پوليس
ميوارام پرمار
ڀيل ڪولهي شل هٿ نه اچي
واھ جا پوليس وارا کڻندي
ميگهواڙ اوڏ مڳي نه ڪن
هتي پوليس به ماٺ نه ڪندي
خرچي کان فشري تائين
ڪاغذن جي درستگي نه ڏسندي
ڀلي جي ايمرجنسي
ڊليوري, مريض ۽ معمول نه ڏسندي
گارين سان آجيان
بُجن سان الوداع ڪندي
متان نه موچارو ماڻھو اچي
گوڏن ڀر گسڪي
سلام ڪندي
سائين سائين ڪري
سلام مجرا ڪندي
ڀلين قانون پيو ٽوڙيندو اچي
يا بنا ڪاغذ جي گاڏي هلائي
جيئن وڻيس تئين ڪري
پوليس ويچاري متان چُري
پڇ لوڏڻ ۾ هڪ انچ نه ڦري
لاڪ ڊائون کي کڻي ڏس تون
سڀني سيٺين جا دڪان کليل آهن
خرچي تي ڪم هلن پيا
مٺا ويچارا ريڙھي, ڪئبن وارا
مزدور, هاري مٺا آھن سارا
ٻه اکيائي جي داستان ڊگهي
پوليس کي وڏي مڳي آ
هي اسانجي سياس پوليس
ٽئڪس برابر تي ڪري ريس
غريب غريبو اچي وڃي ٿو
جنهن جو سياسي ڀوتار نه آ
اُهو هتان ڪيئن بچي وڃي ٿو
جنهن جي جيب ۾ پتو هزار نه آ
ميوارام پرمار
ڀيل ڪولهي شل هٿ نه اچي
واھ جا پوليس وارا کڻندي
ميگهواڙ اوڏ مڳي نه ڪن
هتي پوليس به ماٺ نه ڪندي
خرچي کان فشري تائين
ڪاغذن جي درستگي نه ڏسندي
ڀلي جي ايمرجنسي
ڊليوري, مريض ۽ معمول نه ڏسندي
گارين سان آجيان
بُجن سان الوداع ڪندي
متان نه موچارو ماڻھو اچي
گوڏن ڀر گسڪي
سلام ڪندي
سائين سائين ڪري
سلام مجرا ڪندي
ڀلين قانون پيو ٽوڙيندو اچي
يا بنا ڪاغذ جي گاڏي هلائي
جيئن وڻيس تئين ڪري
پوليس ويچاري متان چُري
پڇ لوڏڻ ۾ هڪ انچ نه ڦري
لاڪ ڊائون کي کڻي ڏس تون
سڀني سيٺين جا دڪان کليل آهن
خرچي تي ڪم هلن پيا
مٺا ويچارا ريڙھي, ڪئبن وارا
مزدور, هاري مٺا آھن سارا
ٻه اکيائي جي داستان ڊگهي
پوليس کي وڏي مڳي آ
هي اسانجي سياس پوليس
ٽئڪس برابر تي ڪري ريس
غريب غريبو اچي وڃي ٿو
جنهن جو سياسي ڀوتار نه آ
اُهو هتان ڪيئن بچي وڃي ٿو
جنهن جي جيب ۾ پتو هزار نه آ

No comments:
Post a Comment