Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري, نظم

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

ميوارام پرمار

اسيمبلين ۾ سُتل ڀوتار هجن,
سرمائيدار, سردار ۽ ٺيڪيدار هجن,
ڌاڙا, چورين ڦُرن جا ڀرمار هجن,
ڪين ڪرڪ ۽ ڪنهن جو ڪنڌ چُري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري,

عوام جي ٽئڪس تي مال ٺهي,
ڀوتار سان چمچو ٺٺ ڪري,
اوڀر سوڀر سان ڀڀ ڀري,
منافق پويان روز ڪن ڀري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

وڏيرو پيو ٿو حُڪم ڪري,
ڳوٺاڻو ويچارو پيو پاڻ ڏري,
پٽيل چمچو پيو ڪن ڪري,
اڃا ڪيئن سنڌ ترقي ڪري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

وزارتن تي ويٺا جاهل آھن,
ڪم کان ويتر ڪاهل آھن,
ڪهڙي مٽي جا ٺاهيل آھن,
ڏيرو وڃن ٿا مُرڳو غرق ڪري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

صحت, تعليم ۽ روڊ تباھ,
اٽو اٽو ۽ پاڻي به اڻلڀ آھ,
مال ڦٻايو به انهن سڀ آھ,
وري به نٿو انهن پيٽ ڀري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

عوام ويچاري پئي مري,
پکي, مال ۽ ٻار ويا مري,
محڪمو ٽڪو نه ڪم ڪري,
وري دعوي پيو ڀوتار ڪري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

هاڻ ته سنڌ پئرس ٿيندي,
پر هئي لنڊن هاڻ نيويارڪ ٿيندي,
جاهل ووٽر وري ويڌو اعتبار ڪري,
غريب ويچارو ويندو بلڪل مري,

سنڌ خاڪ ٿي ترقي ڪري

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...