Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

مال تي ڌمال آ

نڪين قرب جو ڪمال آ
نڪين دل لڳي جي ڳالھ آ
پئسه ڦينڪ تماشه ديکھ
سائين مال تي ڌمال آ
سائين مال تي ڌمال آ

اڇن ڪارن جي پڙي لڳي ٿي
پڙهيل لکيل هتي ڇڙي لڳي ٿي
پئسه بهت بري بلا هي سائين
ٿيندو مست مستي ۾ جلال آ
بک وگهي ٿو بتال ٿي ماڻھون
هر ڪنهن جو هتي لڳي ٿو ناڻو
پئسه بولتي  بولتي بند ڪرائي
مڙئي ائين هٿ ۾ کنيو رومال آ

ڪهڙي دشمني ڪهڙي مخالفت
هر منافقي ڪري مقدار مطابق
معيار سب ڪا يهان پامال هوتا هي
جي سامهون مليو نوٽ ڳاڙھو لال آ


ڪي ته مرن ٿا بلڪل نالي پويان
ڪي ته ڦرن ٿا سوني ٽالهي پويان
پئسه ني سب ڪو ڪر انڌا ديا هي
هر ڪنهن جي هت سوچ پاتال آ

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...