Meva Ram Parmar

Tuesday, April 7, 2020

لاڪ نظام

لاڪ نظام

ميوارام پرمار

نظام پورو پٿر آھ
جنهن تي هٿوڙن جو به
اثر نٿو ٿئي
روز پئي نياڻي جي
عزت لُٽجي مذھب مٽجي
روز پيا ڪونڌر ڪسجن
ننڊا وڏا پوڙها کنڀجن
نڪو ڪو والي آ
نڪو ڪو وارث آ
نڪو دانهن ٻُڌڻ وارو
نڪو محافظ واندو آ
ادارن جي دروازن تي
اڪريل شيطاني نشان آھن
اخبارن جي پنن تي
تن جا عڪس ڇاپيل هن
نظم پورو پٿر آ
ٿي ويو پاڻي ختم اکين جو
ٿي وئي طاقت رڙ جي ختم
احتجاجن ۾ ناهي هيلو
ناهي وسيلو ڪو پريسن جو هليو
هاڻي يا ته ائين ٿئي
هر ۾ چونڊي چونڊي
گولين جا کاڄ بنائجن
سڀ مال لُٽجي گهر گهاٽ ساڙجن
۽ چئجي سرعام
جيڪو ڪرڻو آ
ڪري وٺو
کڻي کڻو بندوقون سڀ
ڪريو ٺپائي ڪهاڙين جي
ڪريو سڀ ڏيري کي ڏُول
۽ ڪريو نظام جي دستور جي پيروي.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...