Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

حوالي ماڻھون

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ڪاٽن مٿي ٽوپي اجرڪ,
پينٽ شرٽ مٿي ڪالر ڪڙڪ,
ڳالهيون هوندس رکي ڪٽ,
اهڙيون ٻڌائيندا قوالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

واسطو, عهدا اٿڻ ويهڻ سڀ,
ماڻھون ته لڳندو سفا اڻلڀ,
ڏيئي ڇڏيندو سفا اهڙي دٻ,
ماڳهين لڳي ٿو موالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ڪم ڪنداسين پاڻ ته اهڙو,
اڳي نه ڪيو ڪندو نه ڪو اهڙو,
کڻبو نه گڏ سفا جهڙو تهڙو,
ڏيندو مُرلي مٿان مُرلي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ڦونڪ سواء نه ڦونڪارو تن جو,
سڃاڻڻ جيڪي رويو هن جو,
پاسيرا ٿين ۽ پاسو ڇڏين تن جو,
اُڏائي ڇڏيندو اُڏالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ  ۾ جلالي ماڻھون,

اڏايل انجي ڪٿي نه ويٺي,
اڏري وئي ماڳهين بلڪل نه بيٺي,
ويٺي ته وئي قبر جي هيٺي,
دٻي ڇڏين ٿا دڙالي ماڻھون,

هي لٿو آھ حوالي ماڻھون,
ڳالهيون ڪرڻ ۾ جلالي ماڻھون,

ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...