Meva Ram Parmar

Saturday, May 2, 2020

ملي واندڪائي: ميوارام پرمار

ملي واندڪائي

ميوارام پرمار

ٻيلي جلدي ٻڌا
ڇا ٿو چوين
سر کپائي ڇڏيو آ
واندن واندين
هر وقت ٿا ستائن
هي ڪم ڪر هو ڪر
مونکي ذرو به
واندو وقت ناهي
مونکي اڄ ڪراچي
سڀاڻي ماسڪو ۽ ٽوڪيو
پرهين بيروت کان استنبول
نيويارڪ کان ڪئناڊا وڃڻو آ
واپسي ۾ اتان کان
لنڊن, پئرس سڀ ڏسڻا آھن
وڏين وڏين هوٽلن ۾
سيمينارن ڪانفرنسن ۾
سمت ۽ ڪلاسن ۾
ليڪچر ڏيڻا ٻڌڻا آھن
منهنجي جهازن جي ڪمپني
ڪمپيوٽر, موبائل جي
اناج دالين جي ايڪسپورٽ امپورٽ
جهاز هڪڙا ائرپورٽ
ٻيا بيهن سي پورٽ تي
ٽرڪن ڪنٽينرن کان
ڳالھ چڙھيل آھ
ڳالُهائڻ لاء ته ٺهيو
ماء پي زال ٻارن لاء
وقت ناهي بس ناهي ڇو
ڪم ڪار ام دنيا جا ڪرڻا آھن
مرڻا پرڻا ڌرڻا ناهن
ڪم آھن ڪم
ڪم جيڪي نڪمن کان
ناهن ٿيڻا
اهي ڪندو آھيو
برحال تون ٻڌا
خير آ
ڪرونا اچي ويو آ
هان............!!!!
دنيا ساري ٿي وئي آ
تنهنجي ريت جي ديوارن
تي بڻيل خوابن جپ محل ڊھي
پٽ پيو آ
تنهنجا ڪم ڪار
سڀ بيڪار ٿي پيا آھن
تو جهڙا ڪروڙين هاڻ
ڌُوڙ پيا پائن
اوٻاسين جا ڪڙڪا
پيٽ سُڄي ويا آھن
ڪير ڳالهائڻ ته ٺھيو
هٿ ڏيڻ تي به
بندش آھي
تنهن لاء بس
ايترو چوانس ٿو
هاڻ ته سک.


4 comments:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...