فيسبوڪي انقلابي جوڌا
تحرير ميوارام پرمار
ڪو مذهب پويان, ڪو فرقن پويان, ڪو تعليم پويان, ڪو سياست پويان, ڪو ثقافت پويان, ڪو بيروڪريسي پويان, ڪو روايتن پويان, ڪو سرڪاري ڪو خانگي ادارن پويان, اشخاص پويان, ڪو جمود ۽ جهمور پويان مطلب سڀ لڳا پيا آھن جُٺا پيا آھن, چار ڪتاب پڙھي هڪ ديڳ لاهي پنج روپيا خيرات ڏئي ڪو عبدالستار ايڌي, ڪو سيلاني جو مالڪ ڪو ڳامون سچار ڪو چي گويرا ٿيو ويٺو آهي, ڪيمٽ ڪرڻ وارا به وڏيرن ۽ بادشاهن جي غلامن وانگي جاهلاڻو طريقو اپنائيندو جي حضوري ڪندي سائينجن کي خوش رکندي نظر پيا ايندا آھن ۽ سائين پاڻ ته اڃان وڌيڪ هوا ۾ پيو اڏامندو عجيب خوشفهمي ۾ رهي پاڻ پڏائيندو پيو اچي.
ٻي طرف فيسبڪ کان ٻاهر نڪري حقيقي دنيا ۾ ڏسو ته ان ساڳين شعبي ۾ سائين پاڻ جو ڪيترو ڪردار رهيو آھي, عملي ميدان ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن ۽ ڪمينٽن وارا سماج کان باغي ۽ انقلاب جا ڪردار پاڻ ڪيترو ڪمينٽ جي دنيا کان نڪري حقيقي ڪم ڪيا آھن, ڪي ڇُڙواڳ عقل کان آجا منفي مثبت فائدي نقصان ٻنهي جڳھن تي ها هائو حاضر سائين جي رٽ لڳايو ويٺا هوندا آھن شخصيت پرسيت اهي غلام ٽولا ئي اهن کي اتسهائڻ جو اصلي ڪم ڪري مُڙس مارايو ڇڏين.
جمود, دقيانوسي سماجي روايتون, يرغمال نظام آھي ته آھي سچ ۾ آھي ان لي اوهانجي فيسبڪ جي گهوٻاٽن جي ڪا پرواھ ناهي, اوهان پنهنجي قد قابليت موجب عملي ميدان ۾ ڪجھ ڪم ڪريو, فيسبوڪ تي قلمي پورهيو فلمي پورهئي جي دائري ۾ اچي پيو جڪيو قول ۽ فعل ۾ تضاد جو بيان ڪري ٿو.

No comments:
Post a Comment