Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

ادبي لونڊا

ارپنا ڪاپي پيسٽ شاعر ۽ اديب جيڪي راتو رات شھرت جي بلندين تائين پهتا آھن

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي،

خبر ناهي ڇا ۾ ٿو نمبر  کڻي
آھين ناڪاره پوء به وڻين
ڪهڙي ڪشش آ ڪير ٿو چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

ڪم به توکان ٽڪي جو ٿي نه
سوچڻ جي سم ڪم ڪري نه
فوٽو ڪڍرائڻ جي تون آھين شي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

هر ڄڳھ تي اڳيا آھين
ڪم وارن جا ڪم ٿو لاھين
اڳتي اچڻ جي دل ٿي چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

اسٽيجن جي زينت آھين
اڄوڪا اديب ٿا دل سان چاهين
اڃان وڌڻ لاء سوچ ٿي ڪهي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

مرڻو ھجي چاهي پرڻو
تنهنجو ڏک سک ڪتن نه سهڻو
تڙي ڪڍڻ جي دل ٿي چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

هر محفل ۾ نمبر کڻين ٿو
اديب ججن کي دل سان وڻين ٿو
سدا جيئن تون هرڪو چئي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي

فوٽو تنهنجا واھ جا ٺھن ٿا
لائڪ ڪمينٽ ڏاڍا ملن ٿا
خوبصورتي تنهنجي برقرار رهي

واھ ڙي لونڊا تنهنجي لئه،
ڪهڙي آھي تو وٽ شي۔


No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...