Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

انصاف کپي نٿو

عدل کپي نه انصاف کپي
پاڻ کي پلاٽ صاف کپي
ڪندين تون وري انصاف ڪهڙو
جنهن ڪرايو هر هنڌ آ جهيڙو
ايندين ويندي تو ماڻهون مارايا
ڪرسي چڙھندي تو بنگلا ٺھرايا
انصاف نه تنهنجي رڳ ۾ آ
ڪڍي ڇڏيو عوام جو ساھ
جتي ڪٿي تنهنجي دانھن ملي ٿي
مال ڏسي تنهنجي دل جلي ٿي
ڪمائڻ نه ٽڪو تو سکيو آ
سدائين ابتو پورهيو سکيو آ
شارٽ ڪٽ ۾ ڪيئن اڳتي اچجي
پرائي مال کي ڪيئن ڦٻجي
عوام تو کان ٿي بيزار ويو آ
هر وقت جنيئن تو خوار ڪيو آ
هاڻي تنهنجي ڪو حاضري ڀرندو
مال کاڌل سڀ واتان ورندو
جيڪي ماڻھن مجرا ڪن پيا
سي به موقعي جي تلاش ڪن پيا
وري نه اھڙو ڪڏهن واء ورندو
پرائي مال سان  ڀڀ ڀرندو
وقت ته تبديل ٿي ويو اڄ
گرم گهڻو ٿي ويل آھي سج
ڀڄڻ جي ڪر تون تياري
مال پاڻي تي ڏي ٻوهاري
وڃي اهڙو ڪو ديس وسان تون
جتي خلق نه خدا ڏسين تون
کائي سگهين تون ساھ سک جو
ڪڍي عوام نه قصر بک  جو
وقت ته تنهنجو ٿي پورو ويو آ
ڪم ته تو به ڪري پورو ڇڏيو آ

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...