Meva Ram Parmar

Wednesday, August 22, 2018

مظلومن جي عيد

ڪيئن ڪيان مان عيد

ميوارام پرمار

ڪهڙي خوشي مونکي عيد جي
منتظر تنهنجي آھيان تنهنجي ديد جي
او بابا منهنجا تون موٽي ته اچي نٿو سگهين
چاچا ۽ ڏاڏا کي به ٻڌائجان
اڄ به اوهانجي نياڻي
منتظر آھ
اوهان سان انصاف لاء
در در ڀٽڪي ٿي پئي
آسرن اميدن ۽ واعدن پويان
من ڪٿي اوهان کي انصاف ڏياري
شل قاتلن کي عبرتناڪ سزا ملي
اميد جو ڏيئو اڄ به
ايڏي شديد طوفان کانپوء به
اجهاميو ناهي وساميو ناهي
مونکي اهو آٿت ڏي ٿو همٿ ڏي ٿو
هڪ ڏينهن انصاف جو سُورج طلوع ٿيندو
هر طرف روشني ڦھلهي ويندي
ظلمن جو انڌيرو ٿي ويندو
۽ هر سُو عيد جهڙيون
خوشيون هونديون مرڪون هونديون
وري ڪڏھن ڪو يتيم نه ٿيندو
وري ڪڏھن ڪو انصاف لاء
ايئن نه ڀٽڪندو
جيئن آء اڄ پئي ٿي ڀٽڪان
منتظر آھيان اڄ به
رکي سُکي عيد آھ
۽ آء ۽ گهر سنسان آھن
در و ديوار منتظر آھن
ان جا جنهن کي اچڻو ئي ناهي
جنهن کي وري ورڻو به ناهي
پر الاهي ڇو انتظار پوء به آھ
پر الاهي ڇو انتظار پوء به آھ

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...