Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

نالي جا باغي

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون
ذليل ٿيڻ جو وارو ملي ڪڏھن،
منهن پنهنجي ملهندا دانگي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

اٽي ٻوري تي ايمان وڪيو آ،
ڇوري، ڇورو ٿي بيمان وڪيو آ،
ذلت ۾ زندگي جو گاڏو ڌڪيو آ،
مٿو ڪٽڻ ۾ سفا راڳي آھيون،

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

آريا، ٻاهريان توڙي پنهنجا ڌاريا،
ڪئين ظالم شيطان معصوم ماريا،
ڪئين ڪٺاڻا ڪئين سولي چاڙهيا،
ڀاڳن ۾ اسين بلڪل اڀاڳي آھيون۔

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

ڪير پيو ڪسجي، ڪير پيو مري،
پرائي حقن سان سندو ڀڀ پيو ڀري
قوم تنين وٽ  بدنا ٿي پئي ڀري،
پنهنجي زندگي جا پاڻ ئي واڳي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔


No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...