اڄ نه ڪنهن سچ وڻي ٿو
ڪوڙ سڀن کي ڳچ وڻي ٿو۔
منافقت ڪري گهر تون ٺاهي
چاهي جنهن جو ڪم لاهي
ھن ضمن ۾ زمانو انڌو آھي
تعريفن جو سڀني مچ وڻي ٿو
اڄ نه ڪنهن سچ وڻي ٿو
ڪوڙ سڀن کي ڳچ وڻي ٿو۔
سچ چوين ته هوندين اڪيلو
سڀڪن نظرين لڳندين ميلو
سچ چوڻ جو ناهي هي ويلو
سچ ته سڀ لاء مرچ کڻي ٿو
اڄ نه ڪنهن سچ وڻي ٿو
ڪوڙ سڀن کي ڳچ وڻي ٿو
No comments:
Post a Comment