Meva Ram Parmar

Saturday, July 14, 2018

لوٽا حاضري لڳاءُ

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

ڪيڏو تون چڱو آھين,
ڪيڏو تون چٽو آھين,
ڪيڏو تون مٺو آھين,
اسانکي نه چونو لڳا,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

ڇڏ ڪم کي پاء چپل,
ڀلين ٿئي ڏيرو اٿل پٿل,
ٿي نه اونڌو سڄو جبل,
ڏسبو ڪيئن سارو لڪا,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

حاضري وارا سمهن سڀ هتي,
رڙيون ڪندو ٿو هرڪو وتي,
شايد ئي ڪو ڪم تي بچي,
ڪر نه ڪوڙي حاضري جي پرواھ,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,

جيترو ڀونڪيندي اوترو ريٽ,
وڌندو حرام سان تنهنجو پيٽ,
طبعيت ڪيئن رهندي سيٽ,
ڏاڪٽر ڪڍندو پيٽ مان سڪا,

هل ڙي لوٽا حاضري لڳا,
پنهنجي تون روضي بچا,


No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...