هلو هلو احتجاج تي
ميوارام پرمار
هلو هلو احتجاج تي
هيڏانهن هلو هوڏانهن هلو
هتي هلو هُتي هلو
هلو نڪرو پوء جتي هلو
ٻُڌو ها ڪنهن جي عصمت آ
داغدار ٿي
ٻُڌو آ ڦٽڦٽئي کانپوء پنهنجي
اجهو ڪئش تي ڪار ٿي
اٿو ليڊڙو اٿو
سڄاڳ ٿيو
اکيون ٻُوٽيو
نشي مان نڪرو
موقعو وڃي ٿو
سياستدان ناهن پاڻي ۾
اهي ويندا بس تعزيت تي
پاڻ کي ناهي
موقعو وڃائڻو
اٿو ساٿيو
کڻو ايڪو سائونڊ ڪئمرا
ميڊيا پنهنجي هٿ ۾ آ
باقي خلق پنهنجي سٿ ۾ آ
سڀئي ملي چئو
لٻاڙي ليڊڙ جو سڏ ٿيو
جتي موقعو ملي اتي گڏ ٿيو
لنمبر اسانجو نوٽ ڪريو
ايزي پئسا ۽ بئنڪ لنمبر به
زيرو ٽي سئو ڪُوڙيتاليھ
اڌ پئسا هٿ ۾ باقي اڪائونٽ ۾
ڊرامون ڪريون ٿا
مائٽن کي ماٺ ٿا ڪرايون
ههڙا واقعا ناهن صبح شام ٿيندا
ائين سمهندا ته هٿن مان ويندا
ڍينڪڻا پُوڇڙا ڪمائي ويندا
نڪرو ٻرن مان ٻاهر نڪرو
لٻاڙي ليڊر جو سڏ ٿيو
موقعو ڏسو اتي گڏ ٿيو
هلو هلو احتجاج تي
هيڏانهن هلو هوڏانهن هلو
هتي هلو هُتي هلو
هلو نڪرو پوء جتي هلو

No comments:
Post a Comment