Meva Ram Parmar

Tuesday, April 7, 2020

ڪرونا وائرس متعلق ڳوٺاڻي سوچ: ميوارام پرمار

ڪرونا وائرس
ڳوٺاڻي خيال تي مبني ليک
تحرير: ميوارام پرمار

اهي ڳوٺاڻا خاص ڪري ٿر واسي يا ملڪ سميت دنيا جي انهن بيابان ۽پوئتي پيل علائقن جا رهواسي جنهن پيڙهين کان برسات جي کڏن, کوٻن, ٽوڀن ترائين, نئين ۽ ٽانڪن ۾ گڏ ٿيل گونگين, جيتن ماڪوڙن ماڪوڙين ۽ ڪکن وارو پاڻي گڏ ڪري روز مره جي زندگي ۾ وهايو ۽ واپرايو آھي, جنهن ترائي يا ٽوڀي تي پاڻي ڀرڻ لاء اُٺ گهوڙي گڏھ ترائي جي اندر بيهاري جتي اُهو پيشاب به ڪري ٿو, کُر سميت اڌ ٽنگون به پُسائي ٿو ته لڏ يا گوٻر به ڪري ٿو ۽ اُتي جا رهواسي انهي جانور جي پُٺي تي اُهو گدلو پاڻي ڇاڻي پکال ۾ ڀري گهر کڻي استعمال ڪن ٿا, وقت جي وهڻ ۽ گُذري وڃڻ سان جدت نواڻ ايندي ٿي رهي انهي نواڻ ۾ ڪافي ڳوٺن ۾ بورنگ ۽ پاتال جي پاڻي جو استعمال به ٿيندو رهيو آھي جيڪو پاڻي چيڪ ڪرڻ وارن, انساني حقن ۽ حڪومتي ادارن موجب نڪو اڳيون ترائين نڪو اهو پاتال جو پاڻي استعمال جوڳو آھي.
جيڪي اڄ به وائرس کي وائسرا ۽ وائرليس يا ٻيو ڪو نالو کڻي ٺٺول سان چوندا وتن ٿا ته اسانجي ابن ڏاڏن سدائين ڪپڙا به ڏھين پندرهين ڏينهن مٽايا, لسي کير خُشڪ ڪري سالن تائين استعمال ڪيو, پن ڪک ڀُرٽ ڪُٽي ۽ ٻيرڙي جا پن ڪٽي کاڌا ۽ جانورن جي پيشاب ۽ گوٻر مليل پاڻي پيتو ۽ طاقت جو اندازو به ٻڌائين پيا ته ٻه ٽي مڻن جون ٻوريون اڪيلا کڻي ويندا ۽ ميل پنڌ بنا ساهي جي کڻي نڪرندا هيا, پنڌ جا به ڏاڌا, ڪم جا به ڏاڍا ۽ جسماني ڍانچو به سخت ۽ وڙھڻ يا راند ڪرڻ ۾ به سگهارا هوندا هيا ۽ عمريون به ڏسو سئو سئو کان وڌيڪ گُذاري ويا اُنهن مجال آ ڪو سُوگ ڪيو هجي, مجال آ ڪڏھن انهن ڊاڪٽرن جون گوريون کاڌيون هجن مجال آھ انهن بيماري جو بهانو يا شُگر, بلڊ پريشر جهڙين عام بيمارين جو بهانو ٺاهي بسترو جهليو هجي حالانڪه انهن اهڙين بيمارين جا نالا به هاڻ ٻڌا آھن جڏھن انهن جا هم عمر ۽ هم عصر ڪيئي پرلوڪ پڌاري ويا.
اڄ جي ٽهي کي ماڪس کپن, کيسي ۾ لپ گوريون کپن, ورزش کپي, احتياط کپي ۽ چانھ ڦڪي سميت ڪيئي جتن ٿا ڪرڻا پون جڏهن ته هن وقت جي ڀيٽ ۾ اڳئي هوندو ئي ڇا هيو کائڻ پيئڻ لاء بس جانورن جا ولر هوندا هيا چانھ جو تصور ئي نه هيو نج کير,  دهي, گيھ ۽ لسي پيئڻ ۽ گيھ,  مکڻ سان بسلاڻ ۽ ماني کائبي هئي اهو به ڪڏھن ڪڏھ اڪثر ته ماني به رکي ۽ مرچن سان سو به سُڪين مرچن سان ۽ انهي حالت ۾ جيڪر بُکار به آيو ته بکار پاڻ ذليل ٿي نڪتو اڄ جي ٽھي کي بکار اچي ٿو ته ڏھ قسم جون ٽيسٽون ۽ اڳئي فقط هڪ ئي ٽيسٽ ۽ اهو ئي علاج هوند هيو سو هيو مرچن جي چٽڻي يا سڪل مرچن سان ماني رول ڪري کائيندي کائيندي ٻني تي نڪرڻ يا ڏکيو ڪوڏر جو ڪم ڪرڻ ۽ سٽ سان بکار رڙيون ڪري نڪري ويندو هيو هي هيو اسان اڻپڙهيل جو نسخو.

ٻيو ته ٺھيو اڳي ڊاٽڪر ئي هئا ڪٿي? اهي ٽيسٽون? اهي اسٽور اهي ڪمپونڊر? سڀ ڍونگ آ سڀ ڊرامو آھ سڀ انسانن کي لُٽڻ ۽ ڦُرڻ جا طريقا آھن,  اڳئي عورت ڦڪي ٿيندي ڄڻڻ وقت ٻي عورت کي به نه ٻڌائيندي هئي هروڀرو سس ۽ دائي انهن تي نظر رکنديون هيون ۽ هاڻ ڊاٽڪر کي گهرايو ته ڪاسائي ڪهاڙي کڻي بيٺو آ ذري تڪيلف سان ٻار پيدا ٿيڻ وارو سڌو وڏا گهاءُ ڪري ڪهي ٻار ۽ ماءُ کي ايذايو پيو وڃي.

الرجي وري ڇاهي? هر ڪو يونيورسٽي پڙھيو اچي ته بس ماٺ ڀلي گهر جو پاڻي ئي نٿو پيئي مرنل واٽر ٿو پيئي الاهي ڇا اڳئي ته اهو پيشاب وارو هٿن مان ڦُرائي پي ويندو هو انهن ماسترن الاهي ڇا ڏيکاريو الاهي ڇا سيکاريو گهر جي ٽُڪري به نٿو کائي ۽ الاهي ڇا پيجا ٿو کائي ۽ آڦرندو ٿو وڃي ۽ ڌنڌو ٿي ٿو نه چُري سگهي ٿو.
اسان وٽ ۽ اسان جي وڏڙن وٽ اهي ڪجھ به ڪونه هيو اهڙو ۽ اهڙو وائسر به ڪونه هيو هي وري نئون پيا ٻڌون الاهي ڇا ڪندو?  ۽ ڪندو به وري ڇا ڪري به ڇا سگهندو? حقيقت کان بيخبر ڳوٺاڻو ڊرامي کان علاوه ڪجھ به نٿو سمجهي هن ڪرونا وائرس کي.

No comments:

Post a Comment

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...