کوجنا کي سالگره مبارڪ
بقلم ميوارام پرمار
خبرن جي دنيا جي منفرد ۽ معني خيز اڃاڻپ جي جيڪر ڳالھ ڪجي ته بنا ڪنهن روڪ ٺوڪ, بنا ڪنهن پرواھ, بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ بنا ڪنهن ڊپ خوف جي حقيقت تان پردا لاهڻ ۽ جمود ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ سنسني خيز خبرون ڏيندڙ, ثقافتي رنگ, امراڻي ۽ آسپاس جي عظيم هستين جا پروفائل ۽ آرٽيڪل جي عظمت ساڻ ڪري هفتيوار شايع ٿيندڙ اخبار کوجنا جنهن جي معني ئي تلاش آھي جنهن جي هر شخص کي کوجنا پئي پئي رهندي هئي هر ڪو پيو کوجنا جي اوسيئڙي ۾ رهندو هو تنهن جي چمڪ ڌمڪ ۽ روعب سبب ياد ذھن ۾ تازي ٿئي ٿي سا ئي اخبار سامهون اچي ٿي,
کوجنا جي ضلعي جي چئني تعلقن جي هر هڪ ڪنڊ پاڇي تي گهري نظر رهندي هئي, ۽ هر خبر کي مڪمل ۽ درست ڄڳھ تي ڇپي ان خبر سان حق ۽ انصاف ڪيو ويندو هيو, ڪجھ عرصو پهرين جڏھن پاڪستاني چئنلد جي ايتري اهميت نه هوندي هئي ۽ هتي جا اڪثر ماڻھو بي بي سي کي اوليت ڏيندا هئا ٺيڪ اهڙي ريت عمرڪوٽ واسي ضلعي سميت سنڌ جي ٻين شھرن جي خبر جي تصديق لاء کوجنا اخبار کي ترجيح ڏيندا هئا, ۽ هر وقت, هر ويلي هر پل تي نت نئين کوجنا پئي ئي ويندي هئي, پڙھندڙن لاء هر شماري ڻ الڳ الڳ ۽ معني خيز پرچو دستياب هوندو هو,
شوبز, راند, عجيب و غريب معلومات, جي سيگمينٽس جي جهڙي ريت ترتيب ۽ صرف اهميت جوڳي خبز کي شايع ڪرڻ واري روايت انتهائي جس جوڳو عمل هيو, تنهن اخبار کي سندن پڙھندڙن لاء بهترين مواد ڏنو پئي هو,
نوجوانن ۾ هميشه کان اها بيچارگي ۽ مايوسي جي فضا ڇانيل هئي ته تن جي لکڻين کي وڏين نام نهاد ناليوارين اخبارن ۾ ڄڳھ نه ٿي ملي ۽ جيڪر وڏي مشڪل سان ڪو آرٽيڪل يا ڪالم ڇپجي به ٿو ته سندس آئين منشور ۽ اڻگهڙيل قانونن جا ابتا سبتا سبب ڄاڻائي تنهن آرٽيڪل جي ستيا ناس ڪيو ويندو هو ۽ اها بيماري اڃا به آھي, تنهن مايوسي واري ماحول کي ختم ڪرڻ لاء کوجنا اخبار جي ڪوشش۽ جدوجهد تعريف جوڳي رهي ھئي, هميشه نون لکندڙن کي موقعو ڏنو پئي هيو, نون لکندڙن ۾ اتساھ پيدا پئي ڪيو هيو, جنهن جي ڪري ڪافي نوجوان ليکڪ اڀري ظاهر ٿيا آھن, تن ۾ ادبي دنيا کوجنا جي ڪري پنهنجي الڳ ٿي سگهي آھي, خاص ڪري جاويد ڪنڀر جون لکڻيون آئون وڏي چاھ سان پڙھندو رهيو هئس,
اخبار جي ايڊيٽر ۽ سرپرست اعلي جناب الياس ٿري صاحب جن پنهنجي وسيع تجربي سبب جهڙي ريت ٽيم جوڙي ۽ تن کان ڪم پئي ورتو هو, تنهن جي ڪري اخبار جي زينت کي چار چنڊ لڳي چڪا هئا, هن اخبار ڪيترن ئي صرف دل ۾ خواھش رکندڙ هڪ ناميارو ليکڪ ٿيڻ جي تن جي لڪيل ۽ ٽڙيل پکڙيل امگن کي آشيانو ۽ ٺڪاڻو ڏئي پيش ڪري هڪ بهترين ۽ مثالي موقعو ڏنو پنهنجون صلاحيتون پيش ڪري, پنهنجي پاڻ کي مڃرائڻ جو جيڪو نه صرف هڪ ليکڪ لاء پر ان سان گڏوگڏ نمائندن يا جرنلسزم جي دنيا ۾ پير پائڻ ۽ ان وسيع فيلڊ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ جا خواب دل ۾ سانڍي رکي هلندڙن کي بهترين اخبار سان گڏوگڏ هڪ اعلي تجربيگار محس ۽ رهبر اڳواڻ الياس ٿري جي صورت ۾ مالڪ بخشيو تنهن کان نوجوان غلطيون ڪندي, تجربا ڪندي, تنهن جي رهبري ۾ گهڻو ڪجھ سکي اڄ بهترين ليکڪ به آھن ته بهترين نمائنده آھن,
اها تمام گهٽ ماڻھن ۾ سوچ پلندي آھي, جنهن ۾ ٻين جي ڀلي جي سوچيو وڃي, اهل ماڻھن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي,کوجناکي هميشه کان هر نئين جوشلي, شوق رکندڙ ۽ ڪم ڪندڙ جي کوجنا هئي, ۽ ان کي بهترين ڄڳھ پئي ڏني وئي هئي, اهو ئي سبب آھي جو اخبار ڪافي وقت تائين باقائدگي سان هلي ۽ ڪجھ ئي عرصي ۾ ضلعي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ مشهور ٿي چڪي هئي, هڪ ڀيرو پڙھي ٻيو ڀيرو بنا پڙھي رهي نٿي سگهيو, هن اخبار جي خوشبو ئي الڳ هئي منفرد هئي جنهن گهڻي وقت تائين ماڻھن کي مدهوش پئي رکيو هيو,
عام چونڊن جي مصروفيتن سبب هن اخبار کي گهربل وقت ۽ گهربل توجه نه ملي سگهيو, تنهن سبب وقت تي اچڻ ۾ وڏي مشڪلات پيش اچي رهي هئي, تنهن جي ڪري اخبار مقرر وقت تي ڇپجي نه سگهي, برحال وقت به وقت دير سوير ايندي رهندي هئي, آھستي آهستي دير ساڻ اچڻ ڪري مزو ۽ مٺاس ٿورڙي گهٽجندي پئي وئي,
اڄ اٺاويھ اپريل هفتيوار کوجنا اخبار جو جنم ڏينهن آھي بيشڪ هڪ اداري جو, هڪ اخبار جو, هڪ ٽيم جي مشترڪه جدوجهد ۽ هڪ سوچ کي عملي جامعون پهرائڻ جو ڏينهن, هڪ سوچ ۽ هڪ خواب ساڀيان ٿيڻ جو ڏينهن آھي, اميد ٿا ڪيون ته اڳي جيان هاڻ به اخبار وقت تي ڇپجندي, پڙھڻ وارن لاء دستياب هوندي, وقت تي نواڻ ۽ جدت ايندي ويندي, هر نوجوان کي لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ زندگي جا سمورا رنگ ساڻ ڪري ساڳين خوشبو ۽ روعب کڻي شايع ٿيندي, اخبار ۽ ٽيم لاء ڪروڙين شب ڪامنائون ۽ نيڪ تمنائون مالڪ سندن سدا سچ لکڻ ۽ سچ لکندڙن کي ترجيح ڏيڻ جي طاقت عطا ڪري,

No comments:
Post a Comment