جمود ۾تحرڪ جي ضرورت
تحرير: ميوارام پرمار
دنيا گهمي ڏسو، پنا اٿلايو، تاريخ پڙھو، ماضي جي ياد تازا ڪيو جڏھن ڪڏھن ڪا نواڻ يا تبديلي آئي آھي اتي نوجوانن جو وڏو ڪردار رهيو آھي، اسان وٽ ڪافي ڏھاڪن کان سماج مڪمل طور تي منجمند ٿي چڪو آھي، جمود جو شڪار آھي جيڪا شي جتي آھي اتي ئي ضعيفاڻي شڪل ۾ چرپر ڪندي ٿي نظر اچي ڪڏھن ڪڏھن اهي ڦيرا معز ڦيرا ئي ثابت ٿيندا آھن تن جو بد قسمتي سان معور ئي ساڳيون رهيو آھي جنهن جي ڪارڻ نظام بند پيل آھي، اسانجي معاشري ۾ يا دنيا جي ٻئي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ جيڪر ڪا نواڻ اچي پئي يا آئي آھي انجو وڏو ڪريڊٽ نوجوانن ڏانهن وڃي ٿو، اڄ جو دور هٿيار، گهوٻاٽي جو ناهي رهيو بلڪه ڪتاب ۽ پين جو وقت آھي جنهن سان هر تبديلي ممڪن آھي، دنيا ۾ جتي نوجوانن لاء وڏا وڏا فنڊز مختص پيا ڪيا وڃن، اين جي اوز، سرڪاري، نيم سرڪاري توڙي پنهنجو مدد پاڻ سوين ادارا ٽولا سرگرم آھن اتي اهڙي ماحول ۾ سنڌ جتي ڪافي سالن کان معاشرو مڪمل طور تي يرغمال ۽ بيٺل نظر ٿو هڪ آڱرين ڳڻيو تعداد آھي سو صرف متحرڪ آھي ڪڏھن ڪڏھن اهو اڌو اڌ ٽولو ئي وڪامجي ٿو وڃي يرغمال ٿيو ٿو وڃي۔
سنڌ ۾ ڪافي مدت کان مايوسي جو ماحول ڇانيل پئي رهيو آھي جتي تبديلي جا اوزار تعليم جهڙا ادارا فقط وقت جو ذيان جو مرڪز پئي نظر آيا آھن جتي تعليم سون برابر وڪامندي هجي ۽ استاد تعليم وڪڻي جيب ڀريندي نظر ايندا ۽ تعليم جي تباهي جا باعث بنجندي ۽ پشت پناهي ڏيندڙ جي سلامي ڀريندي نظر پئي آيا آھن اتي اهڙا ئي واقعات رونما ٿيڻا آھن اهڙو ئي سناٽو پائڻو آھي اهڙي تباهي ٿيڻي آھي،
نوجوانن کي جتي بي يارو مددگار پنهنجي آسري تي ننڌڻڪا ڪري ڇڏي ڏنو ويو، بيروزگاري، مهنگائي، مفلسي ۽ جهالت جي ڄار ۾ ڦاسائي اتي نوجوانن پيٽ پالڻ جو جتن ڪرڻ لاء ڪنهن به قسم جو ڪرت ڪرڻ ئي نه ملڻ جو ماحول آھي اتي انفراديت، موقعه پرستي، منافقت ئي جنم وٺندي ان عالم کي هروڀرو هٿ ٺوڪي خراب ڪيو ويو چند نام نهاد جهموري جمودن پارن ڪهاوت مطابق چور کي چوڪيدار ڪري ڪهڙا سکيا سمهندا۔
منهنجو نوجوانن لاء اهو عرض آھي جيڪو جتي جنهن به شعبي ۾ ڪم ڇا به ڪندو پيو هجي سو پنهنجي ڪم ۾ ديانتداري ڏيکاري، خاص التجا انهن نوجوان استادن کان آھي ته سنڌ ستر سال پوئتي آھي دنيا کان هي پاڻ ۽ پنهنجي چونڊيل نمائيندن جي چونڊيل باوقار ۽ انتهائي عزتدار استادن جي ڪري اڄ هن جڳھ تي سنڌ تاريڪ جو منظر پئي پيش ڪري، خدارا نوجوان استاد صاحبان پنهنجي پاڻ جي بل تي جيترو وڌيڪ ٿي شاگردن کي جديد ڄاڻ پڙھڻ تي، حاضري تي زور ڏيو، جديد ڄاڻ سان گڏ ادب تي به خاص ڌيان ڏياريو، ۽ شاگردن کي چوندس تي صرف ۽ صرف پنهنجي پڙھائي تي پڙھائي کان علاوه سنڌ جا حالات ڪنهن به قسم جي فالتو ۽ ناڪاره ڪم جي اجازت نٿيون ڏين جيڪر اڄ هي حال آھن ته ايندڙ پنج، ڏھن ۽ پندرانهن ويهن سالن بعد منهنگائي مفلسي، بيروزگاري ۽ سنڌ جون حالتون ڪٿي هونديون اڄ کان پوئتي ؟ ته ايندڙ وقت کي پنهنجي لاء قوم لاء ملڪ لاء بهترين بنايو ته محنت ڪري پڙھو
نوجوان جيڪي جتي ڪٿي ڪجھ به ڪم ڪندا پيا اچن تن کي چوندس ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ پرايو، دنيا جي نوجوانن جا ڪارنامه ڏسو انهن کان اڳتي نه ته برابر هلڻ جيتري محنت ڪريو، ٻارڙن کي اسڪول موڪليو، پنهنجي ٻارڙن جي هر قسم جي واڌ ويج تي ڌيان ڏيو، تن جي تعليم تي خصوصي ڌيان ڏيو۔
نوجوان جيڪي چوويه ڪلاڪ راند راند ڪن ٿا پيا تن کي گذارش آ خدارا وقت جو قدر ڪريو رانديون بيشڪ ڪريو صرف وندر جي حد تائين دنيا جون حالتون ڏسو ۽ اسانجي نوجوانن مطلب پنهنجو حال ڏسو پاڻ ڪٿي آھيون ڪجھ به خبر ناهي ڪجھ به نٿا ڪري سگهون ڪجھ به ڪرڻ جي لائق ناهيون ورلو ڪو ڪو ٿورڙو ڪجھ ڪرڻ جي لاء ٻاهر نڪري ٿو ته ٽنگون ڇڪڻ وارا بنجي ويا آھيون صرف سست ڪاهل ناڪاره بنجي حاسد ۡ۽ ساڙيلا ٿي ويا آھيون خدارا پنهنجي حالات تي رحم کاهي ڪجھ ڪرڻ جو سوچيو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪافي ٽريننگ پروگرام ڪرايا پيا وڃن سکي اڳتي وڌو هن واندا ڪم هر وقت راند واندي سنگت ڪلفت ڪچھريو ناڪاره ناڪام ڪرڻ ۾ ڪوڪسر نه ڇڏينديون سو براء مهرباني جيترو ٿي سگهي تعليم، تربيت هنر جي ڪم ۾ جٽيا رهو، پنهنجو، والدين جو اولاد جو آڙي پاڙي سماج قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪريو پئسو ڪمايو خدمت ڪريو وقت جو قدر ڪريو ته توهان مان هرڪو سبق پرائي
وقت جي قدر ڪندڙ ئي ۽ وقت جي ضرورت تي وڪائتيون ۽۽ ڪارائتيون شيون ڪرڻ وارا ئي ڪامياب ٿيندا آھن سو دنيا جا مثال ڇڏيو پنهنجو مثال ٺاهيو مثبت سمت ۾ ته دنيا اسانجا گيت ڳائي۔

No comments:
Post a Comment