Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

جهليل گهوٽ

شادي مبارڪ

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

هٿ ۾ جنهن جي ڪوڏر هئي ڪل
اڄ ڦري وئي هن ويچاري جي ڪل
شادي صفا ته ڪڍي ڇڏي آھ کل
پئسو وڃي ڪٿي نه اجايو کوٽ تي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

ڪهاڙي ڪوڏر بيلچو کڻي ٿو
سڄو سارو ڏينهن هٿ هڻي ٿو
پئسو ويچار ته هر ڪنهن وڻي ٿو
هٿ هلڪو رکي فرض آ سؤٽ تي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

پيٽ صفا ته ڪو پاپي آھي
مزور هارين جا ڪم ٿو لاهي
رات ڏينهن ٿو جسم کپائي
هنجو ڌيان آ صرف روٽ تي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي

لڳي ٿو پئسو تو وٽ جام آ
اڏائين تڏھن پيو تون خوامخواه
اڏائن بجاء وٺ ڪم جي شي ڪا
مارائين نه غريب هن گهوٽ کي

گهوريو گاڙها نوٽ گهوٽ تي
پائي فري ٿو جو گوڏ روڊ تي


No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...