پاڪستان جي موجوده سول سوسائٽي جي نانُ,شاعر:س
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
شل نه ڏسي ڪٿي خون خرابو,
هلائي فونن تي ٿي هُو داٻو,
مري وڃي ٿو هُو ته نڀاڳو,
پئسن لاء سڄا پاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ريپ ٿئي يا ٿئي چوري چڪاري,
باھ لڳي يا ڪير ڦيري ٻوهاري,
بچي نه سگهندو هُو بنا خواري,
پهچي اُتي اها لاٽ ٻري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
غريبن جي آ هي همدرد ۽ ساٿي,
مٿو ڪوڙي ٿي مُنڊي ڪاتي,
ڄڻ ته اهو اجهو سنگت ڦاٿي,
مخالفن جي اھڙي واٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ڌرڻا, احتجاج, ريليون ۽ نعريبازي,
خبر رکي ٿي هو هر نئين تازي,
مال ميڙڻ رهيو تن جو ماضي,
موقعي تي نه هُو ته ماٺ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
هر اسٽيج تي هو ٽنگيل آھي,
فوٽو هر اخبار ۾ ڇپيل آھي,
مائڪ پويان اهڙي لڳل آھي,
تقريرن جا ٽڙڪاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ڪرامت الاهي جي ڪهڙي آھي,
راتو رات ٿي بنگلا گاڏيون ٺاهي,
مسڪين کي ٿي ڇڏيون گهمائي,
بيحيائي ۾ اوچو ايڏو ڳاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ڪالر مٿي ڪري ڪاٽن پائي,
ذري ڪم لاء ٿي فون گهمائي,
پرچي به ڇڏي ٿي ڪم لاهي,
دل نه اڃان ماٺ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
سڻبي ڌُر کي ٿي هُو ستائي,
سنڃي ڌُر کي هٿ نه لائي,
موچڙي کان ٿي ائين لهرائي,
ڏنڊي اڳيان ائين لُولهاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
شل نه ڏسي ڪٿي خون خرابو,
هلائي فونن تي ٿي هُو داٻو,
مري وڃي ٿو هُو ته نڀاڳو,
پئسن لاء سڄا پاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ريپ ٿئي يا ٿئي چوري چڪاري,
باھ لڳي يا ڪير ڦيري ٻوهاري,
بچي نه سگهندو هُو بنا خواري,
پهچي اُتي اها لاٽ ٻري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
غريبن جي آ هي همدرد ۽ ساٿي,
مٿو ڪوڙي ٿي مُنڊي ڪاتي,
ڄڻ ته اهو اجهو سنگت ڦاٿي,
مخالفن جي اھڙي واٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ڌرڻا, احتجاج, ريليون ۽ نعريبازي,
خبر رکي ٿي هو هر نئين تازي,
مال ميڙڻ رهيو تن جو ماضي,
موقعي تي نه هُو ته ماٺ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
هر اسٽيج تي هو ٽنگيل آھي,
فوٽو هر اخبار ۾ ڇپيل آھي,
مائڪ پويان اهڙي لڳل آھي,
تقريرن جا ٽڙڪاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ڪرامت الاهي جي ڪهڙي آھي,
راتو رات ٿي بنگلا گاڏيون ٺاهي,
مسڪين کي ٿي ڇڏيون گهمائي,
بيحيائي ۾ اوچو ايڏو ڳاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
ڪالر مٿي ڪري ڪاٽن پائي,
ذري ڪم لاء ٿي فون گهمائي,
پرچي به ڇڏي ٿي ڪم لاهي,
دل نه اڃان ماٺ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
سڻبي ڌُر کي ٿي هُو ستائي,
سنڃي ڌُر کي هٿ نه لائي,
موچڙي کان ٿي ائين لهرائي,
ڏنڊي اڳيان ائين لُولهاٽ ڪري ٿي,
سُوسُو پوٽي سُوساٽ ڪري ٿي,
بس مال ڏسي ڦُوڦاٽ ڪري ٿي,
No comments:
Post a Comment