نڪين اديب آھيون نڪين شاعر آھيون
لفظن جا گهوٻاٽا جملن جا فائر آھيون
نڪين ڳالهيون ويڙھڻ رومالن ۾ ڄاڻيون
نڪين لفظن جو علم و فن ڄاڻيون
نڪين لڪائڻ وارداتن جو ڪم ڄاڻيون
جو ڏسون ٿا سو تيئن ڳالھ ڪرڻ ڄاڻيون
ناهي ادب ناهي اخلاق ناهي ليڪو لڪير ڪو
چئي ڇڏبو چاھي هجي جو امير يا فقير ڪو
ناهي پرواھ نتيجي جي چاھي هجي بيضمير ڪو
اسان جو ڪم آ اهڙو سو پنهنجو ڪم ئي ڪرڻ ڄاڻيون
لفظن کي حجاب ڏيئي جملن کي حوالا چئي
لڪائي ساري لوڪ کان ڳالھ سچي اصل کان وئي
آھيون ڏوھ جا ڏوهاري اسان جي ڳالھ اھڙي ڪئي
اسانجي عادت چوڻ منهن تي اسان اهو ئي فن ڄاڻيون
ميوارام پرمار
No comments:
Post a Comment