ناهي آسرو نوڪري جو ناهي مزو مزدوري ۾
آهي ڏاڍي مهنگائي ناهي ٽڪو رهيو ٽجوڙي ۾
خالي کيسا ڀڳل ٿانو ٽٽل چلها پراڻو گهر ٿا کائن
عجيب حياتي آ غربت ۾ ٿي گذري اهي خيال ٿا کائن
بيماري سيماري چوري چڪاري قيمتن جو چڙھڻ
وڏا خرچا اٽو لٽو اٿڻ ويهڻ ٿا زور ڀرين خيالن کي لوڙھڻ
ڇا ڪجي اهڙي حياتي جو کايون فاهي ناهي ڳالھ ڏاھي
پيون زهر ڪيون قهر پوء سوچيون ڪهڙي ٿيندي چڱائي
اچو بيغرتو بيشرمو بزدلو بيحياو ٿيو گڏ ڏيون سڏ ۾ سڏ
هلون بنگلي ڀريون بدنا ڏيون ٻوهاري ڪريون گوڏاگڏ۔
ملي ڪو مال پاڻي چڙھيون ڪنهن وڏي گاڏي داٻي سان
ڪريون ڪالر مٿي کايون گٽڪا پانسواد پيون وسڪي ڍاٻي تان
ڪجي ڪا ڪروڌ ڪالوني ۾ هلايون داٻو هت ڪو
ڊيڄاريو غريبن کي ڪيون جيئڻ جنجال رهي نه ڪو وري هت ڪو
آھي عزت اهڙن جي جو رڳو پئسن جو پوڄاري
ڪمائي ڪيئن به ڪري چاهي هجي رنن جو واپاري
هجيس وڏي گاڏي وڏو بنگلو دٻدٻو هيڻن تي
ناهي نڪ ته به هلي ويندو ناهي حيف ڪميڻن تي
اهو جدت آئي آھ لالچ لوئي لڄائي آھ اڄاين خوابن حياتي وڃائي آھ
ڪري به ڪين ٿو سگهجي چپ به رهي ڪيون ٿا چپ ته ڪهڙي زندگي سڄائي آھ
ميوارام پرمار

No comments:
Post a Comment