Meva Ram Parmar

Sunday, April 26, 2020

اُم رباب جو پهري افطاري تي پنهنجي وڇڙي ويل بابا کي خط

A letter of Ume Rubab to her father on first Aftari of Ramdan.

پهرين افطاري تي اُم رباب جو پنهجي وڇڙي ويل بابا کي خط..........!!!!!

تحرير: ميوارام پرمار

بابل اڄ پهريون روزو هيو, صبح سوير سهري ڪري روزو رکي جلدي سان سمهي رهيس ۽ ڪجھ ڪلاڪن جي ننڊ ڪري وري اٿي ڀائرن, ڀينرن ۽ امڙ, چاچا  ۽ چاچي وارن سان ڪچهري ڪندي, رمضان جي عبادت ۽ رمضان جي رحمتن بابت ڪچهري ڪندي سکندي چڱي ريت پئي گذري رهيو هو, ٻي پاسي روزو پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري رهيو هو ۽ سج آهستي آهستي غُروب طرف سفر پڻ ڪري رهيو هو ته دل ۾ عجيب احساس ۽ بابا تو سان گهاريل اهي شفقت ڀريا ڏينهنڙا آهستي آهستي ذھن ۾ تري مٿي اچي رهيا هئا.......... 😢😢

منهنجا پيارا بابليا.......!!!! تون ائين اچانڪ اسانکان ڌار ڪيو وين اسانجي ذھن و گُمان ۾ نه هو ۽ ايترا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به هڪ پل لاء جسماني دوري باوجود رُوحاني طور تي گڏ ئي رهيو آھين ۽ هر پل ياد آھين هر وقت هر وک تي ياد آھين, بابل تنهنجي ياد اڄ بلڪل ئي دل ۾ اڀري پئي ۽ اهي گهاريل ڏينهنڙا ياد اچي رهيا هئا اکين ۾ زار و قطار لُڙڪ پئي هاريم ۽ توکي ياد پئي ڪيم, اها ياد جي لهر ويتر شدت پئي وٺندي وئي ته گذريل رمضان ۾ توسان گهاريل اهي پيار محبت ۽ پنهنجائپ جا پل ويتر ستائڻ ۽ ياد اچڻ لڳا, بابا تون هر وقت منٽ منٽ تي صرف مونکان ئي پڇندو هوئين پٽن کي ڇڏي مون ڌي کي پُٽ ڪري مخاطب ٿي ڇوندو هوئين ٻچا اڄ روزو ڪيئن رهيو, ڪٿي روزو ٽوڙيو ته نه لڪي لڪي, واقعي روزو رکيو آھ, ڪيترا روزا رکندا بابل منهنجا ڪٿي آھين فقط يادون ئي ڇو اچي رهيون آھن تون ڇو نٿو اچين آء ته تنهنجون اڄ راهون ڏسي ڏسي ٿڪجي پئي آهيا,اکين ۾ لُڙڪ باقي ناهن بچيا, روزو۽ بابا تنهنجي ياد ويتر ٿڪائي ڇڏيو آھ ۽ ٻئي پاسي تنهنجي ياد بابا......... 😢

بابا روضو آھي اڄ ڪٿي آھين ڇو نٿو اچين اڳئي ته افطاري کان گھڻو اڳ پڇندو هوئين ته اڄ ڪهڙا ڪھڙا فروٽ آڻيان ۽ ڪيترا آڻيان, تريل شين فاسٽ فُوڊ ۾ ڇا ڇا ڪيترو آڻيان? بابا منهنجا اڄ ڪجھ به نٿو وڻي بس تون ئي هليو آ ائين ئي سهي پر اچ منهنجا بابا اچ, منهنجو روزو توکي ڏسڻ جو به آھي منهنجا بابا اچ ته افطاري ٿئي...!!!

بابا سهري کان افطاري تائين يڪو تنهنجو لاشعوري ۾ ذڪر و فڪر ۽ يادن جون لهرون پئي سوچن جي سمنڊ ۾ اڳتي پوئتي ٿيون آھن شام ڌاري تنهنجي ياد جي لهر سوچن جي سمنڊ ۾ سائڪلون پيدا ڪري دل و دماغ ۾ غيرمتحرڪ پيل سوچن کي اٿلائي پٿلائي مونکي ڏاڍو بيچين ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آھي بابا ڪٿي آھين, تون انتهائي پري پري پري پري هليو ويو آھين جتان ڪوئي واپس ناهي موٽيندو پر الاهي جي ڇو منهنجا بابا جاني مونکي اميد آھي آسرو آھي ۽ پڪ آھي الاهي جي ڇو تنهنجو ديد ٿيندو بابا اڃ افطاري ۾ وڏي بيقراري رهي ۽ تنهنجي ياد ڀاري رهي بابا ڪٿي هليو وين تون.
بابل تنهنجو لاڏ پيار, قُرب, پنهنجائپ جو احساس, هڪ شفيق ۽ محبت ارپيندڙ والد جي مهانتا, ڊانٽ, کل ڀوڳ مذاق مستي سڀ هڪ ئي پل ذھن جي پردي تي هلچل مچائي رهيون آھن, ڪو پل ڪهڙو ته ڪو پل ڪهڙو بابا بس تنهنجي ئي ياد طاري آھي ذھن تي ڪٿي آھين تون موٽي آ...

تنهنجي لاڏلي پياري ڌي
اُم رباب 😢😢😢

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...