي حقدار جي پرواھ ناهي
ڪير ڪري ڪٿي يا ڪري ڪٿي
جو مري جٿي يا جهري جٿي
اچ مسافر اچ توکي ڪرايان لئه
وقت ته آھي وڏي شي
وڃي ڪر خواهشون سڀ پوريون
ڀر پئسن سان وڃي ٻوريون
ٺاھ بنگلا گاڏيون ۽ ٻنيون
۽ وٺ نت نيون ونيون

سول سوسائٽي نه سوسو پاٽي

پاڪستان جي موجوده سول سوسائٽي جي نانُ,شاعر:س
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

شل نه ڏسي ڪٿي خون خرابو,
هلائي فونن تي ٿي هُو داٻو,
مري وڃي ٿو هُو ته نڀاڳو,
پئسن لاء سڄا پاٽ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

ريپ ٿئي يا ٿئي چوري چڪاري,
باھ لڳي يا ڪير ڦيري ٻوهاري,
بچي نه سگهندو هُو بنا خواري,
پهچي اُتي اها لاٽ ٻري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

غريبن جي آ هي همدرد ۽ ساٿي,
مٿو ڪوڙي ٿي مُنڊي ڪاتي,
ڄڻ ته اهو اجهو سنگت ڦاٿي,
مخالفن جي اھڙي واٽ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

ڌرڻا, احتجاج, ريليون ۽ نعريبازي,
خبر رکي ٿي هو هر نئين تازي,
مال ميڙڻ رهيو تن جو ماضي,
موقعي تي نه هُو ته ماٺ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

هر اسٽيج تي هو ٽنگيل آھي,
فوٽو هر اخبار ۾ ڇپيل آھي,
مائڪ پويان اهڙي لڳل آھي,
تقريرن جا ٽڙڪاٽ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

ڪرامت الاهي جي ڪهڙي آھي,
راتو رات ٿي بنگلا گاڏيون ٺاهي,
مسڪين کي ٿي ڇڏيون گهمائي,
بيحيائي ۾ اوچو ايڏو ڳاٽ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

ڪالر مٿي ڪري ڪاٽن پائي,
ذري ڪم لاء ٿي فون گهمائي,
پرچي به ڇڏي ٿي ڪم لاهي,
دل نه اڃان ماٺ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

سڻبي ڌُر کي ٿي هُو ستائي,
سنڃي ڌُر کي هٿ نه لائي,
موچڙي کان ٿي ائين لهرائي,
ڏنڊي اڳيان ائين لُولهاٽ ڪري ٿي,

سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,

خبري بابا

وٺ سهارو لفظ سوري جو, ڪر ڳالھ اتي پوُري,
سڀ خبر آ تُنهنجي مونکي, ڪهڙي آھ توکي مجبوري,

ڪرين ٿو ماڻا منٽن ۾, ڪٽين ڪال ميسيج جا رابط,
ڪرين ڊنر هڪڙي تي, وري نصيب ٿين ڪٿي ناشتا,

وٽين ٿو ٻُوٿ وانڱڻ جيئن, ڳالھ پوُري نه تُون ٻڌين ٿو,
ذري ڳالھ جي ڪڙواهٽ جي, مٺا کدڙن وانگي ڪُڏين ٿو,

روز نوان ٿو نمبر مٽائين, ڪرين ميسيج نون ماڻھن کي,
ڪري ڏيرو سارو تيل ۽ پوء, وڪجين وڃين ٿو داڻن تي,

ناهي رهيو ماڻھپو تو ۾ آھ, نڪين آسي اميد ٽڪي جي,
ڀڳو بيٺو آھين هر هنڌ سهڻا, جتي مُرلي سُريلي وڄي ٿي,

ڪر حيف حيا ڪجھ, سک سُرت عزت ۽ انسانيت تون,
ويندئي مال ملڪيت سڀ واپرائي, ڪر صاف نيت تون,


اسسٽنٽ شاعر

سائين پاڻ کي ساعر سڏي ٿو,
بس اُبتا سبتا فائر ڇڏي ٿو,

هر محفل ۾ اڳ ۾ هوندو,
هر ٽاڻي ڀريل ٺڳ ۾ هوندو,
لفظ تر ته ڳڳ ۾ هوندو,
جمله پڙھي ٿُڪ جيُ لهر لوڏي ٿو,

سائين پاڻ کي ساعر سڏي ٿو,
بس اُبتا سبتا فائر ڇڏي ٿو,


چيلا سائين گهٽي گهٽي ۾,
تاڙيون تماشو پيو چٽي ۾,
خاموش ماڻھون ويو ڦٽي ۾,
ٽولو تنهنجو وڏا تاڙ ڇڏي ٿو,

سائين پاڻ کي ساعر سڏي ٿو,
بس اُبتا سبتا فائر ڇڏي ٿو,

مائڪ تي وهندو صفا چپڪي,
پهرين ڪڍندو پاڻ هڪ سيلفي,
پو وات ڪندو بلڪل قلفي,
پو فضا ۾ ساڙي ٽائر ڇڏي ٿو,

سائين پاڻ کي ساعر سڏي ٿو,
بس اُبتا سبتا فائر ڇڏي ٿو,

اکر سائين کي اصل نه اچي,
پو به ڪندو آھ اچي مچي,
من سٽ ڪا سائين کان بچي,
پورو پڙھي مُڇ وائر ڪري ٿو,


سائين پاڻ کي ساعر سڏي ٿو,
بس اُبتا سبتا فائر ڇڏي ٿو,



ميوارام پرمار
نوٽ: شاعر مطلب پاڻ شاعري ڪري ۽ ساعر ٻين شاعري جي پئسن تي وٺي پنهنجي نالي ڪري😝😜

خرچي وارو صحافي

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

ڀنڀور کي اچي باھ لڳي,
مڙس کي ڪٿي ساھ اچي,
ڪيئن ٿو پوء پانچا کنچي,
نياپو ڪندو وڏو پرچي لاء,

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

سڄو ڏيرو پيو ڀلين ڀيل ٿئي,
تڏو سامهون ڀلين تيل ٿئي,
ڀلين مظلومن کان ويل ٿئي,
مُڙس ڀڄندو ٺلي آڪڙ جي لاء,

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

خبرون چار ابتيون هلائي,
سنگت سڄي ۾ ٽاھ ڦھلائي,
عوام ويچاري کي سرچائي,
پاڻ تلاش ۾ لڳندو ڪُڙ جي لاء,

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

ميوارام پرمار

سيلفي

هائي ڙي سيلفي,
واھ ڙي سيلفي,
اباڙي سيلفي,
گهوڙا ڙي سيلفي,

متان ڪو ماڻھون,
ملي ڪو چڱيرو,
ٻُوٿ ڪرين سفا قلفي,
هائي ڙي سيلفي,
واھ ڙي سيلفي,

مرڻو هجي يا چاهي پرڻو,
احتجاج يا هجي ڌرڻو,
ڪڍيو موبائل لڳوس ٺرڪي,
هائي ڙي سيلفي,
واھ ڙي سيلفي,

ڪيپشن مٿن ابتا سبتا,
بُرش لڳن ٿا ڪينڊي ۾ جڳتا,
پوسٽ ڪندي ڏيکاريو مُڙسي,
هائي ڙي سيلفي,
واھ ڙي سيلفي,

ٽيگ ڪيوس ٽيھ ڄڻن کي,
منٿون ڪيوس ٿا سڀن کي,
ڪمنيٽ سواء ٺھندي ڀڳتي,
هائي ڙي سيلفي,
واھ ڙي سيلفي,

مس وڃي ڪو سُڪون ملي ٿو,
لائڪ جو انگ هزار ٽپي ٿو,
وري لڳن تي لڳائبي سيلفي,
هائي ڙي سيلفي,
واھ ڙي سيلفي,

ميوارام پرمار

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري, نظم

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

ميوارام پرمار

اسيمبلين ۾ سُتل ڀوتار هجن,
سرمائيدار, سردار ۽ ٺيڪيدار هجن,
ڌاڙا, چورين ڦُرن جا ڀرمار هجن,
ڪين ڪرڪ ۽ ڪنهن جو ڪنڌ چُري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري,

عوام جي ٽئڪس تي مال ٺهي,
ڀوتار سان چمچو ٺٺ ڪري,
اوڀر سوڀر سان ڀڀ ڀري,
منافق پويان روز ڪن ڀري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

وڏيرو پيو ٿو حُڪم ڪري,
ڳوٺاڻو ويچارو پيو پاڻ ڏري,
پٽيل چمچو پيو ڪن ڪري,
اڃا ڪيئن سنڌ ترقي ڪري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

وزارتن تي ويٺا جاهل آھن,
ڪم کان ويتر ڪاهل آھن,
ڪهڙي مٽي جا ٺاهيل آھن,
ڏيرو وڃن ٿا مُرڳو غرق ڪري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

صحت, تعليم ۽ روڊ تباھ,
اٽو اٽو ۽ پاڻي به اڻلڀ آھ,
مال ڦٻايو به انهن سڀ آھ,
وري به نٿو انهن پيٽ ڀري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

عوام ويچاري پئي مري,
پکي, مال ۽ ٻار ويا مري,
محڪمو ٽڪو نه ڪم ڪري,
وري دعوي پيو ڀوتار ڪري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

هاڻ ته سنڌ پئرس ٿيندي,
پر هئي لنڊن هاڻ نيويارڪ ٿيندي,
جاهل ووٽر وري ويڌو اعتبار ڪري,
غريب ويچارو ويندو بلڪل مري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...