منهن جي پڪائي
ميوارام پرمار
ڀلين روز پيا لاش کجن
ڀلين روز پيا ڌاڙا لڳن
ڀلين روز پيا پادر لڳن,
ڀلين روز پيون عزتون لُٽجن,
آء روايتي مذمت ۽ احتجاج ڪندم
جيڪو منهنجو جهموري حق آ
رڙيون ڪندم زور زور سان
جيڪو منهنجو خانداني ڪم آ,
ڏيکاءُ لاء آء هر وس استعمال ڪندم,
ڪُوڙا چار واڳون وارا لُڙڪ واهيندس,
هاٿي وارا اڳيان ڏند ڏيکاريندس,
جيڪو منهنجو خانداني ڪم آھي,
اها خانداني روايت ڪيئن ٽوڙيان,
اصلي سنڌي جو آھيان,
تهذيب هزار سالن جي ڪيئن ٽوڙيان,
سنڌ سان بيوفائي ڪيئن ڪيان,
پادر کائڻ جي روايت ابا ڏاڏن کان,
برقرار رکندم بُوٽ چٽڻ ۽ جي حُضوري,
مذمت, احتجاج, رڙيون ۽ مٿاڪُٽي,
منهنجو منشور, مقصد ۽ متن آھ,
ڇڏ مونکي لُڙڪ وهڻ ڏي,
لاش کڻڻ ڏي,
گاهُ سڪائڻ ڏي,
آء وفادار آھيان ڀوتار,
وري به تنهنجي پيرن ۾,
رهيو آھيان ۽ رهندس,
تنهنجي اٽي جي ٻوري لاء
ٽڪي جو ووٽ ڏيندو رهندس
تون ووٽ تي بيهي مُٽين
يا ويهي هنڳين,
منهنجو ووٽ تنهنجو آھ,
مجال آ مان جرئت ڪريان
حيف آ مان حق گهران,
آء بزدل آھيان
ها مظلوم ۽ معصوم آھيان,
آخر منهنجو اعلان ٻُڌ
مان تنهنجو نوڪر آھيان
نوڪر هوس نوڪر رهندس
قتل ڪرين يا تباھ ڪرين
ميوارام پرمار
ڀلين روز پيا لاش کجن
ڀلين روز پيا ڌاڙا لڳن
ڀلين روز پيا پادر لڳن,
ڀلين روز پيون عزتون لُٽجن,
آء روايتي مذمت ۽ احتجاج ڪندم
جيڪو منهنجو جهموري حق آ
رڙيون ڪندم زور زور سان
جيڪو منهنجو خانداني ڪم آ,
ڏيکاءُ لاء آء هر وس استعمال ڪندم,
ڪُوڙا چار واڳون وارا لُڙڪ واهيندس,
هاٿي وارا اڳيان ڏند ڏيکاريندس,
جيڪو منهنجو خانداني ڪم آھي,
اها خانداني روايت ڪيئن ٽوڙيان,
اصلي سنڌي جو آھيان,
تهذيب هزار سالن جي ڪيئن ٽوڙيان,
سنڌ سان بيوفائي ڪيئن ڪيان,
پادر کائڻ جي روايت ابا ڏاڏن کان,
برقرار رکندم بُوٽ چٽڻ ۽ جي حُضوري,
مذمت, احتجاج, رڙيون ۽ مٿاڪُٽي,
منهنجو منشور, مقصد ۽ متن آھ,
ڇڏ مونکي لُڙڪ وهڻ ڏي,
لاش کڻڻ ڏي,
گاهُ سڪائڻ ڏي,
آء وفادار آھيان ڀوتار,
وري به تنهنجي پيرن ۾,
رهيو آھيان ۽ رهندس,
تنهنجي اٽي جي ٻوري لاء
ٽڪي جو ووٽ ڏيندو رهندس
تون ووٽ تي بيهي مُٽين
يا ويهي هنڳين,
منهنجو ووٽ تنهنجو آھ,
مجال آ مان جرئت ڪريان
حيف آ مان حق گهران,
آء بزدل آھيان
ها مظلوم ۽ معصوم آھيان,
آخر منهنجو اعلان ٻُڌ
مان تنهنجو نوڪر آھيان
نوڪر هوس نوڪر رهندس
قتل ڪرين يا تباھ ڪرين
No comments:
Post a Comment