Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

ڇا جي جهموريت

جهموريت ئي بهترين انتقام آھي,
Democracy is the best revenge.
اهو ئي اصل جهموريت آھي جنهن لاء اسان بيوقوف بڻجي جانين جون قربانيون ڏنيون, اُبتا سُبتا نعرا هڻي گلي ۾ سُور وڌو, ڏينهن راتين جي ننڊ ۽ سڪُون حرام ڪيو ته آمر کان جان ڇٽي هر غريب کي سندن حق, هلڻ ڦرڻ جو حق ملي, ڪجھ به ڪرڻ حق مليس, ملي ويو نه هر ڪنهن کي حق ڪير به ڪٿان به ڪنهن جي به پٽڪي ڌُوڙ ڪري, ڪنهن جي به ماءُ ڀيڻ پٽ ڌي سان ٻڪري گڏھ گهوڙي سان انفرادي يا اجتمائي زياتي, زبردستي زنا وه جيڪو وڻي سو ڪريس, جنهن کي جتي نه جنهن به مذھب جي توهين و تذليل ڪرڻي هجي, تماشو و فلم ٺاهڻي بلڪل آزادي و ڪُڌا ڪرتُوت ۽ آزادي ڪُل وقتي ڪرپشن حق حاصل آھي, جهموريت طرفان اها به يقين دهاني ڏياري وئي آھي اوهان جو ڪير نه وار واڪو, ڪير واءُ به نٿو ڏئي سگهي بس جهموريت جي وسيع تر مفاد ۾ ذليل وخوار, پريشان و بيزار ٿيو ۽ ڪندا رهو, اهو ئي جهموريت آھي جتي هر ڪنهن کي ڪارو منهن ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو حق حاصل آھي, ڀيڙ خميسه ڀيڙ, دٻ قصي کي, هندو ڪهڙو به مذھب آھي اوهانکي جيڪو به ڪرڻو آھي ڪريو, ماضي ڏسو انهن هندو اڳواڻن کي اسان لولي پاپ پاڻي ۾ پسائي خاموش ڪرائي ڇڏيو آ کٽمٽي تي, شو مندر تي چار قتل شيوادارن کي ڏسو, شو مندر جي زمين جو قبضو ڏسو, سموري سنڌ ۾ مندر کي ڊاهڻ, مورتين کي ڀڃڻ وارا واقعه, ان خلاف واويلا گوڙ شور ڏسو پوء ڪيئن خاموش ٿيا اهو ئي جهموريت آھي جتي گهڻا گهڻا خاموش ٿي ويندا آھن,

منهنجو هڪ هندو ٿي سپريم ڪورٽ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کان گذارش آھي ته هندو مذھب کي هر مذھب جيتري سيڪورٽي ۽ عزت ڏني وڃي توهين ڪندڙ ڪنهن جي به ڪري ۽ ڪير به ڪري قانلن تحت عبرتناڪ سزا ڏني وڃي,

ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...