ڪوٽا جي ڀينڳ
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ابي جي ڪوٽا, امان جي ڪوٽا,
سياست جي ڪوٽا, سنگت جي ڪوٽا,
ڪامريڊ جي ڪوٽا, سڃي جي ڪوٽا,
سڀ گڏجن هت ٿا بس لوٽا لوٽا,
ڪوٽا کنيا آھن سڀ کوٽا چم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
هتان ھُتان ايرا خيرا اگهاڻا,
ڪٿان ڪٿان ڪهڙا اگهاڻا,
انڌا منڊا سڀ ميرا اگهاڻا,
پڙھيل جاهل سڀ ڀيڙا اگهاڻا,
سرت ڀريا ٿين انڳوٺا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ڪوٽا جا جتي کڙڪا ٿين ٿا,
چڱن ڀلن جا ڪن ڦڙڪا ٿين ٿا,
وٽيو مُڇون ۽ ڪاٽن پائي,
جُوتن جا درن تي ٽڙڪا ٿين ٿا,
گهٽي کلي ته گُڙڪا ٿين,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ڪيڏانهن وئي ڊگري ڪيڏانهن ٺڳ,
چرن کريلن جا لٿا آھن وڳ,
هوا ۾ اهڙيون ٿا ڳالهايون ڪن,
ڪاڪڙو هڻندين بند ٿئي نه گگ,
اهليت تي نٿا لهن موٽا چم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ڪوٽا ڪئي بس خاناپوري,
ماڻھون کنيا سڀ غير ضروري,
ڪهڙا ماڻھون آھن ڪٿي مُٺا,
سنگت ۾ ڪئي بس اکرڀُري,
نٿا ٿين تن کان ڇوٽا موٽا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
آفيسر مٿان جو ڪڙڪي آيو,
مري وڃن ٿا سي ڇرڪون کايو,
رڪارڊ ابتا سُبتا پورا ڪري,
نڪري وڃن ٿا فرڪي کايو,
انهي وقت تي ڪري ٿو بم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
غريبن جي ڪم جو آسرو ناهي,
صبح کان بٺا هجن ٻُوٿ لاهي,
انهن جي ڪن تان جُون سُري نه,
کڻي وڃي ڪو مري ڦاسي کائي,
ڪهڙا ڪندا اهي لوٽا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
اهڙو انهن آ ٻيڙو غرق ڪيو,
مريو وڃن ماڻھون ڇرڪ ڀريو,
ڪير ڀلا ٿو اهو سوچي سگهي,
دانگي ملهي ٿا لڪن سرڪ ڀريو,
هاڻ تن ڪا پئسو ۽ جُوتا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ميوارام پرمار
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ابي جي ڪوٽا, امان جي ڪوٽا,
سياست جي ڪوٽا, سنگت جي ڪوٽا,
ڪامريڊ جي ڪوٽا, سڃي جي ڪوٽا,
سڀ گڏجن هت ٿا بس لوٽا لوٽا,
ڪوٽا کنيا آھن سڀ کوٽا چم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
هتان ھُتان ايرا خيرا اگهاڻا,
ڪٿان ڪٿان ڪهڙا اگهاڻا,
انڌا منڊا سڀ ميرا اگهاڻا,
پڙھيل جاهل سڀ ڀيڙا اگهاڻا,
سرت ڀريا ٿين انڳوٺا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ڪوٽا جا جتي کڙڪا ٿين ٿا,
چڱن ڀلن جا ڪن ڦڙڪا ٿين ٿا,
وٽيو مُڇون ۽ ڪاٽن پائي,
جُوتن جا درن تي ٽڙڪا ٿين ٿا,
گهٽي کلي ته گُڙڪا ٿين,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ڪيڏانهن وئي ڊگري ڪيڏانهن ٺڳ,
چرن کريلن جا لٿا آھن وڳ,
هوا ۾ اهڙيون ٿا ڳالهايون ڪن,
ڪاڪڙو هڻندين بند ٿئي نه گگ,
اهليت تي نٿا لهن موٽا چم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ڪوٽا ڪئي بس خاناپوري,
ماڻھون کنيا سڀ غير ضروري,
ڪهڙا ماڻھون آھن ڪٿي مُٺا,
سنگت ۾ ڪئي بس اکرڀُري,
نٿا ٿين تن کان ڇوٽا موٽا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
آفيسر مٿان جو ڪڙڪي آيو,
مري وڃن ٿا سي ڇرڪون کايو,
رڪارڊ ابتا سُبتا پورا ڪري,
نڪري وڃن ٿا فرڪي کايو,
انهي وقت تي ڪري ٿو بم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
غريبن جي ڪم جو آسرو ناهي,
صبح کان بٺا هجن ٻُوٿ لاهي,
انهن جي ڪن تان جُون سُري نه,
کڻي وڃي ڪو مري ڦاسي کائي,
ڪهڙا ڪندا اهي لوٽا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
اهڙو انهن آ ٻيڙو غرق ڪيو,
مريو وڃن ماڻھون ڇرڪ ڀريو,
ڪير ڀلا ٿو اهو سوچي سگهي,
دانگي ملهي ٿا لڪن سرڪ ڀريو,
هاڻ تن ڪا پئسو ۽ جُوتا ڪم,
ڏاڍا ڀلا آھن تُنهنجا ڪوٽا ڪم,
سڀ ڪيا آھن تو کوٽا ڪم,
ميوارام پرمار
No comments:
Post a Comment