Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

ديپاولي جا ديپ

My Artical For New Diwali Magzine
ديپاوالي جا ديپ
ليکڪ: ميوارام پرمار
لفظ ديوالي يا ديپاوالي جي مطلب ۽ تاريخ کان هرڪو بخوبي واقوف آھي،
وري نه چئجو آجيان نه ٿيندي
ڀڳوان رام چوڏانهن سال بنواس کان واپسي جي خوشي ۾ آجياڻي تي هي ديوالي ديپن سان گهرن کي چمڪائي ملهائي ويندڙ تهوار جو سلسلو صدين کان اڄ تائين جاري و ساري آھي بلڪه ان ڏڻ کي ملهائڻ ۽ خوشين ۾ اضافو ڪرٖڻ لاء سالها سال نواڻ آندي پئي وڃي جديد ميڻ بتيون، ڏيئا، فٽاڪا، تارا، بتيون، چرکا چرکيون، ٻرندڙ وڻ  وغيره وغيره
هن تهوار سان اسانجي سنڌ جي رسم مهمانوازي جي تهذيب ظاهر ٿئي ٿي جيڪا دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي سا هن تهوار کي مذھبي رنگ کان علاوه ڏسجي ته غلط ڪانه هوندو، مهمانن جي خاطرداري، لذيذه کاڌن سان طمامن جي طويل لسٽ، اجرڪ ٽوپي جا تحفا به هن تهوار جي موقعي تي آيل مهمانن کي پيش ڪري ڏڻ کي ويتر يادگار بنايو ڇڏي، ساري رات آسمان تي تارن جيان زمين تي مختلف قسمن جا ديپ ٻاري، تارن ۽ ميڻ بتين جي جهر مر سان گهرن کي جگمڳائي گهرن جي خوبصورتي ۾۾ وڌيڪ اضافو ڪبو آھي، انهي رات کان ٻي ڏينهن جي شام تائين خوشي جو اظهار فٽاڪن کي کولڻ جي انداز سان ڪيو ويندو آھي، مطلب هرطرف چھچٽو، خوشي سرور، مسرت، محبت جو ماحول بڻيل هوندو آھي۔
ان دنيا جي سڪي جو هڪ ٻيو به پاسو آھي جنهن کي اسان ڄاڻي واڻي چاهيندي به نظرانداز ڪري ڇڏيندا آھيون، پنهنجي خوشين آڏو بريڪر، رڪاوٽ، رنڊڪ سمجهي ڇڏي ڏيندا آھيون، اها دنيا آھي اهڙن غريبن، يتيمن، بيواهن، بيسهارا، بيگهر ۽ ويچارن لاچار ماڻھن جي جيڪي فقط ويلي جي ماني جو بندوبست به وڏي مشڪل سان ڪري سگهندا آھن اهڙا موقعا به انهن لاء باعث مسرت هوندا آھن جڏهن پيٽ ڀر ماني ٽڪ تي ملندي آھي باقي پوري زندگي روزن جو ۽ اهڙا اڱرين ڳڻيا موقعا عيدن جو ڏس ڏيندا آھن ته اسانجي عيدن جي مشابهت انهن سان ڪڏهن بگ نٿي ڪري سگهجي، ٿورو وقت سوچيو ڪيئن گذاريندا هئا اهي اهڙا ڏھاڙا، ڇا پچائيندا، ڇا کائيندا، ڇا پائيندا، ڪٿي گهمندا، ڇا چئي پنهنجن ٻارن کي اهڙا ڏڻ گذاريندا آھن، ڪهڙا ڪوڙا دلاسا ڪيترا ڏيندا هوندا هر تهوار تي ساڳيان ڪوڙ؟ ھاڻ ته اهڙن ڳالهين جي راز جو پتو ته ٻارن کي پئجي چڪو هوندو، ڇا ڇا گذرندو هوندو انهنجي دلين تي، ڪيترا گهاءُ  ڪيا هوندا هن ڪوڙ، شڪر ڪنهن جو ڪهڙو ڪنهن تي ڇو ڪندا، هي به هڪ زندگي گذارڻ جو انتها طريقو آھي
وڌيڪ ڪجھ به نه بس فقط پنهنجي پاڙي، آسپاس، پسگردائي ۾ رهندڙ اهڙنغريبن جي لاءُ  وڌيڪ ڪجھ نه هڪ ميڻ بتي ٿي رهون ته شايد پوري ڌرتي تان غربت جو انڌيرو ختم ٿي پوي، اها ميڻ بتي جي روشني ئي ناهي فقط!
جو ڪجھ پاڻ پچايون ٿا جيڪر اهو پچايل کاڌو گهٽ ۾ گھٽ ان غريب جي گهر پهچايون ته اهو به ڀلو ٿي پوندو، ڪرڻ جي لاء ثواب، دلي سڪون حاصل ڪرڻ ۽ سماج جو سور رکندڙ جي لاء ڀلائي ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ۽ رستا بڻيل آھن جو تن جو بيان به الڳ آرٽيڪل ۾آھي، هن تهوار جون خوشيون ونڊجن انهن غريبن سان، غريبن جي ٻچن سان، کاڌو خوراڪ ڏيئي، ڪپڙا لٽا ڏئي ۽ سماج ۾ پاڻ جي ليول برابر ويهاري گڏ ويهاري کائڻ ۽ کارائڻ سان، يڪسانيت واري نظر سان ڏسڻ سان، هرهڪ جا درد سور سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان، پنهنجو درد سمجهي ختم ڪرڻ سان ٻين جو همدرد ٻڻجڻ سان اهي احساسن جا جذباتن جا رشتا هر هڪ سان وابسته ھجڻ کپن اهي ئي زنجيرون رشتن کي مضبوطي سان جڪڙي رکنديون آھن اهي درد صرف تهوار تي بلڪه هر ڏڻ تي هر لمحي تي محسوس ڪجن تي شايد غريبن جي دلين منجهان احساس محرومي جنم کان پهرين ئي دفن ٿي وڃي، غربت جي لڪير سڌي ظاهر ٿيڻ کان پهرين دنيا جي پردي تان هميشه لاء مٽجي وڃي، تنهن لاء هڪ فرد نه بلڪه سموري سماج کي گڏجي سڏجي سموري سٿ ساڻ قدم کڻڻا پوندا
هي روشني انڌيرا ختم ڪري سگهي ٿي
جيڪر روشني برقرار رکڻ وسعت باقي هجي۔

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...