Meva Ram Parmar

Tuesday, April 7, 2020

ڏيئو


Red slute Umme Rubab
ڏيئو
ميوارام پرمار
هي ڏيئو ڪنهن جي هٿ ۾
ڪنهن جي آس بنجي
ڪنهن جي روشن راھ ڪري ٿو
هي ڏيئو ڪنهن جي اميدن
کي روشن تازو توانو ڪري ٿو
هي ڏيئو ڪنهن دُشمن جي
اک ۾ مرچن کا وڌ ٻُرڪي ٿو
جهگنل جي قانون و تاريڪ جي انتها
۾ ڏيئو همعصر ۽ ساٿي جو ضامن بنجي
راهگير جي راھ جو ساٿي بنجي
ڪنهن جي روشن راھ ڪري ٿو
ان دُشمن انڌيري کي چيري ڦاڙي
انجو ساھ ڪڍي ٿو
مڃون ٿا رات وڏي آ
مڃون لاٽ ننڍي آ
پوء ان مھل هي ڏيئو
اسانکي هن انڌيري ۾ به
جاڳ سُڄاڳي جو درس ڏي ٿو
ننڊ مان جاڳائي هر حال ۾ هلڻ جو
ڏس ڏي ٿو ۽ روشن روشن گس ڏي ٿو
نا اميدي جي گهيرن منجھ هي
اميدي جي آس ڏسي ٿو
هي ڏيئو ڪنهن جي هٿ ۾
ڪنهن جي آس بنجي
ڪنهن جي روشن راھ ڪري ٿو
هي ڏيئو ڪنهن جي اميدن
کي روشن تازو توانو ڪري ٿو
هي ڏيئو ڪنهن دُشمن جي
اک ۾ مرچن کا وڌ ٻُرڪي ٿو

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...