Meva Ram Parmar

Sunday, July 29, 2018

صوفي آھيون نه باغي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون
ذليل ٿيڻ جو وارو ملي ڪڏھن،
منهن پنهنجي ملهندا دانگي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

اٽي ٻوري تي ايمان وڪيو آ،
ڇوري، ڇورو ٿي بيمان وڪيو آ،
ذلت ۾ زندگي جو گاڏو ڌڪيو آ،
مٿو ڪٽڻ ۾ سفا راڳي آھيون،

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

آريا، ٻاهريان توڙي پنهنجا ڌاريا،
ڪئين ظالم شيطان معصوم ماريا،
ڪئين ڪٺاڻا ڪئين سولي چاڙهيا،
ڀاڳن ۾ اسين بلڪل اڀاڳي آھيون۔

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔

ڪير پيو ڪسجي، ڪير پيو مري،
پرائي حقن سان سندو ڀڀ پيو ڀري
قوم تنين وٽ  بدنا ٿي پئي ڀري،
پنهنجي زندگي جا پاڻ ئي واڳي آھيون

صوفي آھيون نه باغي آھيون
اسين صدين کان ساڳئي آھيون۔


Thursday, July 19, 2018

ام رباب

Red Slute to Dear Sister Umme Rubab

عورت ذات ٿي نام نهاد مردن جي معاشري ۾ رهندڙ هڪ نياڻي مردن لاء عظيم مثال آھي........!!!!

انصاف جي علامت
جتي قتل, دردندگي عام هجن,
ڌاڙا ڦُرون ۽ عزتون لٽجڻ عام هجن,
جتي نياڻي ۽ پُٽ ننڌڻڪا ٿي ڪُسجن,
۽ ڪي لاوارث ٿي کنڀجن ۽ ڏنڀجن,
جتي مرد صرف نالي مرد هجن,
مردن اندر لڪيل نامرد هجن,
جتي هر سيني ۾ ليڪل درد هجن,
حوصله پست ۽ مايوس فرد هجن,
جتي روايت هجي چاپلوسي ۽ چمچاگيري جي,
جتي مظلوم جو ڪير نه ساٿي هجي,
جتي پيڙھيل مرڻ لاء حياتي هجي,
زندهن جي ڪنڌ تي روز ڪاتي هجي,
موت جي ديوي روز آتي هجي,
جتي انصاف جي ڪٿان شمع جلي,
جتي حق ملڻ لاء باھ لڳي,
اتي مردن جي منهن ۾ بس,
اهي لفظ هجن, توبه, مذمت ۽ ر ا پ,
اتي اٿڻ ۽ ڳالهائڻ لاء جرئت کپي,
جرئت کپي ۽ همٿ کپي,
سر تان هٿ به کڻڻو پوي,
حق جو علم به هڻڻو پوي,
اتي جا نياڻي اٿي ٿي انصاف لاء,
شمع جلائي ٿي پنهنجي حق آھ,
اتي لاشن تي سياست ٿي روز ٿئي,
پئسن تي ٿيون عزتون وڪجن,
لاش وڪجن ۽ زنده وڪجن,
اتي نياڻي ٿي آواز ڪڍي,
جتي نياڻي ٿي همٿ جي علامت بنجي,
اتي نياڻي ٿي انصاف جي علامت بنجي,
يقينن ڌرتي کي لوڏي ۽ آسمان کي روئاڙي ڇڏي,
۽انصاف جي ديوي کي مجبور ڪريو ڇڏي,
انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي,
انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي.

بقلم: ميوارام پرمار

Saturday, July 14, 2018

سيارو ساھ ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

انتظار ڪيو وتن ساري عمر
ڪري نه سگهي ڪوئي ٽڪر
سڪي ويچارا ٿيا سفا لڪڙ
ويندي سيارو ڇا ڇا ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

ٿي رلي جهالو نه جهالو رجائي
وڃي پئي سرڪي جواني اجائي
ڪنوارپ ڇڏيو آ ساھ ته سڪائي
ويچارو ڪٿان ڪٿان باھ ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

ٿيڻ تي اجهو بيٺا آھن ٽپڙ پورا
سڪي تلهڙ ٿي هي جواني جهور آ
پرايو ويچارن بس سڄو سور آ
ھاڻ رهيل هي سيارو واء ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو


پهتل ماڻھون

پهتل ماڻھون

پهتل هستي ويگو جي پوئين سيٽ تائين پهچي چُڪي هئي ۽ بابو سمجهي اڳين سيٽ واري کي چيائين ڏھ هزار روپيه ڏجو, اڳين همراھ ٻه پنج هزار جا نوٽ ڏيندي چيو شام جو اڄ تيار ٿي اچان پيو, همراھ ويگو ڪاهي هليو ويو, پهتل ماڻھو وڏي ڪو پهتل هو اچي ميلي جي خاص مهماني جي سيٽ سنڀاليندي اچي وادين تي ڳائيندڙ ڇڇوري ڇوڪري تي سئو سئو جي نوٽن جي برسات ڪئي, سڀ دنگ رهجي ويا, پاڙيسري سوچين همراھ جي مائي ته هن جي زال ته اٽو به مونکان اوڌر تي ٽي پاءُ وٺي وئي هي هتي عياشيون پيو ڪري, هاري به پريشان ته پهتل ماڻھو ڪهڙي پهتل شخص وٽ پهتو جو ايترا پئسا وٺي آيو, ڳانا هلي رهيا, ڇوڪري ڳائي رهي هئي, عوام مست ۽ پهتل ماڻھو نشي جي حالت ۾ ۽ سندس هٿ وڃي جيب جي پاتار ۾ پهتو ته پتو پيو جيب ۾ باقي ٽڪو به ناهي رهيو اچانڪ شراب وڪندڙ هاري کي سڏيندي چيو ته ڪجھ سئو ڏيس, اهي کڻي به گهور ڪيائين ۽ آخرڪار گهر موٽي آيو ۽ اُتان ويگو جو مالڪ به پهتل ماڻھو جي گهران فارغ ٿي رواني ٿي چُڪو هيو, 

سيلفيون ٿو ٺاهي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

ڪاٽن ڪپڙا روز ٿو پائي
موٽر سائيڪل جي چاٻي ڦيرائي
هٿ ۾ رومال وات ۾ گٽڪو پائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

جٿي ڏسي ٿو روج راڙو
رش هجي يا ميلو جهيڙو
ڪڍيو فوٽو پوسٽون ٺاهي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

متان نه ڪو ماڻھون ملي شل
فوٽو ٺاهي ڪڍيو ڇڏي کل
لائڪن ڪمينٽن لاء منٿون ڪرائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

ڪم ٽڪي جو اصل ڪري نه
ڳالھ ڪم جي تي ڌيان ڌري نه
ڦونڪن جا وسڪارا ڪرائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي

فيسبوڪ جو منشي هجي ڄڻ
شھر جي ڪا گهٽي ڇڏي من
چڪرن مٿان چڪر لڳائي

راتو رات ٿو شھرت چاهي
سيلفين مٿان سيلفيون ٺاهي


ڪجھ ته روضي حلال ڪر

ڪجھ ته روضي حلال ڪر,
قبر جو به ڪڏھن خيال ڪر,

حرام هڻ نه پيٽ ۾ تون,
وڪام نه هلڪي ريٽ ۾ تون,

يارهين بجي اچين ٿو,
ٻارهين بجي وڃين ٿو,

دياڙي سڄي ڏينهن جي کڻي ٿو,
ڪم صفا نه ٽڪي جو ڪرين ٿو,

نوڪري هتي ۽ پاڻ هُتي رهين,
ذري سيڪ جو تون هُن کي چئين,

پاڻ حرام کائين ٻارن ٻچن کارائين,
ڪم ڪرڻ کان اصل ئي لهرائين,

ڪردار پنهنجو ٻچن لاء ڇڏين پيو,
ٻارن جو مستقبل پاڻ اڏين پيو,

پاڻ حرامخور ٻار ڪهڙا ٿيندا,
سڌرندا ڪهڙا سڌا حرامخور ٿيندا,

خدا جو ڪجھ تون خوف ڪر,
روضي آ پنهنجي ڪجھ حيف ڪر,

ڪيسين وڏيرو بچائيندو توکي,
ڪيسين وڏيرو چاهيندو توکي,

هت ته تون کڻي ڪامياب ٿين,
دنيا جي جيل کان بازياب ٿين,

هُت ته ٽڪي ٽڪي جو حساب آ,
اهو ئي دستور اهو ئي رواج آ,

وڏيرو به پنهنجي قبر ۾ ويندو,
تنهنجو حشر ڪهڙو هُت ٿيندو,

نج حرام ۾ اميري ٿو چاهين,
اصل ڪم کان ڇو ٿو لنوائين,

ڪم ٿي نه ته هٿ ڪڍ کڻي,
ٻي جي روضي ڇڏ کڻي,

آھي برڪت حق حلال ۾,
ناهي سڪون حرام جي جلال ۾,


لوٽا حاضري لڳاءُ

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

ڪيڏو تون چڱو آھين,
ڪيڏو تون چٽو آھين,
ڪيڏو تون مٺو آھين,
اسانکي نه چونو لڳا,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

ڇڏ ڪم کي پاء چپل,
ڀلين ٿئي ڏيرو اٿل پٿل,
ٿي نه اونڌو سڄو جبل,
ڏسبو ڪيئن سارو لڪا,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

حاضري وارا سمهن سڀ هتي,
رڙيون ڪندو ٿو هرڪو وتي,
شايد ئي ڪو ڪم تي بچي,
ڪر نه ڪوڙي حاضري جي پرواھ,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

جيترو ڀونڪيندي اوترو ريٽ,
وڌندو حرام سان تنهنجو پيٽ,
طبعيت ڪيئن رهندي سيٽ,
ڏاڪٽر ڪڍندو پيٽ مان سڪا,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,


وڏو گند ڪرين ٿو

وڏو گند ڪرين ٿو.

روز ماڻھن کان مال ڦرين ٿو
نج نسورو حرام چرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

ڌاڙا ڦرون چوري چڪاري,
مرد عورت جو نه لحاظ ڪرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

گارڊر ٽيئر سريو سيمنٽ
ڏامر جا ڊم فل ڦرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

کيسا ڪٽين ٿو مٿا ڪوڙين ٿو
ايندي ويندي کي دانگي ملهين ٿو

وڏو گند ڪرين ٿو.

اسڪول اسپتال روڊ تلاء ۽ جهنگ
سڀ کائڻ کانپوء به نه بس ڪرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

چمچا چغلخور منافق مغرور  ۽ مفرور
سڀني گڏجي ٽولو پورو ڪرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

ڇڏيو ملڪ جو مال تو کائي
اڃان بک مان ته تون مرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

بنگلا گاڏيون ٻنيون اڪائونٽ بنايا
اڃان غريبن جا گهر ڦرين ٿو,

وڏو گند ڪرين ٿو.

چمچن جي ڇڏي تو لئه ڪرائي
چمچن جي وڏي آڌرڀاء ڪرين ٿو

وڏو گند ڪرين ٿو.


Happy Birth Day Bansi Malhi

بنسي مالهي

سنڌ سڄي کي ساڻ کڻين ٿو,
سڄي سنگت کي پاڻ وڻين ٿو,
ڪڏھن نه ڪنهنجي ڪاڻ کڻين ٿو,
ڪڍندو رهين هر هڪ سيلفي مالهي,

بنسي مالهي

سيڪيولر سوچ جو سياستدان آھين,
سماجي اڳواڻن ۾ به اهم رُڪن آھين,
هر محفل جي مور ۽ شان آھين,
گڏجاڻي نه گذري ٿي توکان خالي,

بنسي مالهي

عمرڪوٽ وارن جي دلين جي ڌڙڪن,
جڏھن ته ساراھ آھن تنهنجي سڀڪن,
چانھ جا چسڪا ۽ گپ شپ سڀ ڪن,
وساري به ڪيئن توکي ڪنري ۽ ٽالهي,

بنسي مالهي

هر ماڻھون وٽ هلي وڃين ٿو,
صبح سوير سڀن کي ياد ڪرين ٿو,
يادون سڀن جو فوٽو ۾ قيد ڪرين ٿو,
عادتون لڳن ٿيون بلڪل مثالي,

بنسي مالهي

خدمتون آھن سڀ تنهنجون يادگار,
ٿورا اسان تي بلڪل آھن بيشمار,
ڪوششون جو سلسلو رهيو لڳاتار,
ڪتاب, ڪم, صلاحون ۽ ثبوت حال ئي,

بنسي مالهي

نوجوانن جو رهنماء و رهبر آھين,
پيار پاٻوُھ جا ڳر و فن سکائين,
نماڻائي ۽ ڏاهپ جو مٽ پاڻ ئي آھين,
سنڌ جو آھين تون جوڌا پُٽ حلالي,

بنسي مالهي
ميوارام پرمار

#HappyBirthDay Bansi Malhi Sb

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...