او ڇوڪري هاڻ بس ڪر
ميوارام پرمار
تو سان ريپ ٿيو
اڇا گينگ ريپ
ظُلم ٿيو
سراسر ظُلم
ڏاڍو ڏُک ٿيو
اسان مُذمت ڪري ڇڏي
فيسبڪ,ٽوئٽر ۽ سنگت ۾
تون ڪا ايڏي سُريلي هوئين ڪونه
جو شور مچايون
اسيمبلين ۾
ايوانن ۾
احتجاجن ۾
ڌرڻن ۾
تنهنجي ذات
تنهنجي علائقي
تنهنجي شڪل
تنهنجي معاشي حالت
جي لحاظ ايترو گهڻي آ
تعزيت?
اڇا
اُها اليڪشن کان چار ڏينهن پهرين
ڪبي
نالو چمچي لکي ڇڏيو آ
نوٽ بُڪ ۾
بهرحال ايترو گهڻي آ
اسانکي وقت ڪٿي آ
مڇردانين, مڇر مار اسپري
ٻوڏ جي فنڊ لاء رڙيون ڪرڻيون آھن
چمچا ڇتا ڪرڻا آھن
فيسبڪي تيار ڪرڻا آھن
اڳين اليڪشن لاء مال کپي
نياڻي هاڻ وڃ بابا
اهو معمول آ
انهي وقت رڙ ڪرين ها
مائٽ بچائن ها
پوليس ڪٿي واندي آ
اسان ڍر ئي نٿا ڏيون
منٿيلين تي ڪير ويندو?
بس بابا هاڻ گهڻي ٿيو.

Zabardast Tahreer
ReplyDeleteوحشي درندن کي آخر ڪار سياسي ڀوتار ڪيستائين پناھ ڏيندا
ReplyDeleteاندر جي دانهن ۽ درد کي پوري انصاف سان لفظن ۾ پرويو آهي.
ReplyDeleteA wrath respond to wrongdoers..!!
ReplyDeleteGood sain 💞👍✌