Meva Ram Parmar

Thursday, July 19, 2018

ام رباب

Red Slute to Dear Sister Umme Rubab

عورت ذات ٿي نام نهاد مردن جي معاشري ۾ رهندڙ هڪ نياڻي مردن لاء عظيم مثال آھي........!!!!

انصاف جي علامت
جتي قتل, دردندگي عام هجن,
ڌاڙا ڦُرون ۽ عزتون لٽجڻ عام هجن,
جتي نياڻي ۽ پُٽ ننڌڻڪا ٿي ڪُسجن,
۽ ڪي لاوارث ٿي کنڀجن ۽ ڏنڀجن,
جتي مرد صرف نالي مرد هجن,
مردن اندر لڪيل نامرد هجن,
جتي هر سيني ۾ ليڪل درد هجن,
حوصله پست ۽ مايوس فرد هجن,
جتي روايت هجي چاپلوسي ۽ چمچاگيري جي,
جتي مظلوم جو ڪير نه ساٿي هجي,
جتي پيڙھيل مرڻ لاء حياتي هجي,
زندهن جي ڪنڌ تي روز ڪاتي هجي,
موت جي ديوي روز آتي هجي,
جتي انصاف جي ڪٿان شمع جلي,
جتي حق ملڻ لاء باھ لڳي,
اتي مردن جي منهن ۾ بس,
اهي لفظ هجن, توبه, مذمت ۽ ر ا پ,
اتي اٿڻ ۽ ڳالهائڻ لاء جرئت کپي,
جرئت کپي ۽ همٿ کپي,
سر تان هٿ به کڻڻو پوي,
حق جو علم به هڻڻو پوي,
اتي جا نياڻي اٿي ٿي انصاف لاء,
شمع جلائي ٿي پنهنجي حق آھ,
اتي لاشن تي سياست ٿي روز ٿئي,
پئسن تي ٿيون عزتون وڪجن,
لاش وڪجن ۽ زنده وڪجن,
اتي نياڻي ٿي آواز ڪڍي,
جتي نياڻي ٿي همٿ جي علامت بنجي,
اتي نياڻي ٿي انصاف جي علامت بنجي,
يقينن ڌرتي کي لوڏي ۽ آسمان کي روئاڙي ڇڏي,
۽انصاف جي ديوي کي مجبور ڪريو ڇڏي,
انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي,
انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي.

بقلم: ميوارام پرمار

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...