مزدور پاڻ به ڪجھ ڪندا يا رڳو ڏڻ ملهائيندا
تحرير ميوارا پرمار عمرڪوٽ
شڪاگو جي شھيدن سان همدردي, اظهار يڪجهتي جو ڏھاڙو پوري دنيا ۾ تنهن ڏينهن کانپوءُ ساليانو ملهائڻ هڪ روايت بڻجي چڪي آھي, جيئن جيئن ان ڏينهن جي اهميت اجاڳر ٿيندي پئي وڃي, جيئن جيئن ان ڏينهن جي آڳاهي ملندي پئي وڃي جهالت ختم ٿيندي پئي وڃي مزدورن کي پنهنجي حقن جي خبر ۽ ڄاڻ حاصل پئي ٿي, پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي ۽ ان سان ايندڙ دنيا ۾ معاشي تبديلي جي خبر ۽ اهميت جي سڃاڻپ ملي پئي تيئن تيئن سال بسال ان ڏينهن جي ملهائڻ وارن ۽ يڪجهتي ڏيکارڻ وارن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي, برحق اهو ڏينهن سرمائيدار طبقي جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چنبي ٿو, هڪ اک به ڀلو نٿو لڳي, ۽ اهي سرمائيدار جيڪي پيڙھا پيڙهي, صدين کان مزدورن تي قابض, سندس مزدوريمان ملندڙ مال هڙپندا پئي رهيا آھن, صدين کان, اباڏاڏن کان سرمائيدار رهيا آھن, سدائين کان مزدور ٽولي کان زيادتيون ڪندا پئي رهيا آھن, تن ماضي بعيد, ماضي قريب, حال ۾ ساڳيو ئي حشر برپا ڪيو آھي, ۽ اڳتي مسقتبل قريب ۽ مستقبل بعيد ۾ به مزدورن جي سڌاري, تن جي حقن, تن جي بهتري لاء اپاءُ ۽ عملي ڪم جا آثار نظر نه پيا اچن, ڇو جو پوري دنيا تي مڪمل طور تي سرمائيدار, ذميندار ۽بادشاھ موروثي سياستدان قابض آهي جنهن هميشه کان غريبن, هارين, مزدورن جو فقط خون ڪمند جي جوسنگ مشين وانگي پيتو آھي ۽ کل باقي اڇلائي ڇڏي آھي آدمخور جانورن جي کائڻ لاء.
انيڪ تحريڪون هليون, سوين هزار مزدورن قربانيون ڏنيون, ان جا تنهن وقت تائين جا بهتر مئوثر ڪجھ قدر نتيجا به نڪتا پر افسوس, ريلين جلسن, جلوسن ۽ احتجاجن ۾ لڳندڙ کوکلن نعرن, ڪوڙين دعوائن ان تي ٿيندڙ پوائنٽ اسڪورنگ ۽ بلن ذريعي يرغمال آئيني ڪتابن ۾ قيد ٿيل قانون ڏسڻ لائي رهيو پر زميني حقائق سدائين انجي ابتڙ نظر آيا آھن,
سنڌ صوبي کي کڻي ڏسو, سرڪار طرفان هر سال هن ڏڻ تي يا بجيٽ ۾ مزدورن خاص پئڪيج رکيا ويندا آھن ٽيليويزن ۽ سوشل ميڊيا تي بهترين تعريفي ڪمينٽ حاصل ڪرڻ لاء پر انجا حقيقي نتيجا اڄ اوهانجي سامهون برعڪس آھن,مزدور جيڪو اڄ ايڪهين صدي ۾ جڏھن دنيا چنڊ کان مريخ ۽ هزارين لکين ٻيا گرھ تلاش ڪري اتي زندگي جي تلاش ۾ آھن, سائينس ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ٿي روز به روز جديد تحقيقون پئي ڪري پر هتي اڄ به نجاھ ڊگري گرمي پڌ ۾ سڙڻ کانپوء به ذليل ٿي وڏي مشڪل سان پنهنجو پيٽ پالي سگهي ٿو, جڏھن ته تن مزدور ڪڙمين هارين جي ووٽن تي کٽي تن تي حڪمراني ڪندڙ ٽولي جي هڪ فرد جي جي روزاني جي پاڻي جو خرچو به مزدور جي ڏياڙي کان وڌيڪ آھي, ته ٻڌايو اهو مزدور جيڪو ٻني, ڪارخاني, بٺي, تندور, هوٽل, دڪان, گڏھ گاڏي, تغاري, ٽريڪٽر ٽرالي, ٽرڪ يا ٻي ڪنهن وسيلي گرمي سهندي پگهر واهي ڪم ڪري پيو, هاري جو ٻني ۾ ڪڻڪ, چانور, ڪپھ مرچ, سوين قسمن جون سبزيون, اناج ميوا تيار ڪري پوري ملڪ کي پيش ڪري ٿو, مزدور جيڪو تغاري بيلچو ڪوڏر هڻي سرون کڻي گهر توهانکي ويهي سڪون سان گذارڻ لاء ٺاهي ڏي ٿو, هڪ بٺي جو مزدور جيڪو گڏھ تي يا پنهنجي ڪلهي ۽ مٿي تي سرون کڻي, ٿڌي گرم پاڻي ۾ آڌي اسر مٽي ۾ ڪنڊن ۾ پنهنجا پير خراب ڪري توهان کي پڪيون سرون ڏي ٿو, هڪ مزدور جيڪو سوين قسمن جي ڪارخانن ۾ آڌي مانڌي سردي برسات سرء اونهارو پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي پوري ملڪ کي انيڪ ضروريات جون شيون ٺاهي ڏي ٿو, اهو مزدور ڪڏھن ڪاڙھي ۾ ڪڙھي سردي ۾ ٺٺرجي برسات ۾ پسي بخاريل جسم ساڻ اڄ به صدين کان پنهنجي حقن لاء سراپا احتجاج آھي, اڄ به هن جا حق مجروع آھن هن منهنگائي ۾ جتي سندن گهر کي هلائي نه سگهي, گهر جا خرچا پورا نه ڪري سگهي, ٻارن کي پڙھائي نه سگهي, علاج ڪرائي نه سگهي, ٻچا بک بيمارص ۾ مان مري رهيا هجن, ڪڏھن پنهنجو پاڻ جلائي, ڪڏھن پاڻ ماري, ڪڏھن گڙدا ڦڦڙ ۽ آنڊا جسم جا عضوا وڪڻڻ تي مجبور هجي, ڪڏھن پورو خاندان ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي, ته اهو مجبور ڪير ٿو ڪري, ڪهڙو سبب, ڪهڙي طاقت آھي, انجي ذميواري موجود حڪمرانن جي آھي, جيڪو ڪوڙا ڏٽا ڏئي, ڪوڙا واعدا ڪري وچن ڪري, ڦوڪون ڏئي, ڪوڙا بي بنياد خواب ڏيکاري ووٽ وٺي سندس جنازي ۾ به شامل نٿا ٿين, سندس علاج لاء اسپتال, پڙھائي لاء اسڪول, بجلي پاڻي گئس جهڙيون بنيادي سهولتون نه ڏي اتي انهن ماڻھن کان, انهن بيحس انهن بي احساس ۽ ڪم ظرف ماڻھن کان حق جي اميد ٻٻرن کان ٻيرن جي اميد مترادف آھي,
اڄ پوري دنيا جا مزدور, سندن حامي, مزدور تنظيمون سرپا احتجاج آھن, گهر گهر, گهٽي گهٽي, ڳوٺ ڳوٺ, شھرن جا شھر مزدور جلسن جلوسن جي شڪل۾ ٻاهر آھن انٽرنيشنل, نيشنل, لوڪل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي وسيلي پوري دنيا جي اعلي اعلي اختيارين کان پنهنجي حقن, پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي لاء چئي رهيا آھن ته اها ڳالھ به ذھن ۾ اچڻ کپي ته ڇا اهي به توهان وانگر غريب جا ٻار آھن, ڇا اهي بڀ غريب هئا, ڇا اهي به ڪڏھن مزدوري ڪندا هئا, ڇا اهي ڪجھ ڪري سگهندا جهڙا سوين سوال پنهنجي ذھن ۾ رکو, جوان اندر کان ئي ملي ويندو, بلڪل به نه, اهي صدين کان ساڳيان, ساڳين جا پٽ, ساڳين پوٽا ڏوھٽا ۽ وارث آھن, جن جي نبضن ۾ ظلم ستم ڏاڍھ, بيحسي, مڪاري جو رت شامل آھي, تن جي سوچ وڏيراڻي رهي آھي, تن جي سوچ ۾ مزدورن کي پيڙھي رکي هلڻ جي رهي آھي مزدورن کي صدين تائين غلام رکڻ جي رهي آھي.
ها ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪو راتو رات ڪرپشن جي ڪرامت مان ڪروڙ پتي ٿيو هجي, ها ڪو لائٽري جي لاماري ۾ ڪو قسمت جي ڪرشمي سان ڪو محنت مزدوري ڪري اڳتي آيو هجي, اسيمبلي پهتو هجي, ڪامياب ٿيو هجي, پر اڪثر پئسو ماڻھن جي سوچ مٽائي ڇڏيندو آھي, يا ته اڇو ٻڌي ڪاري سان وانگي عادت مٽايو ٿو ڇڏيس, تن جي سوچ ويچار جا طريقا تبديل ٿيو ٿا وڃن, موجوه سرمائيدارن, بادشاه ۽ وڏيري نماءُ حڪمرانن جو ماضي گهوري غور سان ڏسي وٺو ۽ پوءُ منهنجي خيال ۾ اميد جي ڏيئي ۾ تيل جي جاء تي پاڻي وجهي پکين لاء رکڻ جو واحد رستو بچندو,
اهو وقت بلڪل سراپا احتجاج, حقن جي حاصلات لاء وڙھڻ جو آھي پر مزدور ڀائرو پنهنجي به ماضي ڏسو جيڪا ڏات, جيڪا مزدوري جيڪا توهانکي ميراث ۾ مل آھي ۽ جنهن جي بدولت اڄ اوهان ڪٿي, ڪهڙا ڪيئن ۽ ڇا آھيو, جهڙا سوال پنهنجو پاڻ کان

No comments:
Post a Comment