سوشل ميڊيا جا رنگ
تحرير : ميوارام پرمار
دنيا ۾ ٽي قسمن جون ميڊيا ڪم ڪن ٿيون. تنهن ۾ هڪڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا، ٻي پرنٽ ميڊيا ۽ ٽين آهي سوشل ميڊيا، سوشل ميڊيا جو شايد ئي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ايترو فضول استعمال ٿيندو هجي جيتري قدر پاڪستان ۾ ٿيندو پئي رهيو آهي. پاڪستان سوشل ميڊيا جي استعمال مطابق قانون ۽ قائدا ڪاغذن ۽ فائلن جي صورت ۾ انيڪ آهن پر شايد ڪٿي ۽ ڪنهن جڳهه تي عمل ٿيو هجي، هتي مان سوشل ميڊيا جي استعمال بابت پنهنجا تجربا ۽ تجويزون بيان ڪندو هلان.
سوشل ميڊيا جنهن۾ عام طور تي فيس بُڪ، ٽوئيٽر، واٽز ائپ، وغيره وغيره تي هڪ فرد جون انيڪ آئيڊيز آهن سو به مختلف نالن سان جنهن ذريعي هو پنهنجي اندر جي احساسن ۽ جذباتن جي انيڪ رُخن جو الڳ الڳ آئيڊي تي اظهار ڪندو آهي ڪٿي وڊيوز، فوٽوز، فائلز، ڪوٽز جيڪو پنهنجي اصل زندگي سان منسلخ به هوندا آهن يا وري انهن غلط آئيڊيز(اهي اڪائونٽ ڪٿي ڇوڪرين جي نالن سان به ٺهيل هوندا آهن ته ڪٿي ڇوڪرن جي نالن سان) جي صورت ۾ ڪڏهن گھٽ عمر وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان غير اخلاقي ڳالهه به ڪئي ويندي آهي تنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڪچهريون، اخلاق جا لوڙها ۽ حدون به ڪوڙي پيار جي پردي هيٺيان رهجي ويندا آهن تنهن بعد ٿيل پيار جي پرچار جي ڳالهه ٻولهه دوران وڊيو ڪچهري ۽ گندن تصويرن جو تبادلو به ٿيندو آهي سو هوندو ته حقيقت ۾ هڪ ڊرامو ئي آهي جنهن بعد انهي ڊرامي ۾ هڪ عجيب و غريب موڙ اچي ويندو آهي اهو موڙ آهي پيار جي ڄار ۾ ڦاٿل ليلان ۽ مجنون کي ساڳيوئي وڊيوز ۽ تصويرن بابت بليڪ ميل ڪرڻ جو، انهي بليڪ ميلنگ جي پيرڊ دوران اڪثر ڦاٿل فرد جسماني وحشيت جو نشانو به بڻجندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهي ڪچهري دوران ذهني فحاشي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرب جون ڪچهريون ڪيون ويندو آهن پيار ۽ پاٻوهه جا ٻول ٻوليا ويندا آهن اهو ڊرامو فقط سامهون واري کي متاثر ۽ متاثر ڪرڻ جي لاءِ، هڪڙو متاثر ڳالهين ۾ ڦاسائڻ وارو ۽ ٻيو بليڪ ميلنگ واري ڄار ۾ ڦاسائڻ وارو، جڏهن مرغو پوري طرح چنبي ۾ اچي ويندو آهي پوءِ ته سامهون واري جي بلي بلي، ڪڏهن ايزي لوڊ، ته ڪڏهن تحفن جي برسات جي صورت ۾، اهو فعل انفرادي به هوندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهي ڪم پويان وڏا منظم گروهه به ملوث هوندا آهن اهڙا هزارين واقعا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي ظاهر ٿي به چڪا آهن اهڙي ڪٺن صورتحال کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ڦاٿل فرد ۽ والدين ڪڏهن وري ٻي ڪنهن اهڙي ئي بليڪ ميلنگ گروهه اڳيان شڪايت رکندا آهن ڪٿي اهو پوليس سان به رابطو ڪندا آهن ته ڪڏهن عزت جي ڳالهه سمجهي ان کي اتي ئي دفن ڪرڻ کي ترجيع ڏيندا آهن. اهي نتيجا آهن انهن ئي والدينن جي پنهنجي اولادن تي ادب توجهه جا. هي سوشل ميڊيا جي دنيا آهي هتي دنيا جي هر هڪ ملڪ، صوبي شهر، ڳوٺ، گهٽي، ڪُنڊ ڪڙڇ جي خبر هجي، سياسي سماجي، قومي مذهبي يا ٻي ڪنهن به نوعيت جي مسئلي، تهوار، يا ڏِڻ بابت خبر، وڊيو يا فوٽو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڪافي ڪلاڪ اڳ ۾ ظاهر ٿي پوندا آهن ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي آيل خبرون الڪيٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي شايع ۽ نشر به نا هن ٿينديون، هي سوشل ميڊيا جو پردو آهي اتي هر هڪ جي تذليل به تعريف منٽن جو ڪمال آهي جا ڳالهه ماڻهون ڪنهن جي سامهون چئي ناهي سگهندو يا اها ڳالهه زبان کان چوڻ جوڳي به ناهي هوندي تنهن جو به اظهار سوشل ميڊيا جي پردي تي تمام گهڻُوآهي. ان ۾ گهڻن وڏن سياستدانن ، سماجي اڳواڻن ، مشهور شخصتين توڙي عام ماڻهن جي تذليل و تعريف لاءِ غير اخلاقي وڊيوز، فوٽوز ۽ لکڻيون ٺاهيون وينديو آهن سو هڪ غير مهذب ۽ غير شائسته سوچ جي عڪاسي ته ضرور آهي پر ڇا ڪجي ماڻهن جي رايا آهن سوچون آهن ۽ تاثرات آهن ڪنهن جي به سوچڻ تي پنهنجي مرضي مڙهي ته نٿي سگهجي ۽ سوچڻ تي پابندي ۽ بندش به نٿي لڳائي سگهجي پر اندر جي اظهار کي اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري به بيان ڪري سگهجي ٿو .اسان وٽ جيڪا ٻولي بازار ۾ ڳالهائي وڃي ٿي سا سوشل ميڊيا تي به ساڳي ڳالهائي وڃي ٿي. جيڪو هڪ غير مهذب معاشري جي سڌي سئين علامت آهي
تمام والدين کي مان اتي اهو ضرور صلاح ڏيندس ته پنهنجي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي سرگرمين تي گهري نظر رکن ۽ حڪومت کي اهو چوڻ چاهيندس ته 18 سالن کان گهٽ جي عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا ته پهچ ممنون ڪرائجي، ڪنهن به سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي شرط شناختي ڪارڊ نمبر ۽ فنگر پرنٽ رکجي ته جيئن هڪڙو فرد هڪڙي ويب سائيٽ تي فقط هڪ ئي آئ ڊي ٺاهي سگهي ته جيئن ان آڊي تي رکيل ڪنهن به قسم جي مواد جي ذميوار کي با آساني سڃاڻي سگهجي ۽ هن تائين پهچ آسان ٿئي.
سوشل ميڊيا جنهن ماڻهن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو مضبوط ۽ تيز ڪيو آهي تنهن جي مدد سان ماڻهون هڪ علائقي جي ڪنهن به نوعيت جي ڳالهه ٻي علائقي جي ماڻهن تائين با آساني پهچائي سگهي ٿو ته دنيا جي هر هڪ مسئلي بابت خبرون ۽ ان تي دنيا جي ماڻهن جا تاثرات ۾ ٻڌي ، پڙهي ۽ ڏسي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا جنهن ڳوٺ گهٽي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ننڍي توڙِي وڏي سٺي توڙي خراب اديب، شاعر، استاد، پيئنٽر، آرٽسٽ ۽ مختلف فن رکندڙ ماڻهن کي هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪيو جنهن ذريعي آسپاس توڙي پر پري تائين رهندڙن جي اندر ۾ لڪيل فن کي ماڻهن آڏو عيان ٿيا آهن سا هڪ مثبت شئ آهي پر منفي شين تي قابو به هڪ مثبت سگنل آهي جنهن ذريعي سوشل ميڊيا کي بهترين جگهه ٺاهي سگهجي ٿي.

No comments:
Post a Comment