Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

نا اهل ڪرسي سوار

نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

ويٺو ڪُرسي کي آھين چپڪي,
ڪم ٿين ٿا سڀ توکان لڪي,
صلاح مشورو به ڪير نٿو وٺي,
ڄاڻي واڻي تون جاهل آھين,

نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

قيادت جي تو ۾ اهليت آھ,
ڍنڳ جي ڪائي قابليت آھ,
زنده ڦاٿل تو ۾ رهي ميت آھ,
پٿر جو ٺهيل بس جبل آھين,


نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

سُرت ڪم جي نه توکي سجهي ٿي,
ٽيم تنهنجي نه توکي مڃي ٿي,
حُڪم تنهنجي جي ابتڙ وڃي ٿي,
جبلتن جون بلڪل ماريل آھين,


نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

ڇڏ ڪرسي جي ڪر رضاڪاري,
ٿيندي نه توکان ڪڏھن فنڪاري,
بند ڪري ويھ هي پچ پچڪاري,
گهڻن گهرن جو تون گهايل آھين,

نا اهل تون نا اهل آھين,
سُسُت, غافل بلڪل جاهل آھين,

ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...