هولي گُذاري وئي.............!!!!!!!!
ميوارام پرمار
هم خدا ڪو ايڪ مانتي هين,
مگر
هم خدا ڪي ايڪ بهي نهين مانتي,
سوچ جو وقت به وقت تيزي سان تبديل ٿيڻ ارتقائي عمل آھي پر گلوبل وليج بڻيل هن دنيا ۾ روز به روز نواڻ دنيا جي صرف هڪ بٽڻ جي ڪلڪ تائين جي دُوري تائين آھي, مصرفترين دور ۾ هر فرد توڻي ننڊو وڏو انتهائي مصروف پئي رهيو آھي ايتري قدر جو پنهنجي سڪون لاء به وقت نه اٿس اهڙي ۾ ذهني تسڪين توڻي انجوائيمنينٽ هڪ هر ماڻھون جي لاء ڏکيو ٿيندو پيو وڃي, اهڙي ڪشمڪش ۾ انسان مذھبن کان ڪافي ڏُور ٿيندو پيو وڃي رهيو آھي, پنهنجي سوچ و فائدي وارين يا ائين کڻي چئجي ته جيڪي شيون پاڻ کي مناسب لڳن ٿيون انهن ئي صرف اپنائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
هندو تهذيب ۾ ڪافي ڏھاڙا ملهايا وڃن ٿا جنهن ۾ ڏياري, هولي, جنم اشٽمي, ٽيجون, آکاتري ۽ ٻيا, جهڙي ريت وقت جي تيز ترين لهر ۾ طوفانن جو مطلب ذھني پريشاني جهڙوڪ ڪم ڪم ڪم ۽ مصروفيت جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون جن کي منهن ڏيندي اڳتي وڌي پيو انسان ۽ اهڙي حالت ۾ مرڻا, پرڻا, ڌرڻا ۽ ريتون رسمون و تهوار ملهائڻ انتهائي ڏُکيو ٿيندو پيو وڃي, حالانڪ وقت کي بيرحم ئي کڻي چئجي پنهنجي سوچ و حرڪتن جو ملبو وقت تي اڇلائي ائين ڏسڻ ۾ اچي پيو ماڻھن وٽ مرڻ لاء به وقت ناهي بچيو موت اچانڪ اچي ته ٻي ڳالھ آھ, تهوار تي سڀني گهر ڀاتين, پاڙيسرين و دوستن جو صحيح سلامت سُرت ۽ خوشي سان گڏ ٿيڻ به خواب لڳي ٿو, اهڙي تهوار تي به انسان لطف وٺڻ جي وڌ مان وڌ ڪوشش ڪري ٿو, تنهن لاء مذھبي شيون انتهائي گهٽ ائين به کڻي چئجي آخري پساھ ۾ آھن, انهي جاء تي ذھني سڪون لاء موبائل فون, ڊسڪو ڪلام, ناچ گانا, شراب, ۽ وانديون خبرون ڊسڪو ڪلام ايتري قدر اسانجي ذھنن تي حاوي ٿي ويا آھن جو مذھبي گيت به يو يو هني, ميڪا سنگھ سميت ٻين جديد فنڪارن جي صرف نچڻ واري ورين ۾ ڳائڻ ۽ ٻُڌڻ پسند ڪيا وڃن ٿا جنهن ٿي شراب جي استعمال کانپوء ناچ ۽ وري پيگ پيگ ۽ پيگ يا ٻي سنگت سيلفين ۽ رُلڻ جو ٺيڪو کنيو هجي انهي سنگت جو انقلابي ڪم گڏجي هوٽل تي ماني کائڻ, باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترو انگ رهيو آھي جيڪو ڪجھ قدر مذھبي طريقو اپنائن ٿا پروگرام يا تهوار ملهائڻ لاء.
ڪنهن به قسم جي تهوار کي ملهائڻ لاء ڪلاسڪيل يا روايتي طريقو رهيو ته هر اڳين ايندڙ کي هضم ڪرڻ يا قبول ڪرڻ انتهائي ڏُکيو رهندو اهڙي صورتحال ۾ تهوار ختم به ٿي سگهن ٿا ماضي ۾ ائين ٿيندو به رهيو آھي ۽ اڄ به ٿي رهيو آھي.
تهوار سميت سڀني پراڻين ريتن رسمن کي جيڪر اڳتي کڻي اچڻو آھي ۽ انهن شين کي زنده رکڻو آھي ته انهن کي جدت جي رنگن سان رڱڻو پوندو, جدت ۾ سمائڻو پوندو ۽ نئين جنريشن جي سوچ پٽاندر ڊزائين ڪرڻو پوندو جيئن نئين نسل ان شي کي سمجهي ۽ اپنائي سگهي ۽ ائين نواڻ وقت به وقت آندي وڃي, نه ته ائين ٿيندو جيئن اڄ ٿي رهيو آھي ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالله يار, ڪٿي جنريشن جي سوچ ۽ ڪٿي اسانجون ريتون رسمون ۽ تهوار ۽ اهڙي ريت تهوار گذاري ويندا ڪتابن جي قبرن ۾ پڙهڻ لاء ملندا.
انهن تبديل ٿيندڙ ماحول مطابق هر هڪ کي وقت جي سخت پابندي سان ريتن رسمن کي ماڊرنائيزڊ ڪرڻ لاء اڳتي وڌي چڙھي حصو وجهڻو پوندو جيئن تاريخي ريتن کي زنده رکي سگهجي ۽ نواڻ به آندي وڃي اهو به مثبت سمت ۾ ۽ انهن شين کي ايندڙ نسل تائين صحيح سلامت منتقل ڪري سگهجي.
هن نسل کي کپي ته وقت, پئسي ۽ رشتن جو قدر ڪندي تهوارن کي سادگي ۽ مهذب طريقي سان(نيئن نسل کي تاريخ ۽ تعارف کن آڳاهي, ريتن, طور طريقن کان آڳاهي, پراڻين ۽ نئين ريتن بابت آڳاهي ڏين )ملهائن ته جيئن ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿئي مزو وٺڻ جي چڪر ۾ ۽ اڳين نسل کي ڏيڻ لاء اسان وٽ صرف ۽ صرف ڳالهيون ئي رهجي وڃن ۽ پڇتاء کان علاوه ڪجھ به نه رهي.

No comments:
Post a Comment