Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

شارٽڪٽي شھزادن جون ڪمال جو ڪاريگريون

شارٽڪٽي شھزادن جون  ڪمال جون ڪاريگريون.

تحرير: ميوارام پرمار

انسانذات وٽ جيڪا به فن, علم, شعور, تعليم و تربيت اها هڪ قسم جي امانت آھي تنهن کي درست سمت ۾ استعمال ڪرڻ تائين, جيڪو ڪافي ماڻھون باعزت, باضميري ۽ ايماندارانه نموني سان ادا به ڪري رهيا آھن,
شيڪسپيئر چوي ٿو:
"آءُ ڏکي ۾ ڏکيو ڪم سست کان سست ماڻھون کي ڏيندس ڇو جو هو ان ڪم کي حل يا پورو ڪرڻ لاء آسان کان آسان طريقو ڳولهيندو"
ٿي سگهي ٿو ائين به هجي پر اسان وٽ اڪثر گنگا جمنا ته ٺھيو گٽر نالا به ابتا اٿليو سيراب ڪريو فصلن جا فصل اپت ڏئي مارڪيٽ کي مر سان مالا مال ٿا ڪريو ڇڏين, پڙھيل لکيل, وائٽ ڪالر, دانا, عقلمند, ڏاها, سياڻا, تهذيبي طور تي شاهوڪار ۽ شائستگي ۽ نماڻائي جا سئمبل کوٽي سڪي وارو ڪم ٿا ڏين, شيڪسپئر جي ڪهاوت جي بلڪل ابتو طريقو استعمال ٿا ڪن, جن کي پنهنجي پاڻ تي به يقين ناهي هوندو اهو پرائي چلھ تي ماني ۽ پرائي ڪلهي تي فائر ڪندي نٿا گُسن, ٽيڪنالاجي جي گلوبل ڳوٿري واري هن سڪڙجي ويل هن تيز ترين هن دور اهڙن ڪرپشن جي ڪاوشن ۽ بيحيائي جي بزنس سان بيبنياد بلڊنگون ۽ ناڪام نالا ٺاهڻ لاء انتهائي مجبور ڪري ڇڏيو آھي اهو سوچڻ جي لاء ڪيئن گداگيري جي دور ۾ گندو به ٿجي ۽ ڪپڙن تي به داغ نه لڳي ته گڏوگڏ منزل و نالو ٺھي وڃي, فن ۽ علم ڊگرين سميت ڪٻاڙخانن جي ڪُوڙن ۾ اڇلائي راتو رات رات انڌيري ۾ چوڏس جي چمچڪاٽ ڪرائي, ڏندن جي وچ۾ لوھ جهلي تارن جو تعداد وڌائي ڀلا ڀلي جو ڇيڙو ناهي ڇا ڇا ڪري اڳتي اچي انهن ڊگري يافته پڙهيل لکيل ماڻھن جي ٻوٿ تي چماٽ ٽڙڪائي اهو محسوس ڪرائي ته ڪهڙي اوقات تنهنجي ڊگري جي, ڪٿي آھين تون, تنهنجو فن, پر اهي ضرور اهو  چوندا:

اے طاہِر لاہوتی اُس رزق سے موت اچھی
جس رزق سے آتی ہے پرواز میں کوتاہی,

 اهي لفظ شارٽڪٽي شھزادن جي ٻوٿ تي ٻارانهن بجائڻ لاء ڪافي انهي ڪري به آھن جو:

سچ کو تمیز ہی نہیں بات کرنے کی اور جھوٹ دیکھو کتنا میٹھا بالتا ہے۔

شارٽڪٽي سوڙهي گهٽي جا سپرين ڪيئي هيلا وسيلا و هربا استعمال ٿا ڪن ڪٿي سنگت سرچائن, ڪٿي دوست, مارڪن, پئسن, مائڪ تي فوٽو, ادب جي ڪنهن صنف ۾ انٽري و نالو ڪمائڻ, شيلڊون اجرڪون و ايوارڊ وٺڻ لاء تعاون ڪن ٿا, ادب ۾ انهي شئي جي ادبي طور تي وڏي ۽ واضع گُنجائش به آھي جيڪا اچڻ واري جي ڳلن ۾ انٽري جي وقت عيان به ٿئي ٿي.
ڪٿي, ڪڏھن, ڪهڙي ريت, ڪهڙي حالت ۾,ڪيتري دير ۾ منزل, مقصد و اسٽيشن تي پهچي جهڙا سڀ تجربا رکندڙن جا فيسبوڪ تي سوين چيلا, گُرو, دوست, هُو, ۽ ڇاڙتا به  آھن جيڪي بظاهر وڪالت ۽ پسمنظر ۾ ٻيو ڪجھ ڪندي به نظر ايندا آهن, انهن کي  هر اسٽيشن تي پهچڻ لاء ڪلچر, تهذيب, روايت, ريتون رسمون چاهي انسانيت به قربان ڪندي دير ناهي لڳندي شرط منزل جو حُصول هوندو آھي, انهن جي اڳ ۾ محنتي, جاکوڙي, سچو ايماندار گهٽ  نظر ايندو ۽ اهي جاکوڙين جي پاڇي و غيرموجودگي ۾ نالي تي پيو ڏھڪا نظر ايندو آھي ڇو جو بنا نمبر پليٽ جي ڪردار تي مبني منزل ريت جي ديوار يا انڌيري جي پاڇي وانگي هوندي آھ جيڪو هڪ خواب مثل هوندو آھ.

شارٽڪٽي نه سڌريا ئي نه سڌرڻا منهنجو انهن باضمير دوستن توڻي عزتدار دوستن و والدين کي عرض آھي ته بجاء پنهنجي قسمت ۽ پڙھائي و فن کي تهمت و لعنت ڏيڻ جي محنت جاري رکو انهن بدڪردار بدڪن جي بيسُري آواز جي اڍنڳي ڪرتوتن تي نظر رکڻ جي, اهي پاڇا ۽ خواب مثل آھن, انهن جو وجود فاني آھي ۽ سچ هميشه لاء رهڻو آھي, جيڪو به اڀرو اڀرو ملندو ان تي گهٽ ۾ گهٽ نالو نه ٺھيو ته پاڙي۾ ته عزت هوندي, بنگلو نه ٺھيو ڪمرا ته هوندا, مائڪن تي ڦُوٽو نه آيا ته سيلفي ته ٿيندي. سچي محنت و لڳن اهڙن بد ڪردارن کان اڳتي به وٺي وڃي سگهي ٿو پر شرط آھي جهڪڻو, وڪجڻو ناهي سچي دل سان محنت ڪرڻي آھي ته منزل ملڻي ئي آھ.
اهو چئي اڳتي وڌو:
کس میں ہمت ہے ہماری پرواز میں لائے کمی.....!
ہم پروں سے نہیں حوصلوں سے اڑا کرتے ہیں.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...