ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
ويو وقت گذري وادين جو,
هيو ماضي سو ڳالهين جو,
وقت نه رهيو حوالين جو,
هاڻ رابطو آھ مرضي سان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
جڳھ ناهي رهي ڪان ڪبوتر جي,
جهاڙ ڦونڪ ۽ جهنتر منتر جي,
ويون ڳالهيون پراڻيون ڪُترجي,
پرين به پرچي ٿو پرچي سان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
ڪال فون ۽ نت نوان هينڊ سيٽ,
واٽس ايپ, فيسبوڪ آيا انٽرنيٽ,
نڪو رهيو هاڻي پراڻو ريٽ ويٽ,
يو يو جا فين ويا همرچي کان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
هاڻ دنيا پئي روز جديد ٿئي,
هاڻ ڪم جي ڳالھ نه ٿي مزيد ٿئي,
محدود, منافقت ۽ هيڪڙائپ پئي وڌي,
محبت, ماڻھپو به ويا ڪاوڙجي هتان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
ميوارام پرمار
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
ويو وقت گذري وادين جو,
هيو ماضي سو ڳالهين جو,
وقت نه رهيو حوالين جو,
هاڻ رابطو آھ مرضي سان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
جڳھ ناهي رهي ڪان ڪبوتر جي,
جهاڙ ڦونڪ ۽ جهنتر منتر جي,
ويون ڳالهيون پراڻيون ڪُترجي,
پرين به پرچي ٿو پرچي سان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
ڪال فون ۽ نت نوان هينڊ سيٽ,
واٽس ايپ, فيسبوڪ آيا انٽرنيٽ,
نڪو رهيو هاڻي پراڻو ريٽ ويٽ,
يو يو جا فين ويا همرچي کان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
هاڻ دنيا پئي روز جديد ٿئي,
هاڻ ڪم جي ڳالھ نه ٿي مزيد ٿئي,
محدود, منافقت ۽ هيڪڙائپ پئي وڌي,
محبت, ماڻھپو به ويا ڪاوڙجي هتان,
ڳالھ چڙھي چرچي کان,
هاڻ ڪم ٿين ٿا خرچي سان,
ميوارام پرمار
No comments:
Post a Comment