Meva Ram Parmar

Saturday, July 14, 2018

سيارو ساھ ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

انتظار ڪيو وتن ساري عمر
ڪري نه سگهي ڪوئي ٽڪر
سڪي ويچارا ٿيا سفا لڪڙ
ويندي سيارو ڇا ڇا ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

ٿي رلي جهالو نه جهالو رجائي
وڃي پئي سرڪي جواني اجائي
ڪنوارپ ڇڏيو آ ساھ ته سڪائي
ويچارو ڪٿان ڪٿان باھ ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو

ٿيڻ تي اجهو بيٺا آھن ٽپڙ پورا
سڪي تلهڙ ٿي هي جواني جهور آ
پرايو ويچارن بس سڄو سور آ
ھاڻ رهيل هي سيارو واء ڪڍي ٿو

هي سيارو سفا ساه ڪڍي ٿو
ڪنوارن جا هاڻي لاھ ڪڍي ٿو


No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...