Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

نياڻي نائلا جي نانءُ

نائلا جي وڃي جان ڇٽي آ
علي حيدر جي هاڻ فٽي آ


اڳئي هئي هوي ريشما جي رڙ
پوء ساڙيو هو ويجنتي سلميٰ  جا جڳر
جليو ته چمن به هيو
ماريو ته ويچارو اندر به ويو
لاش ته لڌا اشوڪ هيرو جا
پوء آيو هو وارو نائلا رند جو
نائلا ويچاري هيئن مري هئي
هو ويچاري هون مري هئي
ڦاهي لٽڪيل لاش مليو هو
تڪليفن منجھ جي جهليو هو
هيئن ڪيئن نياڻي پاڻ مري سگهي
شاگردياڻي ڪيئن ٿي جهري سگهي
سنڌ جي نياڻي بهادر بيباڪ
ضرور ڪنهن ماريو هوندئي شيطان
چوطرف ٿي ويو هو روج راڙو
قتل قتل خون خون ۽ چيخون دانهون
رستا لنگھ ٿي ويا سڀ آهون آھون
اخبارون به رنگجي ويون
ديوارون به رنگجي ويون
هر وات ۾ هو انصاف کپي
هاڻ نه اهڙو پاپ کپي
ڇا به کپي کڻي ڇا به کپي
نائلا رند کي انصاف کپي
واھ سنڌيو ڇا ڳالھ ڪجي
اتحاداهڙي جا مثال ڪٿي
رڳو رڙ ڪري ٿا مٿي اٿو
ڪري گوڙ ڇڏيو ٿا هرپاسي
ڀرپاسي ڪا ڀاء ٻري ٿي
ڇا لاهي توهانجي هان ڏري ٿي
ڏيرايو انصاف آهن ناري کي
اڳي جيان هر اڇي ڪاري کي
مس وڃي هن ساهي پٽي آ
هاڻ علي حيدر جي وڃي ڦٽي آ
هڪڙو مؤت ته مليو مفت ۾
وري خواري ڪريو مفت ۾
انصاف ڪرڻ اوهين انڌا هو
ضمير وڪڻڻ وارا چپ ٿيو
پنهنجي ڪٿي ٿا توهان فڪر ڪريو
روز جيئو ٿا ۽ روز مريو
نائلا ڪيتري نه بهادر هئي
خواري کان اڳ جنهن کاڌي ڦاهي
ايتري تذليل ۾ توهين جيئو
پنهنجو پاڻ پهرين انصاف ڪريو
پوء نارين ڪارين ۽ ڌارين تي ڌيان ڌريو

نائلا جي وڃي جان ڇٽي آ
علي حيدر جي هاڻ فٽي آ



No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...