Meva Ram Parmar

Tuesday, April 7, 2020

پرائيويٽ اسڪولز جا فائده به آھن

خانگي/پرائيويٽ اسڪولز عمرڪوٽ

تحرير: ميوارام پرمار

معاشري کي هي ادارو الاهي ڇو اک ۾ ڪنڊو ٿي لڳو آھي ان جا به ڪيئي سائنسي سبب ٿي به سگهن ٿا ۽ انهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ اهي آھن ئي حقيقي پر حقيقت اها به آھي ته جيڪر آءُ عمرڪوٽ سٽي جي خانگي اسڪولز بابت اوهانکي ٻڌايان ته شايد اوهان به ان ڳالھ کي ڪُوڙ ثابت نٿا ڪري سگهو جيڪر اوهان ۾ اها سائنسي ۽ مثبت سوچ آھي ته, گذريل هلندڙ ڏهاڪو سالن جي ڳالھ آھ 2012  ۡ۽ 2013 دوران عمرڪوٽ شھر ۾ فقط هڪ ئي بوائز هاسٽل هئي جيڪو حيدرآباد واسي ڪو ميمڻ هلائيندو هو محمد بن قاسم نالي سا گهڻو وقت هلي نه سگهي ڇو جو ٻار نه پئي آيا اها ڳالھ هر ماڻھون سمجهي سگهي ٿو سو اها هاسٽل به بند وئي اچانڪ عمرڪوٽ شھر جي خانگي  تعليمي شعبي ۾ اهڙي ته لهر پيدا ٿي جنهن عمرڪوٽ ضلعي کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي تعليمي قد برابر وڃي بيهاريو(ڪاليج ليول) جنهن سان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي, سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ کان شاگرد عمرڪوٽ شھر ۾ تعليم پرائڻ کي اولين ترجيح ڏيڻ لڳا اهو ئي سبب آھي جو انهي وقت ۾ جتي هڪ به هاسٽل نه هلي سگهي اڄ شھر ۾ پنجاۡھ جي قريب هاسٽلون ۽ شاگردن سان فُل آھن ته انگ اکر جي جيڪر ڳالھ ڪيون ته هر هاسٽل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مُلازم لڳا ته سڀني ۾ ڪيترا لڳا, عمرڪوٽ جي ڌوٻين, ريزڪي دڪانن, ڪتاب گهر, هوٽلن ۽ لاڳاپيل شين جي دڪاندارن کي سنئون سڌو ڪيترو لکن جو فائدو ۽ روزگار مليو آھي اهو سڀ ڪجھ ممڪن ٿيو آھ ته فقط پرائيويٽ اسڪولز جي بدولت, هاڻ ڪيئن ڪاليجز/پڙھائي/سيٽون/استاد ڇا ٿا ڪن ته اهو بلڪل ئي الڳ بحث آھ ۽ سرڪاري ڏيرو بلڪل ئي تباھ حال آھي ته اهو به هن کان الڳ شي آھي جڏھن پرائيويٽ ادارن خلاف ڳالهائجي يا لکجي ٿو ته اهي شيون لازمي اچڻ کپن ذڪر ۾ ۽ هاسٽلز/بلڊنگ مالڪان سان گڏ هر انهي ڪمايو آھي جنهن جو تعليمي شعبي سان سڌو يا اڻسڌو واسطو آھي ها اهو اليڪٽريشن هجي يا پلمبر, ڌوٻي هجي يا بورچي ته ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهجي ته خانگي اسڪولون سئو سيڪڙو ئي خراب آھن جڏهن خرابيون/اوڻايون ڳڻاجن تڏهن مثبت شين کي ڏسڻ ضروري آھي.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...