Meva Ram Parmar

Monday, June 25, 2018

خرچي وارو صحافي

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

ڀنڀور کي اچي باھ لڳي,
مڙس کي ڪٿي ساھ اچي,
ڪيئن ٿو پوء پانچا کنچي,
نياپو ڪندو وڏو پرچي لاء,

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

سڄو ڏيرو پيو ڀلين ڀيل ٿئي,
تڏو سامهون ڀلين تيل ٿئي,
ڀلين مظلومن کان ويل ٿئي,
مُڙس ڀڄندو ٺلي آڪڙ جي لاء,

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

خبرون چار ابتيون هلائي,
سنگت سڄي ۾ ٽاھ ڦھلائي,
عوام ويچاري کي سرچائي,
پاڻ تلاش ۾ لڳندو ڪُڙ جي لاء,

مڙئي خبرون ڪري پيو خرچي لاء,
سنگت سڄي کان سرچيل آھ,

ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...