Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

منافق ناهيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون،

تون ڇا ڄاڻين قدر ماڻھن جي،
تووٽ ناهي اهميت ماڻهن جي
تنهنجي ليکي وڪاڻا آھيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون،

تنهنجا طعنا سهي ٻيو ڪير
تنهنجي حڪمن هلي ٻيو ڪير
اسين صدين کان راڻا آھيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون،

تون ٿو چاهين هرڪو جهڪي
تو وٽ وڪامي ماڻھون ٽڪي
اسان نه ڪنهنوٽ جهڪڻا آھيون

منافق ناهيون، سچا آھيون،
تڏھن ته توکي آھن باهيون۔


No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...