Meva Ram Parmar

Friday, April 24, 2020

لُُوسيزم ڇا آھي

ميوارام پرمار


هن نظريي جا پوئلڳ پڙھيل ۽ آڻپڙھيل به آھن جيڪي سڄو ڏينهن سڄي رات ڪُتن وانگر وڏيرن, ڀوتارن, سرمائيدار, سياستدان ۽ نام نهاد اڳواڻن اڳيان پويا ڪُتن وانگر نُوس نُوس ڪندي نظر ايندا, هر فورم تي تن جي چاپلوسي, نمائندگي ۽ دلالي ڪندي نظر ايندا, پنهنجي ڏات, ذات, پڙھائي ۽ ورثي جي قرباني ڏئي اهي فرد فقط نام نهاد سماجي يا سياسي اڳواڻي ڪندي ڏينهن جو يا عوامي فورمن تي عوام جي حقوق جي ڳالھ ڪندي نظر ايندا ۽ لڪيل طور تي عوام جي شديد مخالفت, ڀوتارن جي دلالي ۽ عوام جي حق ڦٻڻ وارن جي ڀڙوت ڪندي نظر ايندا, اهي فرد ظاهري طور تي خُوش اخلاق ۽ عوام جي هر مسئلي ۾ ٽنگ اڙائڻ ۽ هر ڳالھ تي ٽٽ ڏيڻ جو فن رکن ٿا ۽ ٽڪي جو ڪم ڪري ويهن سالن تائين يرغمال ۽ احساسن ڳارائيندا پيا آھن, اهي ڳُجهي طرح ڀوتارن جي دلالي ڪجھ هن طرح  به ڪن ٿا ته انهن جي ناجائز پي خلاف ڪيل جذباتي نوجوانن جي پوسٽ, ڪمينٽ يا وڊيو ڀوتارن تائين پهچائن ٿا, اهي عوام جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي ۽ سماجي برائي ۾ ملندڙ هر ڪميشن ۾ بچندڙ ٽڪرن تي پلندڙ ڪُتا آھن, جن کي اميرن اڳيان ڪنڌ هيٺ ۽ غريبن اڳيان بلڊ پريشر وڌڻ جي بيماري هوندي آھ, اهڙي سوچ کي فرد کي لُوسي ۽ نظريي کي لُوسيزم چئبو آھي.

1 comment:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...