Meva Ram Parmar

Sunday, April 26, 2020

قاتل سماج

قاتل سماج

ميوارام پرمار

قتل ٿئي ٿو
يا ڪو ماريو وڃي ٿو
انتقام هجي يا شوق
طاقت جو نشو
يا ڪرسي جو نشو
مقتول کي مرڻو
آ بس مرڻو ئي آھ
مري وڃڻ کانپوء
وارثن کي بس
چُپ رهڻو آھ
قاتل ڪنڊ ۾ لڪي
يا سرعام ڦري
ڪير ڪجھ نه نٿو
ڪري سگهي
هي سماج قاتل جو
سپورٽر آھ حامي آھ
هي انصاف جا دڪان
هي محافظن جا جٿا
سڀ گوڏن ڀر جهڪيل
هي چُونڊيل نمائندا سڀ
انصاف جي جنازي کي ڪُلهي ڏئي
دفن ڪري مٿي لتون ڏئي
پُوريو ويٺا آھن
دفن ڪيو ويٺا آھن
هتي قاتل لاء وڏو
سازگار ماحول آھ
هتي سياست ٿئي ٿي
لاشن تي
قاتل هلن ٿا ڪامريڊ ٿي
نمائندن جا چمچا ٿي
مست ٿي پيا
ماڻهو مارين
پنهنجو اندر ۽ اندر ٺارين
قتل ٿئي
يا ماڻھو مارجي
مقتول کي بس مرڻو آ
وارثن کي بس چُپ رهڻو آھ

1 comment:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...