Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

مظلوم ٻار

انصاف جي اوسيئڙي ۾
ھي ٻالڪ ٻاجهائيندي
اڄ تڙپي پيو روح هن جو
واجهائي پيو ٻاجهائي پيو
ڏسي پيو تاڙي پيو
ڀٽڪي پيو رلي پيو
انصاف لاء نصاف لاء
هي ويچارو ٻارڙو
زندگي جي جنگ هاري ويو
روح کي روئاري جي کي جهوري
ماريو ويو من تن سڀ ساڙيو ويو
رڙيون اڄ به اڀ ۾ ٿين پيون
ڪوڪون ڪوڪاٽ چيچاٽ
اڀ سڄو ڪري پيو
روئي رڙي پيو
انصاف گهري پيو
انصاف گهري پيو
هي معصوم جيون
ڪا گلن جي ڪلي هئي
اڃان مس جيون جي
جهٽ به نه جهلي هئي
ڪنهن شيطان جي ڪارڻ
زندگي رلي وئي
ڪيو شيطان قهر
هن پتڪڙي بدن تي
ڇڏي معاشري تي
آزمائش جي گهڙي ڪا
لڙي هئي ڪڙي هئي
ڪن ڪافر جي ڪمن جي
جن جاري رکيو آ
تن جي قدمن کي
وري وريو ويل هن معصوم بدن تي
ڪيو قهر ڪهڙو معصوم گلن تي
ڇڏيو واء وائڙو ڪيو واء وائڙو
بتالن وانگي ٿيو واء وائڙو

بقلم
ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...