پهتل ماڻھون
پهتل هستي ويگو جي پوئين سيٽ تائين پهچي چُڪي هئي ۽ بابو سمجهي اڳين سيٽ واري کي چيائين ڏھ هزار روپيه ڏجو, اڳين همراھ ٻه پنج هزار جا نوٽ ڏيندي چيو شام جو اڄ تيار ٿي اچان پيو, همراھ ويگو ڪاهي هليو ويو, پهتل ماڻھو وڏي ڪو پهتل هو اچي ميلي جي خاص مهماني جي سيٽ سنڀاليندي اچي وادين تي ڳائيندڙ ڇڇوري ڇوڪري تي سئو سئو جي نوٽن جي برسات ڪئي, سڀ دنگ رهجي ويا, پاڙيسري سوچين همراھ جي مائي ته هن جي زال ته اٽو به مونکان اوڌر تي ٽي پاءُ وٺي وئي هي هتي عياشيون پيو ڪري, هاري به پريشان ته پهتل ماڻھو ڪهڙي پهتل شخص وٽ پهتو جو ايترا پئسا وٺي آيو, ڳانا هلي رهيا, ڇوڪري ڳائي رهي هئي, عوام مست ۽ پهتل ماڻھو نشي جي حالت ۾ ۽ سندس هٿ وڃي جيب جي پاتار ۾ پهتو ته پتو پيو جيب ۾ باقي ٽڪو به ناهي رهيو اچانڪ شراب وڪندڙ هاري کي سڏيندي چيو ته ڪجھ سئو ڏيس, اهي کڻي به گهور ڪيائين ۽ آخرڪار گهر موٽي آيو ۽ اُتان ويگو جو مالڪ به پهتل ماڻھو جي گهران فارغ ٿي رواني ٿي چُڪو هيو,

No comments:
Post a Comment