Meva Ram Parmar

Monday, April 20, 2020

ڪرونا-ٽچ بيماري

ڪرونا (ٽچ بيماري)
ميوارام پرمار

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

ٻڍڙا جوان نه ٻار ڏسي ٿي
جنهن کي ڏسي ٿي اتي دسي ٿي
هٿ لڳائڻ سان چوي اچ بيماري

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

شھرن جا شھر سڀ ويران آھن
آمريڪا,يورپ توڻي ايران آھن
شھرن ۾ ڏئي ويو جهڙو رڇ ٻهاري

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

هر ڪو پنهنجي گهر ٻڌل آھي
هٿ ڌوئي کٽ صوفي ستل آھ
ڏيکاري ڇڏي انسان کي سچ ڪراري

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

بيماري اها ته ائين پکڙي پئي
ڪڙي سان ڪڙي ائين جُڙي پئي
نمبر به ڪري پئي ڳچ بيماري

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

علاج هن جو ڳولهيو نه لڀي ٿو
وڏو کان وڏو ادارو ڪپي پيو
رکي وائبريشن تي سڀني کي ٽچ بيماري

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

ڪم ڪار سڀني کي ڇڏائي
گهرن ۾ سڀني کي پُورائي
راشن کائي سياسي رڇ فراري

هاڻ ته اچي وئي ٽچ بيماري
ڪم ڪري پئي ڳچ بيماري

2 comments:

Double Gold Medalist Lubna Khoso

 By: Meva Ram Parmar Ms. Lubna Khoso From Karachi, Sindh She was born on 25 August at Central Luzon State University (CLSU), colony, Philipp...