Meva Ram Parmar

Tuesday, April 7, 2020

ڪرونا وائرس فطرت جو انتقام: ميوارام پرمار

ڪرونا-فطرت پاران انتقام

ميوارام پرمار

ڪتاب رواداري ۾ پڙھيو هوم تنهن درويش پنهنجي چيلي کي وڻ مان هڪ پن وڍي اچڻ جو چيو ۽ چيلو پريشان ٿي ويو ته پن ڪهڙو وڍي? فُل سائو, اڌ سائو, ڦڪو سائو, سڪل, اڌ سڪل.....!! پريشان ٿي ويو برحال پوُري ٽاري وڍي ڇڏي يڪي جان ڇڏائي وري واپس اچڻ کان ۽ اچي پهتو گُرو وٽ,گُرو پن جي بدلي مڪمل ٽاري ڏسي انتهائي گهڻو ڪاوڙجي ويو ۽ سمجهائڻ لڳو ته توهان اهو پوري ٽاري وڍي آيا آھيو? خبر آ هي اوهان ڪائنات کي ڪيترو نقصان پهچائي آيا آھيو? ضُرورت کان وڌيڪ ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ, زور سان کلڻ, روئڻ, ٽپا ڏيڻ, شور ڪرڻ ۾ شامل آھن اهي به ڪائنات جي لاء نقصانڪار آھن, زور سان کنگهڻ ۽ ڇڪ ڏيڻ به نقصاڪار آھن.
پيارا دوستو مڃيو انسان اشرف المخلوقات آھي پر منهنجي نظر ۾ هي جنس قاتل المخلوقات ٿي پئي آ, وضاحت هر سال ڪروڙين جانور, پکي, پاڻي وارا جانور پنهنجي فائدي يا غير ارادي طور ماري ٿي, انسان جي نام نهاد قاتل المخلوقاتي ترقي جنهن وڻ وڍڻ سبب ڪروڙن جانور, پکي جيت ماري پٽ ڪري نسلن جا نسل ئي تباھ و برباد ۽ ناياب ڪري ڇڏيا آھن ته ٻي پاسي سرمائيدارانه ترقي جيڪا فيڪٽريز ۽ آئي ٽي جي شڪل ۾ نظر پئي اچي ڪڏھن سوچيو آ  هن سان انسان کي به ڪيڏو نقصان پهچايو آھي?  ٿورو آءُ پنهنجي ڪم عقلي ۽ گهٽ تجربي مطابق اوهان ٿورو ڪجھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس انڊين فلم زيرو پوائنٽ ٽُو مطابق جيتري تعداد ۾ زمين تي انسان آھن انهن کان الاهي ڪيترا ڀيرا وڌيڪ پکي ۽ پکين کان الاهي ڪيترا ڀيرا جيت وڌيڪ آھن ۽ هڪ تجربو اسان سڀني جي نظرن آڏو گُذريو به هوندو ته جڏھن ٽريڪٽر ٻني ۾ ڪيڻ هلائي ٿو ته سوين گلا-پکي ڪيڻ پويان ڊوڙيندي نظر ايندا آھن ۽ اسانجي گهرن جا پالتو جانور واري ۾ ڇا ته ڳولهي کائن ٿا? يقينن جيت ئي کائن ٿا مٽي يا واري نه? جڏھن اسان پکي  جانور کاڌي طور استعمال ڪريون ٿا ته پکي جيت کائن ٿا ۽ دوستو جيڪا ترقي پاڻ ڪيون پيا اها ان فلم مطابق اسانجا موبائل جيڪا انتهائي خطرناڪ لهرن ذريعي ٽاور سان گنڍيل آھن جنهن سان ڪروڙين پکي مري رهيا آھن ته ٻڌايو هي اسانجي ترقي آھ? جيڪر هي اسانجي ترقي آھ ته ڀلين پکي مرن ۽ اهي پکي مري ويندا ته ٻنين ۾ موجود فصل جيت کائي ويندا ۽ اسان انسان بک وڳي مري وينداسون اهو به سوچيو. گذريل مهينن ۾ اربن جي تعداد ۾ مڪڙ آيا اهو عذاب نه بلڪل انجو سائنٽيفڪ سبب به اهو ئي آھي.

ماحوليات  موسم جهڙي شعبن ۾ ڪم وارن مطابق اسان روز مره جي زندگي ۾ ڌرتي کي نقصان بي انتها نقصاب پهچائي رهيا آھيون جهڙو اربين ماڻهون روز سگريٽ ڇڪين, ڪروڙين گاڏيون هلن, لکين فيڪٽريون ڪارخانا ۽ بٺا هلن, ڪروڙن چُلھ ٻرن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ گند ڪچري جا ڍير سڙن, فالتو وڻ ساڙجن انسان گڏوگڏ ٻنين جو ڪچرو به ساڙيو پيو وڃي ۽ معدنيات جهڙوڪ ڪوئلو جي نيڪالي وڏو سبب آھي. اهي بنيادي شيون آھن جيڪي زمين جي گولي کي انتهائي خطرناڪ حد تائين نقصان پهچائي چڪا آھن.

اسان ترقي ته ڪئي آھ ڦيٿي ذريعي چنڊ تائين پهتاسين,  هڪڙي مشين وسيلي سون ماڻھن جو ڪم به ڪيون پيا, هڪ سيڪنڊ ۾ دنيا سان گنڍجون پيا پر ۽ گڏوگڏ انهن سڀني شين کي ترقي ناهي سڏبو اهو انهي ڪري ته ٻڌايو اهي ساڳيون شيون هجڻ باوجود زمين تي رهندڙ نوي سيڪڙو انسان ڇو اڄ به پٿر جي دور ۾ رهي پيو ڇا اها ترقي آھي?  ڇا ساڳيون شيون جنگي مقصد لاء نٿيون استعمال ٿين? مشينري جيڪا ٺھي سا به جنگي ساز و سامان طور استعمال ٿئي پئي ته آئي به ڇو انسان شُروع ۾ به وڙھندو رهيو پٿر,  لڪڙ, تير تلوار سان ته اڃ دور آئي زيرو ون جو جيڪو هڪ ڪلڪ بٽڻ سان دنيا تباۡھ ڪري سگهي ٿو ته ٻڌايو اسان ترقي ڪئي يا تباهي? اسان وڌيا آھيون, اڳتي هليا آھيون پر انسانيت اسان هزارين سال پوئتي ڇڏي ڏني.
انسان سمجهي ٿو ته هي ڪائنات انهي جي جاڳير آھ انهي ڀُل ۾ هن زمين کي گند ۽ نفرت ي فيڪٽري ٺاهي ڇڏي ۽ جتي پهچي ٿو اتي گند ٿو ڪندو وتي اسپيس کي ئي کڻي ڏسو اتي سوين خلائي جهاز ۽ مشيون نوڪلي اسپيس پاليوشن ڦھلائي ڇڏي آ. آسٽريليا جي جهنگلات جي باھ هجي يا آمريڪا جي جهنگلات جي,  ٿر جي کينوڻ هجي يا ٻئي ڪنن ملڪ جي, مڪڙن جو حملو هجي يا ٻيو ڪجھ, وائرس جو ڦھلا هجي يا بيمارين جو وچڙجڻ اهي سڀ شيون ڪائنات پاران انسانن کان کليو انتقام آھي ڇو جو اهو انسان کان علاو سڀني پکين جيتن جانورن ۽ وڻن جي مشُترڪڀ طاقت چئجي يا انهن جي شڪايت تي ٿيندڙ عمل.
انسان کي سمجهڻ کپي ته انسان جي اوتري ئي اوقات ۽ اهميت آ جيتري هڪ ماڪوڙي ۽ هڪڙي ٻُوٽي جي ۽ جڏھن مالڪ جي هر هڪ تخليق جي قدر, اهميت وڌي تڏھن وڃي ڪائنات پنهنجو بئلنس تسلسل جاري رکي سگهندي نه ته اهڙا ڪرونا ۽ آفتون معمول جو حصو هونديون جتي انسان پنهنجي ڪئي تي مٿو ڪُٽيندو ۽ باقي هر مخلوق اهو حشر ڏسندي.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...