رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
نياڻيون پرايون روز تڪين ٿو,
زمينن تي قبضا روز ڪرين ٿو,
روڊ ٽوڙين ۽ پاڻي بند ڪرين ٿو,
احتساب لاء اکيون کول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
پوليس کان ٿو ڪرين چڙھائي,
عزتون شريفن جون لُٽائي,
اجها غريبن جا مسمار ڪرائي,
انسانيت جا ٻولين ٻول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
قتل, ذنا ۽ چوريون ڌاڙا,
لٽيا تو آھن پاڙي جا پاڙا,
ٻني ٻاري ڪيا ويران واڙا,
لٽيا تو نياڻين جو ٽول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
پئسو عوام ڪيئن بنگلا ٺاهين,
روز ونيو ۽ ٻنيون کپائين,
چڙھڻ لاء ٻاهران گاڏيون گهُرائين,
کُلن پيا تُنهنجا پول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
ڪيترو به پاڻ کي پڪو ڪر,
ماڻھن ۾ لڪڻ جو ٽڪو ڪر,
هتان ڀڄڻ جو نه اولڪو ڪر,
چڙھيو غريبن تُنهنجو ڀول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
ھاڻ ذري ذري جو حساب ڪندا,
لوٽا ڀڄڻ مهل فرياد ڪندا,
ڀڄندين ڀڄندي توکي ياد ڪندا,
ڀڄي نه سگهندين اکيون کول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
نياڻيون پرايون روز تڪين ٿو,
زمينن تي قبضا روز ڪرين ٿو,
روڊ ٽوڙين ۽ پاڻي بند ڪرين ٿو,
احتساب لاء اکيون کول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
پوليس کان ٿو ڪرين چڙھائي,
عزتون شريفن جون لُٽائي,
اجها غريبن جا مسمار ڪرائي,
انسانيت جا ٻولين ٻول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
قتل, ذنا ۽ چوريون ڌاڙا,
لٽيا تو آھن پاڙي جا پاڙا,
ٻني ٻاري ڪيا ويران واڙا,
لٽيا تو نياڻين جو ٽول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
پئسو عوام ڪيئن بنگلا ٺاهين,
روز ونيو ۽ ٻنيون کپائين,
چڙھڻ لاء ٻاهران گاڏيون گهُرائين,
کُلن پيا تُنهنجا پول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
ڪيترو به پاڻ کي پڪو ڪر,
ماڻھن ۾ لڪڻ جو ٽڪو ڪر,
هتان ڀڄڻ جو نه اولڪو ڪر,
چڙھيو غريبن تُنهنجو ڀول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
ھاڻ ذري ذري جو حساب ڪندا,
لوٽا ڀڄڻ مهل فرياد ڪندا,
ڀڄندين ڀڄندي توکي ياد ڪندا,
ڀڄي نه سگهندين اکيون کول وڏيرا,
رُلي ويندين تون رول وڏيرا,
پير تون پنهنجا جهل وڏيرا,
No comments:
Post a Comment