مُردي سان مشڪري
ميوارام پرمار
مرين پيو ته جلدي مر
بسترو خالي ڪر
هتان کان ٽر
وارو ڪر ير
انسان جو ٿي ڦر
اڳئي وانگر واندا ناهن
سڪڻا ۽ ماندا ناهيون
ويهي رهون
۽ وصول ڪيون
عيادتون ۽ تعزيتون
ايترو ڪنهن وٽ ناهي وقت
مقابلو آ وقت سان
ڏينهون ڏينهن ڏاڍو سخت
پئسي جي لالچ ۽ ڪرسي تخت
ابو هجين يا امان کڻي
ستايو تو به آھي گهڻي
وارو ڪرين جي
هاڻ مرين
اسانجي مصروف زندگي
نه زهر ڪرين
احسان ڪرين
جو هاڻ ٽرين
ڳيلهي توکي قبر ۾
روايتي ٽريڪٽر ۾
ڊرامائي انداز ۾ روئي
فلمي مالا ۾ پروئي
سوشل ميڊيا جي سڏ تي
جيڪو آيو جيڪو رهيو
رهيو سو ايندو اڳين مرڻي
يا چوڪ چوراهي جي ڌرڻي
وقت ڪنهن وٽ آھي ڪٿي
اسين وڏن شھرن جا
ڪيئن رهون هتي
هڪڙو وبائون
ٻيا جاهل
وڏن شھرن جا
مزا ئي الڳ
۽ ها چئي وڃ چاهيندڙن کي
عزيزن ۽ رشتيدارن کي
هي روايتي تعزيتون
وڃي تنهنجي قبر تي ڪن
اسانجو ناهن سر
اسانکان نٿو ٿئي وڌيڪ صبر
هاڻ آخري وارننگ سمجهين
يا خبر
ڪريون ڀيڙو ٿا توکي قبر
چڱو هاڻ نڪر يا گهُرايون زهر
ٺيڪ اکيون پُور اسان ٿورو ڊرامون ڪريون
اڄ آچر جو ڏڻ آ
سڄايو وڃي
تنهنجي نالي تي کڻي اڄايو وڃي.

No comments:
Post a Comment